Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 2:14 - Hindu Sindhi Bible

14 غير قومون جن وٽ ايشور جو نيم ڪونهي سي جيڪڏهن پنهنجي فطرت موجب ايشور جي نيم جهڙا ڪم ڪن ٿيون تہ اهي پنهنجي لاءِ پاڻ نيم آهن، توڙي جو انهن وٽ سندس نيم نہ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 ڇالاءِ جو غير قومون، جن وٽ شريعت ڪانهي، سي جڏهن طبيعت موجب شريعت جهڙا ڪم ٿيون ڪن، تڏهن جيتوڻيڪ هنن وٽ شريعت نہ آهي، تہ بہ هو پنهنجي لاءِ پاڻ شريعت آهن،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 غير قومون جن وٽ شريعت ڪانهي سي جيڪڏهن پنهنجي فطرت موجب شريعت جهڙا ڪم ڪن ٿيون تہ اهي پنهنجي لاءِ پاڻ شريعت آهن، توڙي جو انهن وٽ شريعت نہ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

14 غير قومون جن وٽ شريعت ڪانھي سي جيڪڏھن پنھنجي فطرت موجب شريعت جھڙا ڪم ڪن ٿيون تہ اھي پنھنجي لاءِ پاڻ شريعت آھن، توڙي جو انھن وٽ شريعت نہ آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 2:14
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بلڪ جيڪو ايشور جو خوف رکي ٿو ۽ سچائيءَ وارا ڪم ڪري ٿو سو ئي وٽس قبول پوي ٿو، پوءِ ڀلي اهو ڪنهن بہ قوم مان هجي.


گذريل زمانن ۾ هن هر قوم کي پنهنجي پنهنجي رستي تي هلڻ لاءِ ڇڏي ڏنو هو.


ايشور جهالت وارن زمانن کي نظرانداز ڪندي هاڻي سڀني ماڻهن کي هر هنڌ اهو حڪم ٿو ڏئي تہ هو توبهہ ڪن،


جيتوڻيڪ اهي ايشور جي هن حڪم کي ڄاڻين ٿا تہ جيڪي ماڻهو هي ڪم ڪن ٿا سي موت جي لائق آهن، تنهن هوندي بہ اهي نہ رڳو پاڻ هي ڪم ڪن ٿا، بلڪ جيڪي ٻيا اهڙا ڪم ڪن ٿا تن کان بہ راضي ٿين ٿا.


ايشور هر پاپ ڪندڙ کي سزا ڏيندو. هائو، غير قوم وارا جن موسيٰ جي معرفت مليل نيم کان سواءِ پاپ ڪيا، سي انهيءَ نيم کان سواءِ ئي ناس ٿيندا ۽ يهودي جن موسيٰ جي نيم هوندي پاپ ڪيا، تن جو فيصلو بہ انهيءَ نيم موجب ٿيندو.


انهن قومن جي عمل مان سڌ پوي ٿي تہ نيم جون ڳالهيون سندن دلين تي اُڪريل آهن ۽ سندن ضمير انهن ڳالهين جي شاهدي ٿو ڏئي. سو انهن جا خيال ڪڏهن پنهنجو پاڻ تي تهمت ٿا هڻن تہ ڪڏهن پاڻ کي آزاد ٿا سمجھن.


جيتوڻيڪ اوهان يهودين جو ختنو ٿيل آهي ۽ اوهان وٽ ايشور جو نيم بہ موجود آهي، تڏهن بہ اوهين انهيءَ جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ٿا ڪريو. تہ پوءِ غير قوم وارا جن جو ختنو ٿيل نہ آهي، پر ايشور جي نيم جهڙا عمل ڪن ٿا، تن جي ڪري اوهان کي پاپي قرار نہ ڏنو ويندو ڇا؟


ڇا فطرت خود اوهان کي اهو نہ ٿي سيکاري تہ مرد لاءِ ڊگھا وار رکڻ اپمان جي ڳالهہ آهي،


غير قومون جيڪي نيم کان سواءِ آهن، تن لاءِ آءٌ انهن جهڙو بڻيس تہ جيئن کين هٿ ڪريان، جيتوڻيڪ آءٌ پاڻ ايشور جي نيم کان سواءِ ڪين هئس. اهو ائين جو آءٌ مسيح جي نيم جو پابند هئس.


اڳي اوهين مسيح کان ڌار، بني اسرائيل جي منڊليءَ کان ٻاهر ۽ ايشور جي ٻڌل وچنن کان اڻ‌ڄاڻ هئا. اوهين هن سنسار ۾ ايشور کان جدا ۽ نااميديءَ وارو جيون گذاريندا هئا.


اڳ اسين سڀيئي بہ انهن سان گڏ پنهنجي انساني فطرت جي شريري خواهشن موجب جيون گذاريندا هئاسين ۽ پنهنجي تن ۽ من جون خواهشون پوريون ڪندا هئاسين. اسين فطري حالت جي ڪري ٻين ماڻهن وانگر ايشور جي ناراضپي جا حقدار هئاسين.


هاڻي اي ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪي بہ ڳالهيون سچيون آهن، جيڪي بہ ڳالهيون شرافت جهڙيون آهن، جيڪي بہ ڳالهيون صحيح آهن، جيڪي بہ ڳالهيون پوِتر آهن، جيڪي بہ ڳالهيون وڻندڙ آهن، جيڪي بہ ڳالهيون من کي موهيندڙ آهن، مطلب تہ جيڪي بہ نيڪيءَ واريون ۽ ساراهہ جي لائق ڳالهيون آهن انهن تي ويچار ڪندا رهجو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ