Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 8:7 - Hindu Sindhi Bible

7 انهيءَ جو سبب هي آهي تہ انساني فطرت واري سوچ ايشور جي دشمن آهي، ڇاڪاڻ تہ اها نہ ايشور جي حڪمرانيءَ جي وس هيٺ آهي، نڪي ٿي سگھي ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 ڇالاءِ تہ جسماني نيت خدا سان دشمني آهي؛ جو اُها نڪي خدا جي شريعت جي تابع آهي نڪي ٿي سگهي ٿي:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 انهيءَ جو سبب هي آهي تہ انساني فطرت واري سوچ خدا جي دشمن آهي، ڇاڪاڻ تہ اها نہ خدا جي حڪمرانيءَ جي تابع آهي، نڪي ٿي سگھي ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

7 انساني نيت خدا جو دشمن بڻائي ٿي، ڇالاءِ⁠جو اھا نيت نہ شريعت جي تابع آھي ۽ نڪي تابع ٿي سگھي ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 8:7
28 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو اي نانگ جا ٻچؤ! اوهين ڪيئن چڱيون ڳالهيون چئي سگھو ٿا، جڏهن تہ اوهين پاڻ بڇڙا آهيو. ڏسو، دل ديڳڙو زبان ڏوئي، جيڪي هجي اندر ٻاهر ڪڍي سو ئي.


تنهنڪري جيڪو انهيءَ جي ڪنهن ننڍڙي حڪم کي بہ رد ڪندو ۽ ٻين ماڻهن کي پڻ ائين ڪرڻ سيکاريندو، سو آڪاش جي راڄ ۾ سڀني کان ننڍو سڏبو. پر جيڪو انهن تي عمل ڪندو ۽ ٻين کي بہ ائين ئي ڪرڻ سيکاريندو تہ اهو آڪاش جي راڄ ۾ وڏو سڏبو.


سنسار اوهان کان نفرت ڪري نہ ٿو سگھي پر اهو مون کان نفرت ڪري ٿو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ هن کي ٻڌائيندو رهيو آهيان تہ هن جا ڪم بڇڙا آهن.


جهڙيءَ طرح هنن ايشور کي مڃڻ کان منهن موڙيو، تهڙيءَ طرح ايشور بہ کين گندي سوچ ۾ ڇڏي ڏنو، تہ ڀلي وڃي نالائقيءَ وارا ڪم ڪن.


گلاخور، ايشور کان نفرت ڪندڙ، بي‌ادب، مغرور، ٻٽاڪي، برايون پيدا ڪندڙ، ماتا پتا جي نافرماني ڪندڙ،


پوءِ هن جو مطلب اهو ٿيو ڇا تہ اسين وشواس رکڻ جي ڪري نيم کي رد ٿا ڪريون؟ هرگز نہ. اسين تہ انهيءَ سان نيم کي قائم ٿا ڪريون.


اڳي ايشور جا دشمن هئڻ جي باوجود اسان جو سندس پٽ جي موت جي وسيلي ساڻس ميل ميلاپ ٿي ويو. هاڻي جڏهن تہ اسان جو ايشور سان ميل ميلاپ ٿي ويو آهي، تڏهن اها ڳالهہ ڪيڏي نہ يقيني آهي جو سندس پٽ جي جيون جي وسيلي اسين بچي وينداسين.


منهنجي دل تہ ايشور جي نيم مان خوش آهي،


اهو ايشور انهيءَ لاءِ ڪيو تہ اسان ۾ نيم جي سچائي پوري ٿي وڃي، جيڪي انساني فطرت موجب نہ پر پوِتر آتما موجب جيون گذاريون ٿا.


پر جنهن ماڻهوءَ کي پوِتر آتما مليل نہ آهي، سو ايشور جي پوِتر آتما جون ڳالهيون قبول نہ ٿو ڪري، ڇاڪاڻ تہ اهي هن جي نظر ۾ مورکتا آهن. هو انهن کي سمجھي نہ ٿو سگھي، ڇاڪاڻ تہ اهي پوِتر آتما جي وسيلي ئي پرکي سگھجن ٿيون.


غير قومون جيڪي نيم کان سواءِ آهن، تن لاءِ آءٌ انهن جهڙو بڻيس تہ جيئن کين هٿ ڪريان، جيتوڻيڪ آءٌ پاڻ ايشور جي نيم کان سواءِ ڪين هئس. اهو ائين جو آءٌ مسيح جي نيم جو پابند هئس.


ڪنهن وقت اوهين ايشور جي شرڻ کان ٻاهر هئا ۽ بري سوچ رکندي بڇڙا ڪم ڪرڻ سبب سندس دشمن هئا.


ائين نہ ٿئي جو ڏيکاءَ واري نِوڙت ۽ دوتن جي پوجا ڪرڻ وارو ڪو ماڻهو زور ڀري اوهان کي مسيح ۾ جيون گذارڻ وارو انعام کٽڻ کان رهائي وجھي. اهڙو ماڻهو درشن جي ڳالهين کي اجائي اهميت ڏيئي پنهنجي شريري عقل تي ڦونڊجي ٿو.


اهي دغاباز، اُٻهرا، وڏائيءَ ۾ ڦونڊيل ۽ ايشور جي بدران عيش عشرت جا ڳولائو هوندا.


پر هاڻ آءٌ پرميشور چوان ٿو تہ جيڪو وچن آءٌ بني اسرائيل سان اچڻ وارن ڏينهن ۾ ٻڌندس، سو هن طرح ٻڌندس جو آءٌ پنهنجا قانون هنن جي ذهنن ۾ وجھندس، ۽ اهي سندن دلين تي بہ لکندس. آءٌ سندن ايشور هوندس، ۽ هو منهنجي قوم هوندا.


اي بي‌وفا انسانؤ! ڇا اوهين نہ ٿا ڄاڻو تہ سنسار جي دوستي ايشور سان دشمني آهي؟ تنهنڪري جيڪو ماڻهو سنسار جو دوست ٿيڻ ٿو گھري، سو پاڻ کي ايشور جو دشمن ٿو بڻائي.


اهي زناڪاريءَ لاءِ هر وقت نارين کي بري نظر سان پيا ڏسن ۽ پاپن کان بس نہ ٿا ڪن. جيڪي ڪمزور وشواس وارا آهن، تن کي هو غلط ڪمن ۾ شريڪ ڪرڻ لاءِ ڦاسايو ٿا وٺن. اهي لالچ ڪرڻ جا ماهر ۽ لعنتي آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ