Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 4:5 - Hindu Sindhi Bible

5 جڏهن تہ جيڪو ماڻهو ڪم نہ ٿو ڪري، پر ايشور تي وشواس آڻي ٿو، جيڪو پاڻ کان پري رهندڙن کي پاڻ ڏانهن سچار ڪري ٿو تہ هن جو اهو وشواس سندس سچائي ڪري ٿو ليکجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 پر جيڪو ماڻهو ڪم نٿو ڪري، مگر انهي تي ايمان ٿو آڻي جو بي دين کي راستباز ٿو ٺهرائي، تنهن جو ايمان راستبازي ڪري ٿو ليکجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 جڏهن تہ جيڪو ماڻهو ڪم نہ ٿو ڪري، پر خدا تي ايمان آڻي ٿو، جيڪو پاڻ کان پري رهندڙن کي پاڻ ڏانهن سچار ڪري ٿو تہ هن جو اهو ايمان سندس سچائي ڪري ٿو ليکجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

5 پر جيڪڏھن ڪو ماڻھو ڪم نہ ٿو ڪري ۽ رڳو ان خدا تي ايمان آڻي ٿو جيڪو گنھگارن کي پاڻ ڏانھن سچار ڪري ٿو، تہ سندس ايمان سچائي ڪري ٿو ليکجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 4:5
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يسوع هن کي چيو تہ ”تنهنجي هنن لفظن تہ ’جيڪڏهن اوهين ڪجھہ ڪري سگھو ٿا،‘ جو مطلب ڇا آهي؟ ياد رک، جيڪو بہ ايشور تي وشواس رکي ٿو تنهن لاءِ سڀ ڪجھہ ٿي سگھي ٿو.“


آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو بہ منهنجيون ڳالهيون ٻڌي ٿو ۽ جنهن مون کي موڪليو آهي انهيءَ تي وشواس رکي ٿو، تنهن جو جيون امر آهي ۽ هو پاپي قرار نہ ڏنو ويندو، بلڪ هو موت مان نڪري جيون ۾ داخل ٿي چڪو آهي.


يسوع وراڻيو تہ ”ايشور جي مرضي اها آهي تہ اوهين انهيءَ تي وشواس آڻيو، جنهن کي ايشور موڪليو آهي.“


تہ ماڻهو ڪهڙيءَ طرح ايشور ڏانهن سچار بڻجي ٿو. سو هو نيم وسيلي ايشور وٽ سچار طور قبول پوڻ جي ڪوشش ڪندا رهن ٿا. ائين هو ايشور ڏانهن سچار بڻجڻ جو صحيح رستو اختيار نہ ٿا ڪن.


جيڪا سچائي هاڻي ظاهر ٿي آهي سا هيءَ آهي تہ ايشور انهن سڀني ماڻهن کي پاڻ ڏانهن سچار ڪري ٿو جيڪي يسوع مسيح تي وشواس آڻين ٿا، پوءِ اهي يهودي هجن توڙي غير يهودي. اهي سڀ هڪ جهڙا آهن،


پر اسان لاءِ بہ لکيل آهن، جن کي ايشور پاڻ ڏانهن سچار ڪري قبول ڪندو، ڇاڪاڻ تہ اسين بہ انهيءَ ايشور تي وشواس آڻيون ٿا جنهن اسان جي پرڀو يسوع کي مئلن مان جيوت ڪيو.


ڇاڪاڻ تہ پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”ابرهام ايشور تي وشواس آندو، تنهنڪري ايشور کيس پاڻ ڏانهن سچار ڪري قبوليو.“


جنهن ماڻهوءَ کي سندس عملن کان سواءِ ئي ايشور پاڻ ڏانهن سچار ڪري ٿو ليکي، تنهن کي دائود بہ هيئن سڀاڳو ٿو سڏي تہ


۽ هن سان پوريءَ طرح گڏيل ثابت ٿيان. اهو منهنجي انهيءَ سچائيءَ رکڻ سان ناهي جيڪا نيم تي عمل ڪرڻ وسيلي آهي، پر انهيءَ سچائيءَ سبب آهي جيڪا مسيح تي وشواس آڻڻ جي وسيلي حاصل ٿئي ٿي. هائو، وشواس جي ڪري ئي ايشور ماڻهن کي پاڻ ڏانهن سچار ٿو بڻائي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ