Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 2:19 - Hindu Sindhi Bible

19 اوهين پنهنجو پاڻ تي يقين ٿا رکو تہ ”اسين انڌن لاءِ رهبر ۽ انهن لاءِ روشني آهيون جيڪي اونداهيءَ ۾ آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

19 ۽ اها پڪ اٿيئي تہ تون پاڻ انڌن جو سونهون آهين، ۽ جيڪي اونداهيءَ ۾ آهن، تن جو سوجهرو آهين؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 اوهين پنهنجو پاڻ تي يقين ٿا رکو تہ ”اسين انڌن لاءِ رهبر ۽ انهن لاءِ روشني آهيون جيڪي اونداهيءَ ۾ آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

19 تو کي يقين آھي تہ تون انڌن لاءِ رھبر ۽ انھن لاءِ روشني آھين جيڪي اونداھيءَ ۾ آھن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 2:19
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو اوهين انهن کي ڇڏي ڏيو، ڇاڪاڻ تہ هو انڌن جا انڌا اڳواڻ آهن. هاڻي جيڪڏهن انڌو انڌي جي اڳواڻي ڪندو تہ ٻئي وڃي کڏ ۾ ڪرندا.“


اتي جا ماڻهو جيڪي اونداهيءَ ۾ ويٺل هئا، تن هڪڙي وڏي روشني ڏٺي. هائو، اهي جيڪي موت واري اونداهي ملڪ ۾ ويٺا هئا، تن تي روشني ظاهر ٿي.“


جيئن ڪو ٽڪر تي اڏيل شهر نظر کان لڪي نہ ٿو سگھي، تيئن اوهين سڄي سنسار لاءِ روشنيءَ مثل آهيو.


پر جيڪڏهن اوهان جي نظر ڪنهن غلط پاسي ڏانهن هوندي تہ اوهان جي سڄي شرير اندر اونداهي هوندي. سو جيڪا روشني اوهان ۾ آهي سا جيڪڏهن اوندهہ هجي تہ پوءِ ڪيڏي نہ وڏي اونداهي ٿي پوندي.“


آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيستائين ڪو ايشور جي راڄ کي هڪ ننڍي ٻار وانگر ٿي قبول نہ ڪندو، تيستائين اهو ان ۾ داخل نہ ٿيندو.“


جيڪا شانتيءَ واري رستي جي رهنمائي ڪرڻ لاءِ اسان سڀني تي چمڪندي، جيڪي اونداهيءَ ۽ موت جي پاڇي ۾ رهون ٿا.“


تنهن تي انهن چيس تہ ”تون اصل ڄائو ئي پاپن ۾ آهين ۽ هاڻي تون ٿو اسان کي سيکارين؟“ پوءِ انهن کيس ڀڳتيءَ واري جاءِ مان نيڪالي ڏيئي ڇڏي.


تو کي انهن جون اکيون کولڻيون آهن ۽ کين اونداهيءَ مان ڪڍي روشنيءَ ۾ آڻڻو آهي. انهن کي شيطان جي چنبي کان آزاد ڪري ايشور ڏانهن موڙڻو آهي، تہ جيئن اهي مون تي وشواس آڻين ۽ پاپن جي معافي ملين ۽ هو ايشور جي پنهنجي قوم ۾ ليکيا وڃن.‘“


ايشور جي نيم جي سکيا مان اوهين سمجھي ٿا وٺو تہ ايشور جي مرضي ڪهڙي آهي ۽ ڪهڙا ڪم ۽ رستا صحيح آهن.


اسين بي‌سمجھن کي سمجھائيندڙ ۽ نوجوانن کي سکيا ڏيندڙ آهيون، ڇاڪاڻ تہ ايشور جي نيم جي صورت ۾ سڄي ڄاڻ ۽ حق سچ اسان وٽ موجود آهي.“


ڪوبہ ماڻهو پاڻ کي نہ ٺڳي. جيڪڏهن اوهان منجھان ڪو ماڻهو ڀانئين ٿو تہ هو سنسار جي لحاظ کان ڏاهو آهي، تہ پوءِ کيس مورک بڻجڻ گھرجي تہ جيئن هو حقيقي ڏاهو ٿي پوي.


اسين تہ مسيح جي خاطر مورک ٿا سڏجون، پر اوهين مسيح ۾ سياڻا ٿا ليکجو. اسين هيڻا پر اوهين ٻلوان، اوهين مانوارا پر اسين بي‌مانا ٿا ليکجون.


تہ جيئن اوهين بي‌ڏوهي ۽ معصوم ٿي ڪري ڏنگن ۽ ڀَٽڪيل ماڻهن جي هن سنسار ۾ ايشور جا بي‌عيب ٻار ثابت ٿيو. مطلب تہ انهن جي وچ ۾ اوهين ائين چمڪو جيئن آڪاش ۾ ستارا


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ