Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 8:26 - Hindu Sindhi Bible

26 انهيءَ اميد سان گڏوگڏ پوِتر آتما بہ اسان جي ڪمزوريءَ ۾ مدد ٿي ڪري. جيئن تہ اسين نہ ٿا ڄاڻون تہ ڪهڙي مناسب پرارٿنا ڪريون، سو پوِتر آتما پاڻ بيان کان ٻاهر آهون ڀري ڀري اسان جي سفارش پيئي ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

26 ۽ ساڳيءَ طرح روح بہ اسان جي ڪمزوريءَ ۾ مدد ٿو ڪري: ڇوتہ اسان کي خبر نہ آهي تہ ڇا جي لاءِ، ۽ ڪهڙيءَ طرح دعا گهُرون؛ پر روح پاڻ اندر جي اُڌمن سان اسان جي شفاعت پيو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

26 انهيءَ اميد سان گڏوگڏ پاڪ روح بہ اسان جي ڪمزوريءَ ۾ مدد ٿو ڪري. جيئن تہ اسين نہ ٿا ڄاڻون تہ ڪهڙي مناسب دعا گھرون، سو پاڪ روح پاڻ بيان کان ٻاهر آهون ڀري ڀري اسان جي سفارش پيو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

26 ساڳيءَ طرح پاڪ روح بہ اسان جي ڪمزوريءَ ۾ مدد ٿو ڪري، ڇوتہ اسان کي خبر نہ آھي تہ ڇا جي لاءِ ۽ ڪھڙيءَ طرح دعا گھرون. پر پاڪ روح پاڻ اندر جي اُڌمن سان اسان جي شفاعت پيو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 8:26
33 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇاڪاڻ تہ جيڪي ڳالهيون اوهين ڪندا سي اوهان جون نہ هونديون، پر اوهان جي پتا جي آتما اوهان جي وسيلي اهي ڳالهيون ڪندي.


تڏهن يسوع سندس ٻنهي پٽن کي مخاطب ٿي چيو تہ ”اوهين نہ ٿا ڄاڻو تہ ڇا گھري رهيا آهيو. ڇا اوهين اهو پيالو پي سگھندا جيڪو آءٌ پيئڻ وارو آهيان؟“ انهن وراڻيو تہ ”هائو، ائين ڪري سگھون ٿا.“


جيئن تہ هو ڏاڍو پريشان هو تنهنڪري هو اڃا بہ وڌيڪ جوش سان پرارٿنا ڪرڻ لڳو، جو سندس پگھر رت جي ڦڙن وانگر زمين تي ڪري رهيو هو.


آءٌ پتا کي وينتي ڪندس تہ هو اوهان کي هڪ ٻيو مددگار ڏيندو، جيڪو هميشہ تائين اوهان سان رهندو.


انهيءَ کان علاوہ اسان مان جن جو وشواس مضبوط آهي سي ڪمزور وشواس وارن جي ڪمزورين کي برداشت ڪن ۽ پنهنجي مرضيءَ تي نہ هلن.


سو آءٌ ڪيڏو نہ نڀاڳو ماڻهو آهيان! مون کي اهڙي شرير کان ڪير ڇڏائيندو جنهن جي وسيلي موت ايندو؟


ڏسو، اوهان کي اها آتما نہ ملي آهي جيڪا اوهان کي وري ڊپ جو غلام بڻائي. پر اوهان کي اها آتما ملي آهي جنهن جي وسيلي اوهين ايشور جا ٻار مقرر ڪيا ويا آهيو. انهيءَ آتما جي ڪري اسين سڀيئي ايشور کي ”پتا، اي پتا!“ ڪري ٿا پڪاريون.


سو هن ڪچي گھر ۾ ڪنجھندي اسين اها وڏي تمنا پيا رکون تہ پنهنجي آڪاشي گھر کي پوشاڪ وانگر پهري ڇڏيون.


جيستائين اسين هن جھوپڙيءَ ۾ رهندي بار هيٺان دٻيل آهيون، تيستائين ڪنجھندا پيا رهون. انهيءَ جو اهو مطلب نہ آهي تہ اسين موجودہ شرير کي ڇڏڻ ٿا چاهيون، بلڪ اسين آڪاشي گھر کي ان مٿان پوشاڪ وانگر پهرڻ ٿا چاهيون، تہ جيئن هي ناس ٿيندڙ شرير جيون ۾ بدلجي وڃي.


جيئن تہ اوهين ايشور جا ٻار آهيو، تنهنڪري ايشور پنهنجي پٽ جي آتما اوهان جي دلين ۾ بہ موڪلي آهي. اها پوِتر آتما ”پتا، اي پتا!“ چئي پڪاري ٿي.


ائين مسيح جي ئي وسيلي اسان ٻنهي يعني يهودين ۽ غير يهودين کي ساڳيءَ ئي پوِتر آتما ملڻ سان پتا تائين پهچ حاصل ٿي آهي.


پوِتر آتما جي هدايت سان هر وقت ۽ هر حالت ۾ پرارٿنا ۽ منٿ سان ايشور کان مدد گھرندا رهو. مسيح ۾ سڀني چونڊي پوِتر ڪيلن لاءِ بہ هميشہ ائين ئي پرارٿنا ڪندا رهو، انهيءَ لاءِ سجاڳ رهو ۽ همت نہ هاريو.


اهو اهڙو سردار ڪاهن ناهي جيڪو اسان جي ڪمزورين ۾ اسان جو همدرد نہ ٿي سگھي، پر هو اهڙو آهي جيڪو اسان وانگر هر طرح سان آزمايو ويو، تڏهن بہ پاپي نہ رهيو.


هو جاهلن ۽ ٺڳجي ويندڙن سان نرميءَ واري هلت ڪري ٿو، ڇو تہ هو پاڻ بہ ڪمزوريءَ ۾ ڦاٿل آهي.


پر جڏهن اوهين کانئس گھرو بہ ٿا تڏهن بہ ڪونہ ٿو مليوَ، ڇو تہ اوهين بري نيت سان ٿا گھرو، تہ جيئن پنهنجي عيش عشرت ۾ خرچ ڪريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ