Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 2:6 - Hindu Sindhi Bible

6 ايشور هر ڪنهن کي سندس عملن موجب لاڀ ڏيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 اُهو هر ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجن پنهنجن ڪمن موجب بدلو ڏيندو:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 خدا هر ڪنهن کي سندس عملن موجب اجر ڏيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

6 خدا ھر ڪنھن کي سندس ڪمن موجب اجر ڏيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 2:6
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڏسو، منش‌پتر پنهنجي پتا جي جوت ۾ دوتن سان گڏ جلد ايندو ۽ هر هڪ ماڻهوءَ کي سندس عملن موجب لاڀ ڏيندو.


اهڙين ڳالهين بابت اوهان جو جيڪو وشواس آهي سو اوهان جي ۽ ايشور جي وچ ۾ رهي، يعني اهو پنهنجي دل ۾ ئي رکو. سڀاڳو آهي اهو ماڻهو جيڪو پاڻ کي انهيءَ ڪم جي ڪرڻ سان ڏوهاري قرار نہ ٿو ڏياري، جيڪو سندس نظر ۾ مناسب آهي.


پوکڻ وارو ۽ پاڻي ڏيڻ وارو ٻئي هڪجهڙا آهن. هر ڪنهن کي پنهنجي پورهئي آهر لاڀ ملندو.


تنهنڪري پرڀو يسوع جي اچڻ تائين ترسو ۽ مقرر وقت کان اڳي ڪنهن بہ ڳالهہ جو فيصلو نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ اهو ئي اوندهہ ۾ لڪل ڳالهيون روشنيءَ ۾ آڻيندو ۽ ماڻهن جي دلين جا منصوبا ظاهر ڪندو. تڏهن ايشور جي طرفان هر مناسب سوچ رکندڙ جي ساراهہ ڪئي ويندي.


تنهنڪري جيڪڏهن شيطان جا سيوڪ بہ پنهنجو روپ مَٽائي پاڻ کي سچائيءَ جي سيوڪن جهڙو ٿا بڻائين تہ ڪو عجب ڪونهي. پر انهن جي پڇاڙي سندن عملن مطابق ٿيندي.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ اسان سڀني کي مسيح جي عدالت اڳيان پيش ٿيڻو آهي، تہ جيئن هر ڪنهن کي انهن ڪمن جو بدلو ملي، جيڪي هن شرير ۾ رهي ڪيا آهن، پوءِ اهي چڱا هجن يا بڇڙا.


پتل جا ٿانوَ ٺاهڻ واري سڪندر مون سان گھڻي بڇڙائي ڪئي آهي. پرڀو يسوع هن کي پنهنجو ڪيتو لوڙائيندو.


هائو، آءٌ انهيءَ ناريءَ جي پوئلڳن کي ماري ڇڏيندس ۽ پوءِ سڀيئي وشواسي منڊليون ڄاڻي وٺنديون تہ آءٌ ئي دلين ۽ دماغن کي پرکڻ وارو آهيان ۽ آءٌ ئي اوهان مان هر هڪ کي سندس عملن جو بدلو ڏيندس.


مون سڀني مئلن، ننڍن توڙي وڏن کي تخت جي اڳيان بيٺل ڏٺو. پوءِ هڪ شاستر، يعني جيون شاستر کوليو ويو. اُن سان گڏ ٻيا شاستر بہ کوليا ويا ۽ جهڙيءَ طرح انهن شاسترن ۾ لکيل هو، تهڙيءَ طرح مئلن جي عملن موجب سندن فيصلو ڪيو ويو.


جيئن پرڀو يسوع چوي ٿو تہ ”ٻڌو، آءٌ جلد اچڻ وارو آهيان ۽ منهنجو ڦل مون ساڻ آهي، تہ جيئن هر ڪنهن کي سندس عملن موجب بدلو ڏيان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ