Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 7:8 - Hindu Sindhi Bible

8 پر نيم جي انهيءَ حڪم جي ڪري پاپ کي ڄڻ وجھہ ملي ويو جو هن مون ۾ هر طرح جي لالچ پيدا ڪئي، ڇاڪاڻ تہ نيم کان سواءِ پاپ مئل آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 پر گناهہ وجهہ وٺي، اُنهي حڪم جي ڪري، مون ۾ هر طرح جي لالچ پيدا ڪئي. ڇالاءِ جو شريعت کانسواءِ گناهہ مُئل آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 پر شريعت جي انهيءَ حڪم جي ڪري گناهہ کي ڄڻ وجھہ ملي ويو جو هن مون ۾ هر طرح جي لالچ پيدا ڪئي، ڇاڪاڻ تہ شريعت کان سواءِ گناهہ مئل آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

8 پر گناھہ کي وجھہ ملي ويو. سو ھن انھيءَ شرعي حڪم جي وسيلي مون ۾ ھر طرح جي لالچ پيدا ڪئي، ڇالاءِ⁠جو شريعت کان سواءِ گناھہ مئل آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 7:8
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

زناڪاري، لالچ، بڇڙائي، ٺڳي، ڇڙواڳي، ڪينو، گلاخوري، مغروري ۽ مورکتا.


جيڪڏهن آءٌ نہ اچان ها ۽ کين اهي ڳالهيون نہ ٻڌايان ها تہ انهن کي پاپي قرار نہ ڏنو وڃي ها. پر هاڻي کين پنهنجن پاپن لاءِ ڪوبہ بهانو نہ آهي.


جيڪي ڪم ٻئي ڪنهن بہ نہ ڪيا آهن، سي جيڪڏهن آءٌ انهن ۾ نہ ڪريان ها تہ پوءِ انهن کي پاپي قرار نہ ڏنو وڃي ها. پر هاڻي تہ انهن منهنجا ڪم ڏٺا آهن، تنهن هوندي بہ مون کان ۽ منهنجي پتا کان نفرت ڪن ٿا.


مطلب تہ نيم جي حڪمن تي عمل ڪرڻ سان ڪوبہ ماڻهو ايشور ڏانهن سچار ٿي نہ ٿو سگھي. نيم جي وسيلي تہ رڳو کيس پاپن جي سڌ پوي ٿي.


ڳالهہ اها آهي تہ نيم تہ ايشور جو ڏمر پيدا ڪري ٿو، پر جتي نيم ئي نہ آهي اتي انهيءَ جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪهڙي؟


مطلب تہ موسيٰ جو نيم انهيءَ لاءِ آيو تہ جيئن ان جي حڪمن جي ڀڃڪڙيءَ ڪري پاپ وڌي. پر جتي پاپ گھڻو وڌيو اتي ايشور جي ڪرپا انهيءَ کان بہ گھڻو جھجھي انداز ۾ وڌي.


پاپ وجھہ وٺي نيم واري انهيءَ حڪم جي وسيلي مون کي برغلايو ۽ انهيءَ ئي حڪم جي وسيلي مون کي ماري وڌائين.


تہ پوءِ انهيءَ جو مطلب اهو ٿيو ڇا تہ جيڪا چڱي شيءِ آهي، تنهن مون کي ماريو؟ نہ، بلڪل نہ. پر اهو پاپ جو ڪم هو جنهن هڪ چڱيءَ شيءِ جو سهارو وٺي مون لاءِ موت پيدا ڪيو، تہ جيئن ان جي فطرت ظاهر ٿئي. انهيءَ طرح نيم وارن حڪمن جي وسيلي پاپ جي بڇڙائي حد کان وڌيڪ پڌري ٿئي ٿي.


سو هاڻوڪي حالت ۾ ڪم ڪرڻ وارو آءٌ نہ آهيان، پر اهو پاپ آهي جيڪو مون ۾ گھر ڪري ويٺو آهي.


ڪو وقت هو جڏهن نيم کان سواءِ آءٌ جيوت هئس. پر جڏهن نيم وارو اهو حڪم منهنجي سامهون آيو تڏهن پاپ جيوت ٿي پيو


ڏسو، موت جو ڏنگ پاپ آهي ۽ پاپ جي شڪتي نيم آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ