Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 7:1 - Hindu Sindhi Bible

1 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهين جيڪي نيم کان واقف آهيو، سي ڄاڻو ٿا تہ جيستائين انسان جيوت آهي تيستائين نيم جو مٿس حڪم هلي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 ٻيو تہ اي ڀائرو، اوهين نٿا ڄاڻو ڇا (آئون اُنهن ماڻهن سان ٿو ڳالهايان جي شريعت کان واقف آهن،) تہ جيسين ماڻهو حيات آهي تيسين شريعت جو اُنهي تي حڪم ٿو هلي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهين جيڪي شريعت کان واقف آهيو، سي ڄاڻو ٿا تہ جيستائين انسان جيئرو آهي تيستائين شريعت جو مٿس حڪم هلي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

1 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوھين شريعت کان واقف آھيو. تنھنڪري ڄاڻو ٿا تہ جيستائين انسان جيئرو آھي تيستائين شريعت جو مٿس حڪم ھلي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 7:1
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهان کي سڌ هئڻ گھرجي تہ مون ڪيترائي دفعا اوهان ڏانهن اچڻ جو ارادو ڪيو هو، پر هيستائين ڪنهن نہ ڪنهن ڳالهہ جي ڪري اچي نہ سگھيس. منهنجي مرضي آهي تہ جيئن منهنجو ڪم غير قومن جي ٻين ماڻهن ۾ وڌيو ويجھيو آهي، تيئن اوهان ۾ بہ وڌي ويجھي.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! منهنجي دلي تمنا آهي تہ بني اسرائيل کي مڪتي ملي ۽ انهيءَ لاءِ آءٌ ايشور جي در پرارٿنا ٿو ڪريان.


جيئن تہ نيم جو مقصد مسيح ۾ پورو ٿي ويو، تنهنڪري جيڪو بہ مٿس وشواس آڻي ٿو سو ئي ايشور ڏانهن سچار بڻجي ٿو.


سو اڳتي پاپ جو اوهان تي ڪوبہ اختيار نہ رهندو، ڇو تہ هاڻي اوهين نيم جي وس هيٺ نہ، بلڪ ايشور جي ڪرپا جي وس هيٺ آهيو.


ڇا اوهين اهو نہ ٿا ڄاڻو تہ اسين جيڪي بپتسما وٺي يسوع مسيح سان هڪ ٿيا آهيون، سي انهيءَ ئي بپتسما سان سندس مرڻ ۾ بہ ساڻس هڪ ٿي ويا آهيون؟


پر هاڻ اسين نيم جي لحاظ کان مرڻ جي ڪري ان جي ٻنڌڻ کان آزاد ٿي ويا آهيون. هاڻي اسين ايشور جي سيوا ڪرڻ ۾ پراڻن لکيل حڪمن جا نہ، بلڪ پوِتر آتما واري نئين جيون جا پابند آهيون.


ڇا اهي ڳالهيون آءٌ رڳو انساني سوچ موجب چوان ٿو؟ ڇا نيم بہ ائين نہ ٿو چوي؟


اوهين جيڪي موسيٰ جي نيم جي وس هيٺ رهڻ ٿا گھرو، سي مون کي ٻڌايو تہ اوهين نيم جون ڳالهيون نہ ٿا ٻڌو ڇا؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ