Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 3:20 - Hindu Sindhi Bible

20 مطلب تہ نيم جي حڪمن تي عمل ڪرڻ سان ڪوبہ ماڻهو ايشور ڏانهن سچار ٿي نہ ٿو سگھي. نيم جي وسيلي تہ رڳو کيس پاپن جي سڌ پوي ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 ڇالاءِ جو شريعت جي ڪمن جي ڪري ڪوبہ ماڻهو سندس نظر ۾ راستباز ڪين ٺهرندو: ڇالاءِ جو شريعت جي وسيلي ئي گناهہ جي خبر ٿي پوي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 مطلب تہ شريعت جي حڪمن تي عمل ڪرڻ سان ڪوبہ ماڻهو خدا ڏانهن سچار ٿي نہ ٿو سگھي. شريعت جي وسيلي تہ رڳو کيس گناهن جي خبر پوي ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

20 مطلب تہ شريعت جي حڪمن تي عمل ڪرڻ سان ڪوبہ ماڻھو خدا ڏانھن سچار ٿي نہ ٿو سگھي. شريعت جي وسيلي تہ رڳو کيس گناھن جي خبر پوي ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 3:20
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻ جيڪو بہ هن تي وشواس آڻي ٿو سو ايشور ڏانهن سچار بڻجي ٿو، جڏهن تہ موسيٰ جي نيم جي وسيلي هو سچار بڻجي نہ سگھي ها.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ ايشور سندس نيم ٻڌڻ وارن کي نہ، پر سندس نيم تي عمل ڪرڻ وارن کي ئي پاڻ ڏانهن سچار ٿو بڻائي.


هائو، اسين دعويٰ سان چئون ٿا تہ نيم تي عمل ڪرڻ سان نہ، پر ماڻهو رڳو وشواس رکڻ جي وسيلي ايشور ڏانهن سچار بڻجي ٿو.


ابرهام ۽ سندس اولاد سان ايشور اهو وچن ڪيو هو تہ هو کين سنسار جو وارث بڻائيندو. پر اهو وچن انهيءَ ڪري نہ ڪيو ويو تہ ابرهام نيم تي عمل ڪيو، بلڪ انهيءَ ڪري جو هن وشواس آندو ۽ ائين ايشور ڏانهن سچار بڻايو ويو.


ڳالهہ اها آهي تہ نيم تہ ايشور جو ڏمر پيدا ڪري ٿو، پر جتي نيم ئي نہ آهي اتي انهيءَ جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪهڙي؟


سو موسيٰ جي نيم ملڻ کان اڳ سنسار ۾ پاپ هو، پر جتي نيم نہ آهي اتي پاپن جو حساب بہ نہ ٿو رکيو وڃي.


مطلب تہ موسيٰ جو نيم انهيءَ لاءِ آيو تہ جيئن ان جي حڪمن جي ڀڃڪڙيءَ ڪري پاپ وڌي. پر جتي پاپ گھڻو وڌيو اتي ايشور جي ڪرپا انهيءَ کان بہ گھڻو جھجھي انداز ۾ وڌي.


پاپ وجھہ وٺي نيم واري انهيءَ حڪم جي وسيلي مون کي برغلايو ۽ انهيءَ ئي حڪم جي وسيلي مون کي ماري وڌائين.


ان جو سبب ڪهڙو هو؟ اهو هو تہ هنن وشواس رکڻ جي وسيلي نہ، پر نيم تي عمل جي وسيلي ايشور وٽ سچار طور قبول پوڻ جي ڪوشش ڪئي. ائين هنن انهيءَ ٿاٻڙائڻ واري پٿر تان ٿاٻو کاڌو.


ڏسو، موت جو ڏنگ پاپ آهي ۽ پاپ جي شڪتي نيم آهي.


تنهن هوندي بہ اسين ڄاڻون ٿا تہ ڪوبہ ماڻهو موسيٰ جي نيم تي عمل ڪرڻ سان نہ، پر رڳو يسوع مسيح تي وشواس آڻڻ سان ايشور ڏانهن سچار بڻجي ٿو. تنهنڪري اسان بہ يسوع مسيح تي وشواس آندو تہ جيئن نيم تي عمل ڪرڻ سبب نہ، پر مسيح تي وشواس آڻڻ سبب ايشور ڏانهن سچار بڻايا وڃون، ڇاڪاڻ تہ نيم تي عمل ڪرڻ سبب ڪوبہ انسان ايشور ڏانهن سچار نہ بڻبو.


جيئن تہ نيم جي وسيلي آءٌ پاپي قرار ڏنو ويو آهيان، سو نيم جي نسبت ۾ آءٌ مري ويو آهيان، تہ جيئن ايشور جي نسبت ۾ جيوت رهان.


اوهين جيڪي نيم جي وسيلي ايشور وٽ سچار طور قبول پوڻ جي ڪوشش ٿا ڪريو، سي مسيح کان جدا ۽ ايشور جي ڪرپا کان محروم ٿي ويا آهيو.


ڇاڪاڻ تہ نيم ڪنهن بہ ڳالهہ کي مڪمل ڪري نہ سگھيو. سو انهيءَ جي بدران اسان کي هڪ بهتر اميد ڏني ويئي آهي، جنهن جي وسيلي اسين ايشور وٽ وڃي ٿا سگھون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ