Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 3:26 - Hindu Sindhi Bible

26 پر هاڻي هو ائين نہ ٿو ڪري. انهيءَ جي بدران پنهنجي سچائي ڏيکاريندي ايشور اهو ظاهر ٿو ڪري تہ هو سچو آهي ۽ هر انهيءَ ماڻهوءَ کي پڻ پاڻ ڏانهن سچار ڪري ٿو، جيڪو يسوع تي وشواس آڻي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

26 هائو، هينئر ئي هو پنهنجي راستبازي ظاهر ٿو ڪري، انهي لاءِ تہ هو پاڻ بہ راستباز رهي ۽ جيڪو يسوع تي ايمان ٿو آڻي، تنهن کي بہ راستباز ٺهرائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

26 پر هاڻي هو ائين نہ ٿو ڪري. انهيءَ جي بدران پنهنجي سچائي ڏيکاريندي خدا اهو ظاهر ٿو ڪري تہ هو سچو آهي ۽ هر انهيءَ ماڻهوءَ کي پڻ پاڻ ڏانهن سچار ڪري ٿو، جيڪو عيسيٰ تي ايمان آڻي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

26 پر ھاڻي خدا پنھنجو انصاف ظاھر ڪري ٿو. جيئن تہ ھو پاڻ سچو آھي، سو ھر انھيءَ کي پاڻ ڏانھن سچار بڻائي ٿو، جيڪو عيسيٰ تي ايمان آڻي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 3:26
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهو ٻار يوحنا شرير توڙي آتما ۾ وڌندو ويو ۽ تيستائين بيابان ۾ رهيو جيستائين بني اسرائيل قوم تي پاڻ کي کُليءَ طرح ظاهر نہ ڪيائين.


ايشور يسوع کي اهڙو ڪفارو بڻايو، جو سندس جان جي ٻليدان جي ڪري جيڪو بہ مٿس وشواس آڻي ٿو تنهن جا پاپ معاف ڪيا وڃن ٿا. ايشور ان مان پنهنجي سچائي ظاهر ڪري ڏيکاري ٿو. جڏهن تہ هن کان اڳي ايشور بردباري ڪندي ماڻهن جي پاپن کي درگذر ٿي ڪيو،


هاڻي ڪيڏانهن ويو اوهان جو فخر؟ انهيءَ جي تہ ڪا گنجائش ئي ناهي رهي. ڪهڙي نيم جي ڪري؟ ڇا عمل واري نيم جي ڪري؟ نہ، رڳو وشواس واري نيم جي ڪري.


جيئن تہ ايشور هڪڙو ئي آهي، سو هو ختني ٿيلن توڙي ختني نہ ٿيلن کي هڪڙي ئي رستي پاڻ ڏانهن سچار ڪري ٿو، يعني وشواس آڻڻ سان.


جڏهن تہ جيڪو ماڻهو ڪم نہ ٿو ڪري، پر ايشور تي وشواس آڻي ٿو، جيڪو پاڻ کان پري رهندڙن کي پاڻ ڏانهن سچار ڪري ٿو تہ هن جو اهو وشواس سندس سچائي ڪري ٿو ليکجي.


ڪير آهي جيڪو ايشور جي چونڊيل ماڻهن تي تهمت هڻندو؟ جڏهن تہ ايشور خود انهن کي پاڻ ڏانهن سچار ٿو بڻائي.


اهي ايشور جي داس موسيٰ جو راڳ ڳائين پيا ۽ گھيٽڙي جو راڳ ڳائيندي چون پيا تہ ”اي پرڀو، سروِشڪتيوان ايشور! تنهنجا ڪم ڪيڏا نہ وڏا ۽ عجيب آهن! هائو، اي قومن جا راجا! تنهنجا ڪم ڪيڏا نہ انصاف وارا ۽ سچا آهن!


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ