Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 2:3 - Hindu Sindhi Bible

3 اي انسان! تون اهڙن ڪمن ڪرڻ وارن تي تہ الزام هڻين ٿو، پر پاڻ بہ ساڳيا ئي ڪم ٿو ڪرين! ڇا تون ائين ٿو سمجھين تہ ايشور جي فيصلي کان بچي ويندين؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 اي انسان، تون جو اهڙن ڪمن ڪرڻ وارن تي ڏوهہ ٿو رکين، ۽ پاڻ اُهي ئي ساڳيا ڪم ٿو ڪرين، سو ائين سمجهين ٿو ڇا، تہ خدا جي عدالت کان بچي ويندين؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 اي انسان! تون اهڙن ڪمن ڪرڻ وارن تي تہ الزام هڻين ٿو، پر پاڻ بہ ساڳيا ئي ڪم ٿو ڪرين! ڇا تون ائين ٿو سمجھين تہ خدا جي فيصلي کان بچي ويندين؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

3 اي انسان! تون اھڙن ڪمن ڪرڻ وارن تي ڏوھہ تہ ڏين ٿو، پر پاڻ ساڳيا ئي ڪم ٿو ڪرين. ڇا تون ائين سمجھين ٿو تہ خدا جي فيصلي کان بچي ويندين؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 2:3
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي نانگ جا ٻچؤ! اي ڪاريهر نانگؤ! اوهين نرڳ جي سزا کان ڪيئن بچي سگھندا؟


تون نہ ٿو ڄاڻي ڇا تہ آءٌ پنهنجي پتا کي وينتي ڪري ٿو سگھان تہ هو هينئر ئي منهنجي مدد لاءِ ٻارهن لشڪرن کان بہ مٿي دوت موڪلي ڏئي؟


پر يسوع کيس چيو تہ ”ميان! مون کي اوهان جي ونڊ ورڇ لاءِ ڪنهن امين مقرر ڪيو آهي؟“


گھڙي کن کان پوءِ ٻئي ڄڻي ڏٺس ۽ چيس تہ ”تون انهن مان آهين.“ پر پطرس ورنديءَ ۾ چيو تہ ”ادا! اهو آءٌ نہ آهيان.“


پر پطرس چيو تہ ”ادا! آءٌ نہ ٿو ڄاڻان تہ اوهين ڇا ٿا چئو.“ هو اڃا ڳالهائي ئي پيو تہ انهيءَ دم ڪڪڙ ٻانگ ڏني.


جيتوڻيڪ اهي ايشور جي هن حڪم کي ڄاڻين ٿا تہ جيڪي ماڻهو هي ڪم ڪن ٿا سي موت جي لائق آهن، تنهن هوندي بہ اهي نہ رڳو پاڻ هي ڪم ڪن ٿا، بلڪ جيڪي ٻيا اهڙا ڪم ڪن ٿا تن کان بہ راضي ٿين ٿا.


هاڻ اي انسان! تون جيڪو ٻين جا عيب ٿو اُگھاڙين، پوءِ تون کڻي ڪير بہ هجين تو کي انهيءَ جو ڪوبہ حق نہ آهي، ڇاڪاڻ تہ جن ڪمن جو الزام تون ٻين تي ٿو هڻين، سي ڪم تہ تون خود ڪري پاڻ کي ڏوهاري ٿو قرار ڏئين.


جڏهن تہ اسين سڀ ڄاڻون ٿا تہ جيڪي اهڙا ڪم ڪن ٿا تن بابت ايشور جو فيصلو حق سچ وارو آهي.


پر اي انسان! تون ڪير ٿيندو آهين جو ايشور سان سوال جواب ڪرين؟ ڇا رچيل شيءِ رچيندڙ کي چئي سگھي ٿي تہ ”تو مون کي اهڙو ڇو رچيو آهي؟“


جنهن وقت ماڻهو چوندا هوندا تہ ”ڪو ڊپ ڪونهي، اسين محفوظ آهيون،“ انهيءَ وقت اوچتو ئي اوچتو مٿن تباهي ائين اچي پرگھٽ ٿيندي جيئن پيٽ واري ناريءَ کي سور ٿيڻ لڳندا آهن. تڏهن اهي هرگز نہ بچندا.


خبردار! انهيءَ هستيءَ جي فرمان جو انڪار نہ ڪجو جيڪو هن وقت ڳالهائي ٿو، ڇاڪاڻ تہ بني اسرائيل وارا، جن ڌرتيءَ تي ڏنل سندس فرمان جو انڪار ڪيو هو سي بچي نہ سگھيا. تہ پوءِ آڪاش مان آيل سندس فرمان جو جيڪڏهن اسين انڪار ڪنداسين تہ ڪيئن بچي سگھنداسين؟


تہ پوءِ هيڏي مهان مڪتيءَ کان جيڪڏهن اسين لاپرواهہ رهياسين تہ ڪيئن بچي سگھنداسين؟ انهيءَ مڪتيءَ جو اعلان پهريائين خود پرڀو يسوع ڪيو ۽ پوءِ جن ماڻهن اهو ٻڌو تن اسان کي ثابتي ڏيئي انهيءَ سچائيءَ جي شاهدي ڏني.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ