Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 8:33 - Hindu Sindhi Bible

33 ڪير آهي جيڪو ايشور جي چونڊيل ماڻهن تي تهمت هڻندو؟ جڏهن تہ ايشور خود انهن کي پاڻ ڏانهن سچار ٿو بڻائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

33 ڪير خدا جي چونڊيلن تي ڪنهن بہ ڳالهہ جو الزام آڻيندو؟ خدا اُهو آهي جو کين راستباز ٿو ٺهرائي؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

33 ڪير آهي جيڪو خدا جي چونڊيل ماڻهن تي تهمت هڻندو؟ جڏهن تہ خدا خود انهن کي پاڻ ڏانهن سچار ٿو بڻائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

33 خدا جي چونڊيل ماڻھن تي ڪير تھمت ھڻندو؟ جڏھن خدا خود انھن کي پاڻ ڏانھن سچار ٿو بڻائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 8:33
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇاڪاڻ تہ اهڙا ڪوڙا ماڻهو ظاهر ٿيندا جيڪي پاڻ کي مسيح يا ايشور جو سنديش ڏيندڙ سنت سڏائيندا. اهي وڏيون نشانيون ڏيکاريندا ۽ حيرت جهڙا ڪم ڪندا، انهيءَ مقصد لاءِ تہ جيڪڏهن کانئن ٿي سگھي تہ ايشور جي چونڊيلن کي بہ ڀَٽڪائي ڇڏين.


تہ پوءِ ايشور پنهنجي چونڊيلن سان انصاف نہ ڪندو ڇا، جيڪي رات ڏينهن کيس ٻاڏائين پيا؟ ڇا هو انهن جي مدد ڪرڻ ۾ دير ڪندو؟


پر هاڻي هو ائين نہ ٿو ڪري. انهيءَ جي بدران پنهنجي سچائي ڏيکاريندي ايشور اهو ظاهر ٿو ڪري تہ هو سچو آهي ۽ هر انهيءَ ماڻهوءَ کي پڻ پاڻ ڏانهن سچار ڪري ٿو، جيڪو يسوع تي وشواس آڻي ٿو.


پر هاڻ جيڪي يسوع مسيح ۾ آهن، سي پاپي هئڻ جي فيصلي کان آزاد آهن.


انهيءَ ڳالهہ جي پوِتر شاستر اڳڪٿي بہ ڪئي آهي تہ ايشور غير قومن کي وشواس آڻڻ جي وسيلي پاڻ ڏانهن سچار بڻائيندو. هائو، هن اڳي ئي اها خوشخبري ابرهام کي ٻڌائي ڇڏي هئي تہ ”تنهنجي وسيلي سڀني قومن کي آسيس ملندي.“


اي ڀائرو ۽ ڀينرون، اي ايشور جا پيارؤ! اهو ڄاڻيندي اسين ايشور جو شڪر ٿا ڪريون تہ هن اوهان کي چونڊي ورتو آهي.


هي خط مون پولس جي طرفان آهي، جيڪو ايشور جو داس ۽ يسوع مسيح جو خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت آهيان. آءٌ انهيءَ ڪري مقرر ڪيو ويو آهيان تہ جيئن وشواس ۾ مضبوط رهڻ لاءِ ايشور جي چونڊيلن جي رهنمائي ڪريان ۽ کين انهيءَ سچائيءَ جي پوريءَ طرح ڄاڻ ڏيان، جيڪا ڌرمچاريءَ جو رستو ٿي ڏيکاري.


ايشور پتا پنهنجي ارادي موجب اڳ ۾ ئي پوِتر آتما جي وسيلي اوهان کي مخصوص ڪري چونڊيو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين يسوع مسيح جا فرمانبردار ٿيو ۽ سندس رت ڇٽڪارڻ سان پوِتر ڪيا وڃو. شل اوهان تي ڪرپا ۽ شانتي وڌندي رهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ