Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 3:30 - Hindu Sindhi Bible

30 جيئن تہ ايشور هڪڙو ئي آهي، سو هو ختني ٿيلن توڙي ختني نہ ٿيلن کي هڪڙي ئي رستي پاڻ ڏانهن سچار ڪري ٿو، يعني وشواس آڻڻ سان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

30 جي ائين آهي تہ خدا هڪڙو آهي، جو مختونن کي بہ ايمان جي ڪري راستباز ٺهرائيندو، ۽ جيڪي نامختون آهن، تن کي بہ ايمان جي ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

30 جيئن تہ خدا هڪڙو ئي آهي، سو هو طهريلن توڙي اڻ‌طهريلن کي هڪڙي ئي رستي پاڻ ڏانهن سچار ڪري ٿو، يعني ايمان آڻڻ سان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

30 بيشڪ خدا ھڪڙو ئي آھي، جيڪو طھريلن توڙي اڻ⁠طھريلن کي سندن ايمان آڻڻ جي ڪري ئي پاڻ ڏانھن سچار ڪري ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 3:30
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪڏهن ڪنهن غير قوم واري جو ختنو ٿيل نہ آهي، پر هو نيم جي حڪمن تي عمل ڪري ٿو، تہ ڇا ايشور کيس ختني ڪيلن جهڙو ڪري نہ ڀائيندو؟


جيتوڻيڪ اوهان يهودين جو ختنو ٿيل آهي ۽ اوهان وٽ ايشور جو نيم بہ موجود آهي، تڏهن بہ اوهين انهيءَ جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ٿا ڪريو. تہ پوءِ غير قوم وارا جن جو ختنو ٿيل نہ آهي، پر ايشور جي نيم جهڙا عمل ڪن ٿا، تن جي ڪري اوهان کي پاپي قرار نہ ڏنو ويندو ڇا؟


جيڪا سچائي هاڻي ظاهر ٿي آهي سا هيءَ آهي تہ ايشور انهن سڀني ماڻهن کي پاڻ ڏانهن سچار ڪري ٿو جيڪي يسوع مسيح تي وشواس آڻين ٿا، پوءِ اهي يهودي هجن توڙي غير يهودي. اهي سڀ هڪ جهڙا آهن،


هائو، اسين دعويٰ سان چئون ٿا تہ نيم تي عمل ڪرڻ سان نہ، پر ماڻهو رڳو وشواس رکڻ جي وسيلي ايشور ڏانهن سچار بڻجي ٿو.


تنهنڪري اهو وچن وشواس رکڻ جي بنياد تي آهي تہ جيئن اهو ايشور جي ڪرپا جي بخشش هجي، جيڪو ابرهام جي سڄي اولاد لاءِ قائم رهي. هي نہ رڳو انهن لاءِ آهي جن وٽ نيم آهي، پر انهن لاءِ بہ آهي جيڪي ابرهام وانگر وشواس آڻين ٿا. اهڙيءَ طرح ابرهام اسان سڀني جو پتا آهي،


ڇا اها سڀاڳائي دائود رڳو انهن لاءِ چئي آهي جن جو ختنو ٿيل آهي؟ نہ. پر ان جو واسطو انهن سان بہ آهي جن جو ختنو ٿيل نہ آهي، ڇاڪاڻ تہ اسان اڳ ۾ بيان ڪيو آهي تہ ابرهام جي وشواس رکڻ جي ڪري ئي ايشور کيس پاڻ ڏانهن سچار ڪري ليکيو.


ڏسو، نيم ڏيڻ ۾ ڪي وچ وارا هئا، جڏهن تہ ايشور بنا ڪنهن وچ واري جي ابرهام سان سڌو سنئون وچن ڪيو.


سو جيئن تہ اوهين سڀيئي يسوع مسيح جا ٿي ويا آهيو، تنهنڪري اوهان ۾ يهودي يا غير يهودي، غلام يا آزاد ۽ مرد يا ناريءَ جي الڳ سڃاڻپ نہ رهي آهي.


انهيءَ ڳالهہ جي پوِتر شاستر اڳڪٿي بہ ڪئي آهي تہ ايشور غير قومن کي وشواس آڻڻ جي وسيلي پاڻ ڏانهن سچار بڻائيندو. هائو، هن اڳي ئي اها خوشخبري ابرهام کي ٻڌائي ڇڏي هئي تہ ”تنهنجي وسيلي سڀني قومن کي آسيس ملندي.“


سو جڏهن اسين يسوع مسيح جا آهيون، تڏهن ختنو ڪرائڻ يا نہ ڪرائڻ ڪنهن ڪم جو نہ آهي. پر رڳو مسيح تي وشواس ئي ڪم جو آهي، جنهن جو اثر پريم رکڻ مان ظاهر ٿئي ٿو.


انهيءَ ڪري ختنو ڪرائڻ يا نہ ڪرائڻ ڪجھہ بہ نہ آهي، پر اهم ڳالهہ نئين سر پيدا ٿيڻ آهي.


ياد رکو تہ حقيقي ختنو ڪرايل اسين آهيون، جيڪي ايشور جي پوِتر آتما جي مرضيءَ سان جيون گذاريون ٿا، يسوع مسيح تي فخر ڪريون ٿا ۽ شرير وارين ڳالهين تي وشواس نہ ٿا رکون.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ مڪتي ڏيڻ وارو ايشور هڪڙو ئي آهي ۽ ايشور ۽ ماڻهن جو وچ وارو بہ هڪڙو آهي، يعني يسوع مسيح جيڪو انسان آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ