Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 8:24 - Hindu Sindhi Bible

24 انهيءَ اميد سان اسان کي مڪتي ڏني ويئي. پر جيڪڏهن اها شيءِ ڏسڻ ۾ اچي، جنهن جي اميد رکجي ٿي تہ پوءِ اميد ڇا جي؟ ڇا ڪو اهڙو ماڻهو آهي جيڪو ڪا شيءِ ڏسي ۽ پوءِ بہ انهيءَ لاءِ اميد رکي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

24 ڇالاءِ تہ انهيءَ اُميد جي لاءِ اسان کي نجات ملي. پر جنهن شيءِ جي اُميد اٿئون سا جي ڏسڻ ۾ اچي تہ پوءِ اُميد ڇا جي؟ ڇو جو اهڙو ڪير آهي، جو ڪا شيءِ ڏسي، پوءِ بہ انهي لاءِ اُميد رکي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

24 انهيءَ اميد سان اسان کي ڇوٽڪارو ڏنو ويو. پر جيڪڏهن اها شيءِ ڏسڻ ۾ اچي، جنهن جي اميد رکجي ٿي تہ پوءِ اميد ڇا جي؟ ڇا ڪو اهڙو ماڻهو آهي جيڪو ڪا شيءِ ڏسي ۽ پوءِ بہ انهيءَ لاءِ اميد رکي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

24 سو اسان کي اميد جي وسيلي ئي تہ ڇوٽڪارو مليو. پر جنھن شيءِ جي اميد ھجي سا جيڪڏھن ڏسڻ ۾ اچي تہ پوءِ اميد ڇا جي؟ ڇا ڪو اھڙو ماڻھو آھي جيڪو ڪا شيءِ ڏسي ۽ پوءِ بہ انھيءَ لاءِ اميد رکي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 8:24
29 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اميد ۾ خوش رهو، مصيبت ۾ صبر ڪريو ۽ پرارٿنا ڪرڻ ۾ هميشہ مگن رهو.


هاڻ جڏهن تہ اوهين وشواس تي قائم آهيو، تڏهن شل اميد بخشيندڙ ايشور اوهان کي خوشيءَ ۽ شانتيءَ سان ڀرپور ڪري، تہ جيئن پوِتر آتما جي شڪتيءَ سان اوهان جي اميد ۾ گھڻو واڌارو ايندو وڃي.


جيڪي بہ ڳالهيون اڳي لکيون ويون آهن، سي اسان جي سکيا لاءِ آهن، تہ جيئن ثابت قدميءَ مان ۽ پوِتر شاستر کان مليل حوصلي مان اسان کي اميد حاصل ٿئي.


ابرهام نااميديءَ جي حالت ۾ بہ اميد رکي ايشور تي وشواس رکيو ۽ گھڻين قومن جو پتا بڻيو، جيئن ايشور وچن ڪيو هئس تہ ”تو کي ايترو ئي گھڻو اولاد ٿيندو.“


اسان جي وشواس جي وسيلي مسيح اسان کي ايشور جي انهيءَ ڪرپا تائين پهچايو آهي، جنهن تي اسين قائم آهيون. اسين انهيءَ اميد تي فخر ٿا ڪريون تہ ايشور جي جوت ۾ شريڪ ٿينداسين.


جيتوڻيڪ سڄي رچنا پنهنجي رچنا وارو مقصد وڃائي ويٺي آهي، جيڪو سندس مرضيءَ سان نہ ٿيو پر ايشور کيس پنهنجي لعنت هيٺ آندو، تنهن هوندي بہ کيس اها اميد ڏني ويئي


مطلب تہ وشواس، اميد ۽ پريم، اهي ٽيئي اٽل آهن. پر انهن ٽنهي مان پريم اُتم آهي.


سو اسين ڏٺل شين تي نہ، پر اڻ‌ڏٺل شين تي نظر ڪريون ٿا، ڇاڪاڻ تہ جيڪي شيون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون سي عارضي آهن ۽ جيڪي نہ ٿيون ڏسجن سي امر آهن.


مطلب تہ اسين جيڪو جيون گذاري رهيا آهيون سو وشواس رکڻ جي وسيلي آهي، اکين سان ڏسڻ جي ڪري نہ.


پر اسين پوِتر آتما جي وسيلي وشواس آڻڻ جي ڪري ايشور ڏانهن سچار بڻايا وينداسين. انهيءَ اميد جي پوري ٿيڻ جو اسين وڏي چاهہ سان انتظار ڪري رهيا آهيون.


پر شرط هي آهي تہ جيڪا خوشخبري اوهان ٻڌي آهي تنهن جي اميد نہ ڇڏيو ۽ اوهان جو وشواس انهيءَ خوشخبريءَ جي بنياد تي مضبوط ۽ قائم رهي. انهيءَ خوشخبريءَ جو پرچار آڪاش هيٺان رهندڙ سڄي مخلوق ۾ ڪيو ويو آهي ۽ آءٌ پولس انهيءَ خوشخبريءَ جو سيوڪ ٿيو آهيان.


انهن تي ايشور اهو ظاهر ڪرڻ ٿي چاهيو تہ انهيءَ ڀيد جي دولت سڀني قومن لاءِ ڪيڏي نہ مهانتا ڀري آهي. اهو ڀيد هي آهي تہ مسيح جيڪو اوهان ۾ آهي، سو ايشور جي جوت ۾ شريڪ ٿيڻ جي اميد آهي.


اوهان جي انهيءَ وشواس ۽ پيار جو دارومدار انهيءَ اميد تي آهي، جيڪا اوهان لاءِ آڪاش تي مخصوص ٿيل آهي. اوهان ان جو ذڪر اڳي ئي انهيءَ خوشخبريءَ جي سچي سنديش ۾ ٻڌو آهي،


هائو، جيئن تہ اسين ڏينهن وارا آهيون، تنهنڪري اچو تہ ڇاتيءَ تي وشواس ۽ پريم جو لوهي سينابند ڍڪي ۽ مٿي تي مڪتيءَ جي اميد جو لوهي ٽوپ پائي هوشيار رهون،


هاڻ اسان جو پرڀو يسوع مسيح پاڻ ۽ اسان جو پتا ايشور، جنهن اسان سان پريم رکيو ۽ پنهنجي ڪرپا جي ڪري اسان کي هميشہ جي تسلي ۽ چڱي اميد ڏني،


انهيءَ لاءِ تہ اسين سندس ڪرپا جي ڪري ڏانهس سچار بڻجي انهيءَ امر جيون جا وارث ٿيون، جنهن جيون جي اسين اميد رکون ٿا.


وشواس مان مراد آهي انهن شين جي ملڻ جي خاطري، جن جي اميد ڪئي وڃي ٿي، هائو، انهن شين تي يقين، جيڪي ڏسڻ ۾ نہ ٿيون اچن.


مسيح جي ئي وسيلي اوهين ايشور تي وشواس رکو ٿا. هن کيس مئلن مان جيوت ڪري مهانتا بخشي، انهيءَ لاءِ تہ اوهان جو وشواس ۽ آسرو ايشور تي ئي هجي.


شل ايشور جي مهما هجي جيڪو اسان جي پرڀو يسوع مسيح جو پتا آهي، جنهن پنهنجي وڏي ديا سان يسوع مسيح جي مئلن مان وري جيوت ٿي اٿڻ جي وسيلي اسان کي نئين سر پيدا ڪيو. اهڙيءَ طرح اسان ۾ هڪ جيوت اميد پيدا ڪئي ويئي


جنهن کي بہ مسيح ۾ اهڙي اميد آهي، سو پاڻ کي اهڙو پوِتر ڪري جهڙو مسيح پوِتر آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ