Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 8:27 - Hindu Sindhi Bible

27 ايشور جيڪو دلين جو پرکڻ وارو آهي سو ڄاڻي ٿو تہ پوِتر آتما ڇا ٿي چاهي، يعني پوِتر آتما سندس مرضيءَ موجب مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن جي سفارش ٿي ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

27 ۽ جيڪو دلين جي پرکڻ وارو آهي سو ڄاڻي ٿو تہ روح جي نيت ڪهڙي آهي، ڇالاءِ جو هو خدا جي مرضيءَ موجب پاڪ ٿيلن جي شفاعت ٿو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

27 خدا جيڪو دلين جو پرکڻ وارو آهي سو ڄاڻي ٿو تہ پاڪ روح ڇا ٿو چاهي، يعني پاڪ روح سندس مرضيءَ موجب مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن جي سفارش ٿو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

27 خدا دلين جو مالڪ آھي، سو ھو ڄاڻي ٿو تہ پاڪ روح جو ارادو ڪھڙو آھي، ڇالاءِ⁠جو پاڪ روح خدا جي مرضيءَ موجب سندس قوم جي شفاعت ٿو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 8:27
28 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو انهن وانگر نہ ٿيو، ڇاڪاڻ تہ اوهان جو پتا اوهان جي گھرڻ کان اڳ ۾ ئي ڄاڻي ٿو تہ اوهان کي ڇا گھرجي.


تڏهن يسوع انهن کي چيو تہ ”اوهين انهن منجھان آهيو جيڪي ماڻهن جي اڳيان پاڻ کي سچار ڏيکارين ٿا، پر ايشور اوهان جي دلين کي ڄاڻي ٿو، ڇاڪاڻ تہ جيڪو ماڻهن جي ليکي چڱو آهي، سو ايشور جي نظر ۾ ڪراهت جهڙو آهي.“


تنهنڪري اوهين منهنجي نالي تي جيڪي بہ گھرندا سو آءٌ ڏيندس، تہ جيئن پتا جي جوت پٽ جي معرفت ظاهر ٿئي.


وري ٽيون دفعو بہ هن کانئس پڇيو تہ ”اي شمعون، يوحنا جا پٽ! ڇا تون مون سان پيار ڪرين ٿو؟“ تنهن تي پطرس کي ڏک ٿيو، ڇاڪاڻ تہ هن ٽيون دفعو کانئس پڇيو هو تہ ”ڇا تون مون سان پيار ڪرين ٿو؟“ پوءِ پطرس چيس تہ ”اي پرڀو! اوهان کي سڀني ڳالهين جي سڌ آهي ۽ اوهين چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا تہ آءٌ اوهان سان پيار ڪريان ٿو.“ يسوع چيس تہ ”پوءِ منهنجي رڍن کي وڃي چار.


پوءِ انهن پرارٿنا ڪئي تہ ”اي پرڀو! تون سڀني ماڻهن جي دلين کي ڄاڻين ٿو، سو اسان کي ٻڌاءِ تہ تو هنن ٻن مان ڪنهن کي چونڊيو آهي تہ


ايشور جيڪو دلين جو ڄاڻڻ وارو آهي، تنهن اسان وانگر غير قومن تي بہ پوِتر آتما پرگھٽ ڪرڻ سان سندن وشواس آڻي قبول پوڻ جي شاهدي ڏني آهي.


ڪير آهي جيڪو اسان کي پاپي قرار ڏيندو؟ جڏهن تہ يسوع مسيح خود اسان جي خاطر پنهنجي جان ڏني، بلڪ مئلن مان وري جيوت ٿي اٿيو. هو ايشور جي ساڄي پاسي آهي ۽ اسان جي سفارش پيو ڪري.


انساني فطرت واري سوچ موت آهي، پر پوِتر آتما واري سوچ جيون ۽ ايشور سان ميل ميلاپ آهي.


ائين مسيح جي ئي وسيلي اسان ٻنهي يعني يهودين ۽ غير يهودين کي ساڳيءَ ئي پوِتر آتما ملڻ سان پتا تائين پهچ حاصل ٿي آهي.


ان جي ابتڙ ايشور اسان کي لائق قرار ڏيئي خوشخبريءَ جو سنديش جيئن اسان جي حوالي ڪيو آهي، تيئن ئي اسين بيان ٿا ڪريون. اسين ماڻهن کي نہ پر ايشور کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ٿا ڪريون، جيڪو اسان جي دلين کي پرکي ٿو.


ڪابہ رچيل شيءِ ايشور کان لڪل ڪانهي، بلڪ جنهن کي اسين حساب ڏينداسين تنهن جي نظر ۾ سڀ شيون بنا پردي ۽ کُليل آهن.


تنهنڪري پنهنجا پاپ هڪٻئي اڳيان باسيو ۽ هڪٻئي لاءِ پرارٿنا ڪريو تہ جيئن ڇٽي چڱا ڀلا ٿيو، ڇاڪاڻ تہ سچار ماڻهوءَ جي پرارٿنا نهايت اثر واري ٿئي ٿي.


هائو، آءٌ انهيءَ ناريءَ جي پوئلڳن کي ماري ڇڏيندس ۽ پوءِ سڀيئي وشواسي منڊليون ڄاڻي وٺنديون تہ آءٌ ئي دلين ۽ دماغن کي پرکڻ وارو آهيان ۽ آءٌ ئي اوهان مان هر هڪ کي سندس عملن جو بدلو ڏيندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ