Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 5:14 - Hindu Sindhi Bible

14 ڏسو، آدم کان وٺي موسيٰ تائين سڀني ماڻهن تي موت جي حڪمراني هئي، جيتوڻيڪ انهن مان ڪن آدم جي نافرمانيءَ وانگر ايشور جي حڪم جي ڀڃڪڙي نہ ڪئي. انسانذات تي اثر جي لحاظ کان آدم مسيح وانگر آهي، جيڪو پوءِ اچڻ وارو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 انهي هوندي بہ آدم کان وٺي موسيٰ تائين موت اُنهن تي بہ حڪمراني ڪئي، جن انهي آدم جي نافرمانيءَ جهڙو گناهہ نہ ڪيو، پر اُنهي شخص جو مثل هو جو اچڻ وارو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 ڏسو، آدم کان وٺي موسيٰ تائين سڀني ماڻهن تي موت جي حڪمراني هئي، جيتوڻيڪ انهن مان ڪن آدم جي نافرمانيءَ وانگر خدا جي حڪم جي ڀڃڪڙي نہ ڪئي. انسانذات تي اثر جي لحاظ کان آدم مسيح وانگر آهي، جيڪو پوءِ اچڻ وارو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

14 آدم کان وٺي موسيٰ تائين سڀني ماڻھن تي موت جي حڪمراني ھئي، جيتوڻيڪ انھن مان ڪن اھڙو گناھہ نہ ڪيو جھڙو آدم خدا جي حڪم جي نافرماني ڪندي ڪيو. ڪن ڳالھين ۾ آدم مسيح وانگر ھو، جيڪو پوءِ اچڻ وارو ھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 5:14
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هڪڙي ماڻهوءَ جي وسيلي سنسار ۾ پاپ آيو، پاپ جي سبب موت آيو ۽ موت سڄي انسانذات ۾ پکڙجي ويو، ڇاڪاڻ تہ سڀني پاپ ڪيو.


اهو سچ آهي تہ هڪڙي ئي ماڻهوءَ جي وسيلي يعني آدم جي نافرمانيءَ جي ڪري موت انسان تي حڪمراني ڪرڻ لڳو. پر هاڻ جن کي ڪرپا ۽ ايشور ڏانهن سچار بڻائڻ واري بخشش جھجھي انداز ۾ ملي ٿي، سي هڪڙي ئي ماڻهوءَ يعني يسوع مسيح جي وسيلي امر جيون جي حالت ۾ ڪيڏي نہ وڌيڪ حڪمراني ڪندا.


تنهنڪري جيئن پاپ جي حڪمراني ماڻهن کي موت جي حوالي ڪندي پئي رهي، تيئن هاڻي ايشور جي ڪرپا جي حڪمراني اسان کي ايشور ڏانهن سچار بڻائي پرڀو يسوع مسيح جي وسيلي امر جيون ٿي بخشي.


جيتوڻيڪ سڄي رچنا پنهنجي رچنا وارو مقصد وڃائي ويٺي آهي، جيڪو سندس مرضيءَ سان نہ ٿيو پر ايشور کيس پنهنجي لعنت هيٺ آندو، تنهن هوندي بہ کيس اها اميد ڏني ويئي


جڏهن تہ اسين ڄاڻون ٿا تہ سڄي رچنا هن وقت تائين ويم جهڙن سورن ۾ پيئي ڪنجھي ۽ تڙپي.


هائو، جيئن آدم جا هئڻ ڪري سڀ مرن ٿا، تيئن ئي جيڪي مسيح جا آهن سي سڀ جيوت ڪيا ويندا.


جيئن پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”پهريون انسان آدم جيوت جيءُ بڻيو.“ تہ پوءِ آخري آدم يعني مسيح آتمڪ شرير ٿي جيون بخشيندڙ بڻيو.


جهڙيءَ طرح هر انسان جو هڪڙي ئي ڀيري مرڻ ۽ پوءِ ايشور جي عدالت ۾ پيش ٿيڻ مقرر ٿيل آهي،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ