Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 7:24 - Hindu Sindhi Bible

24 سو آءٌ ڪيڏو نہ نڀاڳو ماڻهو آهيان! مون کي اهڙي شرير کان ڪير ڇڏائيندو جنهن جي وسيلي موت ايندو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

24 افسوس، آئون ڪهڙو نہ ڪمبخت ماڻهو آهيان! ڪير مون کي هن موت جي بدن کان ڇڏائيندو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

24 سو آءٌ ڪيڏو نہ نڀاڳو ماڻهو آهيان! مون کي اهڙي جسم کان ڪير ڇڏائيندو جنهن جي وسيلي موت ايندو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

24 آءٌ ڪيڏو نہ ڪمبخت ماڻھو آھيان. مون کي انھيءَ جسم کان ڪير ڇڏائيندو جنھن جي وسيلي موت ايندو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 7:24
36 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سڀاڳا آهن اهي جيڪي ڏکويل آهن، ڇاڪاڻ تہ ايشور انهن کي تسلي ڏيندو.


سڀاڳا آهن اهي جيڪي سچائيءَ جا بکايل ۽ اڃايل آهن، ڇاڪاڻ تہ ايشور انهن کي چڱيءَ طرح ڍءُ ڪرائيندو.


”پرميشور مون کي پنهنجي آتما سان ڀري ڇڏيو آهي، ڇو تہ غريبن کي خوشخبري ڏيڻ لاءِ هن مون کي مخصوص ڪيو آهي. هن مون کي موڪليو آهي تہ قيدين جي رهائيءَ، ۽ انڌن جي بينائيءَ جو اعلان ڪريان، ۽ ستايلن کي آزادي بخشيان،


سو اسين ڄاڻون ٿا تہ اسان جي پراڻي انساني فطرت مسيح سان گڏ سوليءَ تي چاڙهي ويئي، تہ جيئن اسان جي شرير تان پاپ جو قبضو ختم ٿي وڃي ۽ اڳتي اسين پاپ جي غلاميءَ ۾ نہ رهون،


هاڻي جيڪڏهن اوهين انساني فطرت موجب جيون گذاريندا تہ ضرور مرندا. پر جيڪڏهن پوِتر آتما جي وسيلي انساني فطرت وارن خراب ڪمن کي ناس ڪندا تہ جيوت رهندا.


پوِتر آتما جي حڪمراني جيڪا اسان کي يسوع مسيح ۾ جيون ڏئي ٿي، تنهن اسان کي پاپ ۽ موت جي حڪمرانيءَ کان ڇڏايو آهي.


انهن سان گڏوگڏ اسين پاڻ بہ پنهنجي اندر ۾ پيا ڪنجھون. جيتوڻيڪ ايشور اسان کي انهيءَ آزاديءَ جي پهرين بخشش پوِتر آتما جي صورت ۾ بخشي آهي، تہ بہ ايشور جا پوريءَ طرح ٻار ٿيڻ يعني پنهنجي شرير کي نئين حالت ملڻ جي بيحد انتظار ۾ ويٺا آهيون.


انهيءَ اميد سان گڏوگڏ پوِتر آتما بہ اسان جي ڪمزوريءَ ۾ مدد ٿي ڪري. جيئن تہ اسين نہ ٿا ڄاڻون تہ ڪهڙي مناسب پرارٿنا ڪريون، سو پوِتر آتما پاڻ بيان کان ٻاهر آهون ڀري ڀري اسان جي سفارش پيئي ڪري.


مسيح ۾ اوهان جو اهڙو ختنو ٿيو آهي جيڪو ماڻهن جي هٿن سان نہ، پر مسيح جي وسيلي ٿيو آهي، جنهن ۾ شريري فطرت کي لاٿو وڃي ٿو.


پرڀو يسوع مون کي اڳتي بہ هر بڇڙائيءَ کان بچائي وٺندو ۽ آڪاش واري پنهنجي راڄ ۾ صحيح سلامت پهچائيندو. شل سندس مهانتا جي مهما هميشہ هميشہ تائين ٿيندي رهي. آمين.


هن اسان جي خاطر پنهنجي جان ڏيئي ڇڏي، انهيءَ لاءِ تہ ان جي عيوض اسان کي هر طرح جي بڇڙائيءَ کان ڇڏائي ۽ پوِتر ڪري پنهنجي لاءِ هڪ اهڙي خاص قوم بڻائي، جيڪا نيڪ ڪم ڪرڻ ۾ سرگرم هجي.


اهڙيءَ طرح هو انهن سڀني کي آزاد ڪري، جيڪي موت جي ڊپ کان سڄي عمر غلاميءَ ۾ گرفتار آهن.


هو انهن جي اکين جا سڀ ڳوڙها اُگھي ڇڏيندو. ان کان پوءِ نہ موت رهندو، نڪو ماتم، نڪو روئڻ ۽ نہ وري ڪو سور رهندو، ڇاڪاڻ تہ اڳيون حالتون گذري ويون آهن.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ