رومين 3:8 - Hindu Sindhi Bible8 پوءِ اوهين بہ ڇو نہ چئو تہ ”اسين بڇڙا ڪم ڪريون تہ انهيءَ مان ڀلائي ٿئي.“ ڪي ماڻهو اسان تي اها تهمت هڻن بہ ٿا تہ اها سکيا اسان جي آهي. اهڙن تهمت هڻندڙن کي ڏوهاري قرار ڏيڻ انصاف آهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible8 (۽ جيئن ڪ اسان تي ڪوڙي تهمت ٿا لڳائين ۽ سيکارين ٿا، تہ اسان جو چوڻ آهي) تہ ڇو نہ اسين برائي ڪريون، تہ انهيءَ مان ڀلائي نڪري؟ پر اهڙن جو ڏوهاري ليکجڻ انصاف آهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible8 پوءِ اوهين بہ ڇو نہ چئو تہ ”اسين بڇڙا ڪم ڪريون تہ انهيءَ مان ڀلائي ٿئي.“ ڪي ماڻهو اسان تي اها تهمت هڻن بہ ٿا تہ اها تعليم اسان جي آهي. اهڙن تهمت هڻندڙن کي ڏوهاري قرار ڏيڻ انصاف آهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Common Language New Testament8 پوءِ اوھين بہ ڇو نہ چئو تہ ”اسين بڇڙا ڪم ڪريون تہ انھيءَ مان ڀلائي ٿئي“؟ ڪي ماڻھو اسان تي ھيءَ تھمت ٿا ھڻن تہ اھا ئي اسان جي تعليم آھي. اھڙن ماڻھن جو ڏوھي ٿيڻ ئي انصاف آھي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
منهنجي خط لکڻ جو سبب هي آهي تہ ڪي اهڙا ماڻهو لڪي ڇپي اوهان منجھہ گھڙي آيا آهن، جن کي پوِتر شاستر مطابق پراڻي زماني کان پاپي قرار ڏنو ويو آهي. اهي بيڌرمي ماڻهو آهن، جيڪي اسان جي ايشور جي ڪرپا کي بگاڙي پنهنجي شهوتپرستيءَ جو بهانو ٿا بڻائين ۽ اسان جي هڪڙي ئي مالڪ ۽ پرڀوءَ، يعني يسوع مسيح جو انڪار ٿا ڪن.