Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 3:31 - Hindu Sindhi Bible

31 پوءِ هن جو مطلب اهو ٿيو ڇا تہ اسين وشواس رکڻ جي ڪري نيم کي رد ٿا ڪريون؟ هرگز نہ. اسين تہ انهيءَ سان نيم کي قائم ٿا ڪريون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

31 تڏهن اسين شريعت کي ايمان جي ڪري رد ٿا ڪريون ڇا؟ اصل ئي نہ، بلڪ اسين شريعت کي قائم ٿا ڪريون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

31 پوءِ هن جو مطلب اهو ٿيو ڇا تہ اسين ايمان رکڻ جي ڪري شريعت کي منسوخ ٿا ڪريون؟ هرگز نہ. اسين تہ انهيءَ سان شريعت کي قائم ٿا ڪريون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

31 ڇا ھن جو مطلب اھو ٿيو تہ اسين ايمان آڻڻ جي ڪري شريعت کي منسوخ ٿا ڪريون؟ نہ، بلڪل نہ، اسين تہ شريعت کي قائم ٿا ڪريون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 3:31
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تہ پوءِ ڀلي پنهنجي پتا جو مان نہ ڪري.‘ اهڙيءَ طرح اوهين پنهنجين ريتن رسمن جي ڪري ايشور جي وچن کي رد ڪريو ٿا.


تنهن تي يسوع جواب ڏنس تہ ”في‌الحال تہ منهنجي مڃ، ڇاڪاڻ تہ اهڙيءَ طرح اسين ايشور جا سڀ فرض پورا ڪنداسين.“ پوءِ يوحنا کيس بپتسما ڏيڻ قبول ڪيو.


”اوهين ائين نہ سمجھو تہ آءٌ نيم شاستر توڙي پوِتر شاستر جي ٻين لکتن کي رد ڪرڻ لاءِ آيو آهيان. آءٌ انهن کي رد ڪرڻ لاءِ نہ، پر مڪمل ڪرڻ لاءِ آيو آهيان.


آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ جيستائين اوهان جي نيڪي نيم شاسترين ۽ فريسين جي نيڪيءَ کان وڌيڪ نہ ٿيندي، تيستائين اوهين ڪنهن بہ طرح آڪاش جي راڄ ۾ داخل ٿي نہ سگھندا.“


هو پاڻ اچي انهن باغائين کي تباهہ ڪندو ۽ باغ ٻين جي حوالي ڪندو.“ جڏهن ماڻهن اهو ٻڌو تڏهن چوڻ لڳا تہ ”ايشور خير ڪري.“


جيئن تہ نيم جو مقصد مسيح ۾ پورو ٿي ويو، تنهنڪري جيڪو بہ مٿس وشواس آڻي ٿو سو ئي ايشور ڏانهن سچار بڻجي ٿو.


اسين بي‌سمجھن کي سمجھائيندڙ ۽ نوجوانن کي سکيا ڏيندڙ آهيون، ڇاڪاڻ تہ ايشور جي نيم جي صورت ۾ سڄي ڄاڻ ۽ حق سچ اسان وٽ موجود آهي.“


بلڪل نہ. ايشور هر حال ۾ سچو آهي توڙي جو هر انسان ڪوڙو هجي، جيئن پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”اي ايشور! تون هميشہ پنهنجي وچنن ۾ سچو ثابت ٿيو آهين، ۽ عدالت ۾ تو سوڀ حاصل ڪئي آهي.“


ائين بلڪل نہ آهي، ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن ائين هجي تہ پوءِ ايشور ڪيئن سنسار جي عدالت ڪندو؟


جيڪڏهن سنسار جي وارث بڻائڻ جو وچن ايشور انهن سان ڪيو هجي ها جيڪي نيم تي عمل ڪن ٿا، تہ پوءِ ايشور تي وشواس آڻڻ اجايو ۽ سندس وچن بيڪار ٿي پوي ها.


منهنجي دل تہ ايشور جي نيم مان خوش آهي،


انهيءَ لاءِ آءٌ ايشور جو شڪر ادا ٿو ڪريان، جيڪو اسان جي پرڀو يسوع مسيح جي وسيلي مون کي ڇڏائيندو. مطلب تہ جيتوڻيڪ آءٌ پنهنجي دلي سوچ سان ايشور جي نيم جي وس هيٺ آهيان، تڏهن بہ منهنجي انساني فطرت اڃا پاپ جي حڪم هيٺ آهي.


اهو ايشور انهيءَ لاءِ ڪيو تہ اسان ۾ نيم جي سچائي پوري ٿي وڃي، جيڪي انساني فطرت موجب نہ پر پوِتر آتما موجب جيون گذاريون ٿا.


غير قومون جيڪي نيم کان سواءِ آهن، تن لاءِ آءٌ انهن جهڙو بڻيس تہ جيئن کين هٿ ڪريان، جيتوڻيڪ آءٌ پاڻ ايشور جي نيم کان سواءِ ڪين هئس. اهو ائين جو آءٌ مسيح جي نيم جو پابند هئس.


جيئن تہ نيم جي وسيلي آءٌ پاپي قرار ڏنو ويو آهيان، سو نيم جي نسبت ۾ آءٌ مري ويو آهيان، تہ جيئن ايشور جي نسبت ۾ جيوت رهان.


مطلب تہ آءٌ ايشور جي ڪرپا کي هٿان نہ ٿو وڃايان، ڇاڪاڻ تہ سچائي جيڪڏهن نيم جي وسيلي ملي ها تہ پوءِ مسيح جو مرڻ اجايو ٿئي ها.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ