Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 16:19 - Hindu Sindhi Bible

19 جيتوڻيڪ مسيح لاءِ اوهان جي فرمانبرداريءَ بابت سڀني ماڻهن کي خبر پئجي ويئي آهي، جنهن ڪري آءٌ اوهان مان ڏاڍو خوش آهيان، تنهن هوندي بہ منهنجي اها خواهش آهي تہ اوهين نيڪ ڪمن ۾ سياڻا ۽ خراب ڪمن ۾ اٻوجھہ ٿي رهو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

19 هن ڪري جو اوهان جي فرمانبرداري سڀني ماڻهن کي معلوم ٿي ويئي آهي، تنهنڪري آئون اوهان جي ڪري ڏاڍو خوش ٿو ٿيان: پر منهنجي مرضي آهي تہ اوهين چڱين ڳالهين ۾ ڏاها، ۽ خراب ڳالهين ۾ ڀورڙا ٿي رهو؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 جيتوڻيڪ مسيح لاءِ اوهان جي فرمانبرداري سڀني ماڻهن کي معلوم ٿي ويئي آهي، جنهن ڪري آءٌ اوهان مان ڏاڍو خوش آهيان، تنهن هوندي بہ منهنجي اها خواهش آهي تہ اوهين نيڪ ڪمن ۾ سياڻا ۽ خراب ڪمن ۾ اٻوجھہ ٿي رهو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

19 مسيح سان اوھان جي وفاداري سڀني ماڻھن کي معلوم ٿي ويئي آھي، تنھنڪري آءٌ اوھان مان ڏاڍو خوش آھيان. پر منھنجي اھا بہ خواھش آھي تہ اوھين نيڪ ڪمن ۾ سياڻا ۽ خراب ڪمن ۾ اٻوجھہ ٿي رھو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 16:19
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”ڏسو، آءٌ اوهان کي ڄڻ تہ رڍن وانگر بگھڙن منجھہ موڪليان ٿو، تنهنڪري اوهين نانگن وانگر چالاڪ ٿجو ۽ ڪبوترن وانگر نہ ڏکوئيندڙ ٿجو.


وڃو، آءٌ اوهان ڄڻ تہ گھيٽڙن کي بگھڙن منجھہ ٿو موڪليان.


سڀ کان پهريائين آءٌ اوهان سڀني لاءِ يسوع مسيح جي معرفت پنهنجي ايشور جو شڪر ادا ٿو ڪريان، جو اوهان جي وشواس جون ڳالهيون سڄي سنسار ۾ ٿي رهيون آهن.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهين ٻاراڻي سمجھہ نہ رکو. بڇڙائيءَ ۾ تہ ٻارڙا بڻجو، پر سمجھہ ۾ جوان ٿيو.


انهيءَ ڪري مورک نہ ٿيو، پر سمجھو تہ پرڀو يسوع جي مرضي ڪهڙي آهي.


سو منهنجي پرارٿنا آهي تہ ڄاڻ ۽ هر طرح جي سمجھہ سان گڏوگڏ اوهان ۾ پريم گھڻي کان گھڻو وڌندو وڃي،


تہ جيئن اوهين بي‌ڏوهي ۽ معصوم ٿي ڪري ڏنگن ۽ ڀَٽڪيل ماڻهن جي هن سنسار ۾ ايشور جا بي‌عيب ٻار ثابت ٿيو. مطلب تہ انهن جي وچ ۾ اوهين ائين چمڪو جيئن آڪاش ۾ ستارا


مسيح بابت سنديش کي پوريءَ طرح پاڻ ۾ رهڻ ڏيو ۽ پوريءَ ڏاهپ سان هڪٻئي کي سکيا ڏيندا ۽ نصيحت ڪندا رهو. ان سان گڏ دل سان ايشور جي شڪرگذاري ڪندي زبور، ڀڄن ۽ آتمڪ گيت ڳائيندا رهو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ