Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 7:15 - Hindu Sindhi Bible

15 ڳالهہ اها آهي تہ مون کي پنهنجي ڪمن جي بہ سڌ نہ ٿي پوي، ڇاڪاڻ تہ جيڪي ڪم آءٌ ڪرڻ گھران ٿو سي تہ نہ ٿو ڪريان، پر اٽلندو اهي ڪم ڪريان ٿو جن کان مون کي نفرت آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 ڇالاءِ تہ جيڪي آئون ڪريان ٿو، تنهن جي مون کي خبر نٿي پوي: ڇالاءِ تہ جيڪي ڪرڻ گهُران ٿو سو آئون نٿو ڪريان، پر جنهن کان نفرت ٿو ڪريان، سو ئي آئون ڪريان ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 ڳالهہ اها آهي تہ مون کي پنهنجي ڪمن جي بہ خبر نہ ٿي پوي، ڇاڪاڻ تہ جيڪي ڪم آءٌ ڪرڻ گھران ٿو سي تہ نہ ٿو ڪريان، پر اٽلندو اهي ڪم ڪريان ٿو جن کان مون کي نفرت آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

15 مون کي پنھنجن ڪمن جي ئي خبر نہ ٿي پوي، ڇالاءِ⁠جو جيڪي ڪم آءٌ ڪرڻ گھران ٿو سي تہ نہ ٿو ڪريان، پر اٽلندو اھي ڪم ڪريان ٿو جن کان مون کي نفرت آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 7:15
32 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهن قبن ٺاهڻ سان اوهين پنهنجن ابن ڏاڏن جي پاپن جي حمايت ڪندي ڄڻ شاهدي ٿا ڏيو تہ جيڪي قتل انهن ڪيا سي اوهان کي قبول آهن.


هن کان پوءِ آءٌ نہ چوندس تہ اوهين داس آهيو، ڇاڪاڻ تہ داس کي سڌ نہ هوندي آهي تہ سندس مالڪ ڇا ڪري رهيو آهي. پر مون اوهان کي دوست ڪري سڏيو آهي، ڇاڪاڻ تہ جيڪي ڳالهيون مون پنهنجي پتا کان ٻڌيون آهن سي سڀ اوهان کي ٻڌايون اٿم.


پيار ۾ پاکنڊپائي نہ هئڻ گھرجي. اوهين بڇڙائيءَ کان نفرت ڪريو ۽ نيڪيءَ سان دل لڳايو.


اهڙين ڳالهين بابت اوهان جو جيڪو وشواس آهي سو اوهان جي ۽ ايشور جي وچ ۾ رهي، يعني اهو پنهنجي دل ۾ ئي رکو. سڀاڳو آهي اهو ماڻهو جيڪو پاڻ کي انهيءَ ڪم جي ڪرڻ سان ڏوهاري قرار نہ ٿو ڏياري، جيڪو سندس نظر ۾ مناسب آهي.


جيڪڏهن آءٌ اهي ڪم ڪريان ٿو جيڪي حقيقت ۾ آءٌ ڪرڻ نہ ٿو گھران تہ انهيءَ مان ظاهر آهي تہ آءٌ قبول ٿو ڪريان تہ نيم چڱو آهي.


ڇاڪاڻ تہ انساني فطرت پوِتر آتما جي برخلاف خواهش ڪري ٿي ۽ پوِتر آتما انساني فطرت جي برخلاف. هي ٻئي هڪٻئي جون دشمن آهن. انهيءَ ڪري جيڪي اوهين ڪرڻ چاهيو ٿا سو نہ ٿا ڪريو.


تنهن هوندي بہ ايشور جو وڌل مضبوط بنياد قائم رهي ٿو. انهيءَ تي هي لفظ اُڪريل آهن تہ ”پرميشور پنهنجن کي سڃاڻي ٿو“ ۽ ”جيڪو پرميشور جو نالو وٺي ٿو، سو بڇڙائيءَ کان پاسو ڪري.“


تو سچائيءَ سان پريم، ۽ نيم جي ڀڃڪڙيءَ کان نفرت رکي. تنهنڪري مون يعني تنهنجي ايشور تو کي بيحد خوشيءَ واري وردان سان مخصوص ڪري تنهنجي سنگتين کان تو کي مٿاهون ڪيو.“


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ اسين انسان گھڻين ئي ڳالهين ۾ ٿاٻڙجي خطا ٿا ڪريون. پر جيڪو ماڻهو ڳالهائڻ ۾ ڪڏهن بہ خطا نہ ٿو ڪري سو ڪامل آهي ۽ پنهنجي سڄي شرير کي ضابطي ۾ رکي ٿو سگھي.


ڪن کي باهہ جي سزا ۾ پوڻ کان ڇڪي ڪڍي بچائجو، جڏهن تہ ڪن تي ديا ڪجو پر خوف رکندي سندن بڇڙن ڪمن کان پاسو ڪجو، ايتري قدر جو سندن اپوِتر ٿيل ڪپڙن کان بہ نفرت ڪجو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ