Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 4:24 - Hindu Sindhi Bible

24 پر اسان لاءِ بہ لکيل آهن، جن کي ايشور پاڻ ڏانهن سچار ڪري قبول ڪندو، ڇاڪاڻ تہ اسين بہ انهيءَ ايشور تي وشواس آڻيون ٿا جنهن اسان جي پرڀو يسوع کي مئلن مان جيوت ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

24 پر اسان جي لاءِ بہ، جن جي واسطي ايمان راستبازي ليکبو، انهي لاءِ تہ اسان مٿس ايمان آندو آهي، جنهن اسان جي خداوند يسوع کي مُئلن مان جياريو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

24 پر اسان لاءِ بہ لکيل آهن، جن کي خدا پاڻ ڏانهن سچار ڪري قبول ڪندو، ڇاڪاڻ تہ اسين بہ انهيءَ خدا تي ايمان آڻيون ٿا جنهن اسان جي خداوند عيسيٰ کي مئلن مان جيئرو ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

24 پر اسان لاءِ بہ لکيل آھن، جن کي خدا سچار ڪري قبول ڪندو، ڇالاءِ⁠جو اسين بہ انھيءَ خدا تي ايمان آڻيون ٿا جنھن اسان جي خداوند عيسيٰ کي مئلن مان جيئرو ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 4:24
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪو بہ انهيءَ تي وشواس آڻيندو ۽ بپتسما وٺندو سو مڪتي حاصل ڪندو، پر جيڪو وشواس نہ آڻيندو سو ڏوهي قرار ڏنو ويندو.


پر ايشور کيس مئلن مان وري جيوت ڪيو


پر ايشور هن کي موت جي تڪليفن کان آزاد ڪندي وري جيوت ڪري ورتو، ڇاڪاڻ تہ اهو ناممڪن هو جو هو موت جي قبضي ۾ رهي.


انهيءَ ئي يسوع کي ايشور جيوت ڪيو ۽ اسين سڀ ان ڳالهہ جا شاهد آهيون.


ايشور جو پوِتر آتما ڏيڻ وارو اهو وچن اوهان جي لاءِ، اوهان جي اولاد جي لاءِ ۽ انهن سڀني جي لاءِ بہ آهي جيڪي پري آهن، يعني اهي سڀ جن کي پرڀو، اسان جو ايشور پاڻ ڏانهن سڏيندو.“


مسيح جي ئي وسيلي اوهين ايشور تي وشواس رکو ٿا. هن کيس مئلن مان جيوت ڪري مهانتا بخشي، انهيءَ لاءِ تہ اوهان جو وشواس ۽ آسرو ايشور تي ئي هجي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ