Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 16:7 - Hindu Sindhi Bible

7 منهنجي قوم وارن اندرنيڪس ۽ يونياس کي نمسڪار چئجو، جيڪي مون سان گڏ جيل ۾ هئا ۽ مخصوص ڪيل پرچارين طور مشهور آهن ۽ جن مون کان اڳ مسيح تي وشواس آندو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 منهنجن مائٽن ۽ مون سان گڏ قيد ٿيلن، اندرنيڪس ۽ يونياس کي سلام ڏجو، جي رسولن ۾ مشهور آهن، ۽ مون کان اڳي مسيح ۾ شامل ٿيا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 منهنجي قوم وارن اندرنيڪس ۽ يونياس کي سلام ڏجو، جيڪي مون سان گڏ جيل ۾ هئا ۽ مخصوص ڪيل تبليغ ڪندڙن طور مشهور آهن ۽ جن مون کان اڳ مسيح تي ايمان آندو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

7 منھنجي قوم وارن اندرنيڪس ۽ يونياس کي سلام ڏجو، جيڪي مون سان گڏ جيل ۾ ھئا ۽ جيڪي رسولن ۾ مشھور آھن ۽ مون کان اڳي مسيحي ٿيا ھئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 16:7
31 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن اهو ڏينهن ايندو تڏهن اوهين ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ پنهنجي پتا ۾ آهيان، اوهين مون ۾ آهيو ۽ آءٌ اوهان ۾ آهيان.


مون ۾ جيڪا ٽاري ميوو نہ ٿي جھلي تنهن کي هو وڍي اڇلائي ٿو. پر جيڪا ٽاري ميوو جھلي ٿي تنهن کي هو ڇانگي ٿو تہ جيئن اها وڌيڪ ميوو ڏئي.


جيڪو بہ منهنجو ماس کائي ٿو ۽ منهنجو رت پيئي ٿو، سو مون ۾ رهي ٿو ۽ آءٌ هن ۾ رهان ٿو.


اپليس کي نمسڪار چئجو، جنهن جي مسيح سان وفاداري ثابت ٿي چڪي آهي. انهن وشواسين کي بہ منهنجا نمسڪار چئجو، جيڪي ارستبولس جي گھر ۾ آهن.


هيروديون نالي منهنجي قوم واري کي منهنجا نمسڪار چئجو. نرڪسس جي گھر ۾ جيڪي مسيح جا آهن، تن کي منهنجا نمسڪار چئجو.


مون سان گڏ سيوا ڪندڙ تيمٿيس ۽ منهنجي قوم وارا لوڪيس، ياسون ۽ سوسپطرس اوهان کي نمسڪار ٿا چون.


پرسڪلا ۽ سندس پتي اڪولا کي منهنجا نمسڪار چئجو، جيڪي نہ رڳو مون سان گڏجي يسوع مسيح جي سيوا ڪندا رهيا آهن،


مريم کي منهنجا نمسڪار چئجو، جنهن اوهان جي لاءِ گھڻي محنت ڪئي آهي.


امپلياطس کي منهنجا نمسڪار چئجو، جيڪو مسيح ۾ منهنجو پيارو ڀاءُ آهي.


اُربانُس کي منهنجا نمسڪار چئجو، جيڪو اسان وانگر مسيح جي سيوا ڪندڙ ساٿي آهي. منهنجي پياري دوست استخس کي بہ نمسڪار چئجو.


پر هاڻ جيڪي يسوع مسيح ۾ آهن، سي پاپي هئڻ جي فيصلي کان آزاد آهن.


هاڻ جيڪڏهن اوهان ۾ ايشور جي آتما موجود آهي، جنهن يسوع کي مئلن مان جيوت ڪيو، تہ پوءِ مسيح کي مئلن مان جيوت ڪرڻ وارو اوهان جي ناس ٿيندڙ شريرن کي بہ پنهنجي انهيءَ آتما جي وسيلي جيوت ڪندو جيڪا اوهان ۾ رهي ٿي.


اهو ايشور ئي تہ آهي جنهن اسان کي يسوع مسيح سان گڏي هڪ ڪري ڇڏيو آهي ۽ اهو مسيح ئي آهي جنهن کي ايشور اسان لاءِ ڏاهپ بڻايو آهي، جنهن مان سچائي، پوِترتائي ۽ مڪتي ملي ٿي،


ڇا هو ئي مسيح جا سيوڪ آهن؟ آءٌ ديواني وانگر ڳالهايان ٿو تہ آءٌ انهن کان بهتر سيوڪ آهيان. مون انهن کان وڌيڪ سخت محنت ڪئي آهي. آءٌ انهن کان ڪيترائي دفعا وڌيڪ قيد ۾ رهيو آهيان. مون انهن کان وڌيڪ چهبڪ کاڌا آهن. آءٌ گھڻا ئي دفعا موت جي منهن ۾ ويو آهيان.


آءٌ مسيح جي هڪڙي پوئلڳ کي ڄاڻان ٿو، جيڪو چوڏهن سال اڳي اوچتو آڪاش تي کنيو ويو. مون کي سڌ نہ آهي تہ هو شرير سميت يا شرير کان سواءِ کنيو ويو. اهو ايشور ئي ڄاڻي ٿو.


مطلب تہ جيڪو بہ مسيح ۾ آهي سو نئون رچيل آهي. پراڻو جيون گذري ويو، ڏسو، نئون جيون شروع ٿي ويو آهي.


مسيح جيڪو پاپ کان پوِتر هو، تنهن کي ايشور اسان جي واسطي پاپ جو ٻليدان مقرر ڪيو، تہ جيئن مسيح ۾ هئڻ ڪري اسان مان ايشور جي سچائي ظاهر ٿئي.


ان وقت يهوديہ صوبي ۾ جيڪي مسيح جون منڊليون هيون، تن منهنجي شڪل بہ نہ ڏٺي هئي.


آءٌ انهيءَ ڪري ويس جو آڪاش‌واڻيءَ ۾ مون کي اوڏانهن وڃڻ جو حڪم ٿيو. اتي جيڪي ماڻهو وشواسي منڊليءَ جا مانوارا سمجھيا ويندا هئا، تن جي اڳيان مون نويڪلائيءَ ۾ اها خوشخبري پيش ڪئي، جنهن جو پرچار آءٌ غير قومن ۾ ڪندو آهيان. اهو مون انهيءَ ڪري ڪيو تہ جيئن سڀني جي اڳيان اهو ظاهر ٿئي تہ اسان سنتن جي خوشخبري هڪجهڙي آهي يا نہ. مون نہ ٿي چاهيو تہ منهنجي اڳوڻي يا هاڻوڪي ڊڪ ڊوڙ اجائي ٿئي.


باقي منڊليءَ ۾ جيڪي مانوارا ليکيا ويندا هئا، پوءِ انهن جو رتبو ڪهڙو بہ هو، انهيءَ ڳالهہ سان منهنجو واسطو ڪونهي، ڇاڪاڻ تہ ايشور جي نظر ۾ سڀ برابر آهن، تن مان مون کي وڌيڪ ڪابہ ڳالهہ حاصل نہ ٿي.


سو جڏهن اسين يسوع مسيح جا آهيون، تڏهن ختنو ڪرائڻ يا نہ ڪرائڻ ڪنهن ڪم جو نہ آهي. پر رڳو مسيح تي وشواس ئي ڪم جو آهي، جنهن جو اثر پريم رکڻ مان ظاهر ٿئي ٿو.


انهيءَ ڪري ختنو ڪرائڻ يا نہ ڪرائڻ ڪجھہ بہ نہ آهي، پر اهم ڳالهہ نئين سر پيدا ٿيڻ آهي.


اسين تہ ايشور جي ڪاريگري آهيون ۽ هن اسان کي يسوع مسيح ۾ نئين سر پيدا ڪيو آهي، تہ جيئن اسين چڱا ڪم ڪندا رهون جيڪي هن اڳي ئي اسان جي ڪرڻ لاءِ تيار ڪري ڇڏيا آهن.


ارسترخس، جيڪو مون سان گڏ قيد ۾ آهي، اوهان کي نمسڪار چوي ٿو. مرقس بہ، جيڪو برنباس جو سؤٽ آهي اوهان کي نمسڪار چوي ٿو. هن بابت اوهان کي هدايتون ٿيل آهن، سو جيڪڏهن هو اوهان وٽ اچي تہ سندس آڌرڀاءُ ڪجو.


اِپفراس، جيڪو مون سان گڏ يسوع مسيح جي واسطي قيدي آهي ۽ مرقس، ارسترخس، ديماس ۽ لوقا جيڪي مون سان گڏ ڪم ڪندڙ آهن، سي سڀ تو کي نمسڪار ٿا ڏين.


اسين ڪيئن ڄاڻي سگھون ٿا تہ اسين ايشور ۾ رهون ٿا ۽ هو اسان ۾ رهي ٿو؟ اهو اسين هن طرح ٿا ڄاڻون جو هن اسان کي پنهنجي پوِتر آتما بخشي آهي.


اسين اهو بہ ڄاڻون ٿا تہ ايشور جو پٽ هن سنسار ۾ آيو آهي. هن اسان کي سمجھہ بخشي آهي تہ جيئن اسين انهيءَ هستيءَ کي ڄاڻون جيڪو حقيقي آهي ۽ اسين انهيءَ حقيقيءَ ۾ سندس پٽ يسوع مسيح ۾ هئڻ ڪري آهيون. اهو ئي حقيقي ايشور ۽ امر جيون آهي.


آءٌ يوحنا اوهان جو وشواسي ڀاءُ، يسوع جو هئڻ ڪري ستائجڻ ۾، ايشور جي راڄ ۾ ۽ ثابت قدميءَ ۾ اوهان سان شريڪ آهيان. آءٌ ايشور جي سنديش ٻڌائڻ ۽ يسوع بابت شاهدي ڏيڻ ڪري انهيءَ ٻيٽ ۾ ڇڏيو ويو هئس جيڪو پتمس ٿو سڏجي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ