Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 8:18 - Hindu Sindhi Bible

18 سو آءٌ سمجھان ٿو تہ جيڪي ڏک سور اسين هن وقت ڏسون ٿا، تن جي ڀيٽ انهيءَ جوت سان ڪري ئي نہ ٿي سگھجي جنهن ۾ اسين ظاهر ٿيڻ وارا آهيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 ڇالاءِ جو آئون سمجهان ٿو تہ هن زماني جا ڏک سور اُنهي جلال سان مقابلي ڪرڻ جي لائق نہ آهن، جو اسان تي ظاهر ٿيڻ وارو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 سو آءٌ سمجھان ٿو تہ جيڪي ڏک سور اسين هن وقت ڏسون ٿا، تن جي ڀيٽ انهيءَ جلوي سان ڪري ئي نہ ٿي سگھجي جنهن ۾ اسين ظاهر ٿيڻ وارا آهيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

18 آءٌ سمجھان ٿو تہ جيڪي ڏک سور اسان ھن وقت ڏسون ٿا، تن جي ڀيٽ انھيءَ جلوي سان ڪري ئي نہ ٿي سگھجي جيڪو اسان تي نازل ٿيڻ وارو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 8:18
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر مون کي پنهنجي جان جي ڳڻتي نہ آهي، نڪي اها منهنجي لاءِ ڪا قيمت رکي ٿي. مون کي رڳو اها چنتا آهي تہ آءٌ پنهنجي ڊوڙ پوري ڪريان ۽ جيڪا سيوا پرڀو يسوع کان مون کي ڪرڻ لاءِ ملي آهي سا پوري ڪريان، يعني ايشور جي ڪرپا جي خوشخبري ٻڌائيندو رهان.


سڄي رچنا ڏاڍي سڪ منجھان پيئي واجھائي تہ ڪڏهن ايشور جا ٻار انهيءَ جوت ۾ ظاهر ڪيا ويندا.


پوءِ جڏهن مسيح، جيڪو اوهان جو جيون آهي سو ظاهر ٿيندو، تڏهن اوهين بہ ساڻس گڏ سندس جوت ۾ ظاهر ڪيا ويندا.


هن اوهان کي اسان کان مليل خوشخبريءَ جي وسيلي انهيءَ لاءِ سڏيو، تہ جيئن اوهين اسان جي پرڀو يسوع مسيح جي مهانتا ۾ شريڪ ٿيو.


ان سان گڏ اسين انهيءَ آسيس ڀري اميد، يعني يسوع مسيح جيڪو اسان جو مهان ايشور ۽ مڪتي ڏيندڙ آهي، تنهن جي شان وَ شوڪت سان ظاهر ٿيڻ جو انتظار ڪريون.


۽ ڪن نارين کي سندن مري ويل پيارا وري جيوت ٿي مليا. وشواس جي ڪري ئي ڪي ماڻهو ايذاءَ سهندي سهندي مري ويا پر آزادي قبول نہ ڪيائون، انهيءَ لاءِ تہ ٻيهر جيوت ٿي بهتر جيون حاصل ڪن.


تنهنڪري اوهين سمجھہ جو سندرو ٻڌي هوشيار ٿيو ۽ مڪتيءَ واري انهيءَ ڪرپا تي پوري اميد رکو جيڪا يسوع مسيح جي وري ظاهر ٿيڻ وقت اوهان تي ڪئي ويندي.


اٽلندو خوشي ملهايو جو اوهين مسيح جي تڪليفن ۾ شامل ٿا ٿيو. پوءِ جڏهن هو شان وَ شوڪت سان وري ظاهر ٿيندو، تڏهن اوهان کي ڏاڍي خوشي ۽ سرهائي حاصل ٿيندي.


اوهان وشواسين ۾ جيڪي منڊلين جا اڳواڻ آهن تن کي آءٌ، جيڪو انهن اڳواڻن مان هڪڙو، مسيح جي تڪليفن جو شاهد ۽ ظاهر ٿيڻ واري سندس جوت ۾ پڻ شامل هوندس، تاڪيد ٿو ڪريان تہ


اي پريميؤ! هاڻي اسين ايشور جا ٻار تہ آهيون، تڏهن بہ اهو ظاهر ڪونہ ٿيو آهي تہ اسين ڇا ٿي وينداسين. بس اسين ايترو ڄاڻون ٿا تہ جڏهن مسيح ظاهر ٿيندو تڏهن اسين هن جهڙا ٿي پونداسين، ڇاڪاڻ تہ اسين کيس ائين ڏسنداسين جيئن هو حقيقت ۾ آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ