Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 6:10 - Hindu Sindhi Bible

10 هائو، جڏهن هو مري ويو تہ هميشہ جي لاءِ پاپ جي اختيار کان نڪري ويو ۽ هاڻي جڏهن هو وري جيوت ٿيو آهي تہ سندس جيون ايشور لاءِ مخصوص آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 ڇالاءِ تہ مسيح جو مُئو، سو گناهہ جي نسبت ۾ هڪڙو ڀيرو مُئو: پر هاڻي جو جيئرو آهي سو خدا جي نسبت جيئرو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 هائو، جڏهن هو مري ويو تہ هميشہ جي لاءِ گناهہ جي اختيار کان نڪري ويو ۽ هاڻي جڏهن هو وري جيئرو ٿيو آهي تہ سندس زندگي خدا لاءِ مخصوص آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

10 جڏھن ھو مئو تہ گناھہ جي نسبت ھڪڙو ئي دفعو مئو، پر ھاڻي جڏھن ھو جيئرو آھي تہ خدا جي نسبت جيئرو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 6:10
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو هاڻي پرميشور مئلن جو نہ، بلڪ جيڪي جيوت آهن تن جو ايشور آهي، ڇاڪاڻ تہ هن جي آڏو سڀيئي جيوت آهن.“


اهڙيءَ طرح اوهين بہ پاڻ کي پاپ جي نسبت مئل سمجھو، جڏهن تہ يسوع مسيح ۾ اوهين پنهنجو جيون ايشور لاءِ مخصوص سمجھو.


ڇاڪاڻ تہ مسيح جيڪو مئلن مان جيوت ٿي اٿيو آهي سو وري ڪڏهن بہ نہ مرندو. هاڻي موت جو مٿس ڪوبہ اختيار نہ آهي.


جيڪو ڪم انساني فطرت جي ڪمزوريءَ سبب نيم نہ ڪري سگھيو سو ايشور ڪيو. انهيءَ لاءِ هن پنهنجي پٽ کي انساني يعني پاپين واري روپ ۾ موڪليو، تہ جيئن هو اسان جي پاپن خاطر پنهنجي جان ڏئي. اهڙيءَ طرح انساني فطرت ۾ موجود پاپ جي خلاف ايشور فيصلو جاري ڪيو.


هو سڀني جي لاءِ انهيءَ ڪري مري ويو تہ جيڪي جيوت آهن سي اڳتي پنهنجي لاءِ نہ پر هن جي لاءِ جيوت رهن، جيڪو انهن جي خاطر مري ويو ۽ وري جيوت ٿي اٿيو.


مسيح جيڪو پاپ کان پوِتر هو، تنهن کي ايشور اسان جي واسطي پاپ جو ٻليدان مقرر ڪيو، تہ جيئن مسيح ۾ هئڻ ڪري اسان مان ايشور جي سچائي ظاهر ٿئي.


مسيح جو مثال اوهان جي سامهون آهي تہ هو سچار هو ۽ هن بدڪارن لاءِ سندن پاپن جي ڪري هميشہ لاءِ هڪڙي ئي ڀيري تڪليف سهي جان ڏني، انهيءَ لاءِ تہ اسان کي ايشور تائين پهچائي. هو هن پاپي سنسار جي نسبت ۾ ماريو ويو، پر آتمڪ طور وري جيوت ڪيو ويو.


مئلن جي عدالت انهيءَ ڪري جو جڏهن اهي جيوت هئا، تڏهن انهن کي بہ مسيح بابت خوشخبري انهيءَ مقصد لاءِ ٻڌائي ويئي هئي تہ جيئن آتمڪ طور اهي ايشور آڏو جيوت رهن، جيتوڻيڪ هن پاپي سنسار ۾ سندن جيوت ئي ماڻهن طرفان عدالت ڪئي ويئي هئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ