Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 16:12 - Hindu Sindhi Bible

12 تروفينا ۽ تروفوسا، جيڪي پرڀو يسوع جي سيوا ۾ محنت ڪن ٿيون، تن کي منهنجا نمسڪار چئجو. پياري ڀيڻ پرسس کي بہ منهنجا نمسڪار چئجو، جنهن پرڀو يسوع لاءِ ڏاڍو ڪم ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 تروفينا ۽ تروفوسہ، جي خداوند ۾ محنت ٿيون ڪن، تن کي سلام ڏجو. پياري پرسس کي سلام ڏجو، جنهن خداوند ۾ گهڻو پورهيو ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 تروفينا ۽ تروفوسا، جيڪي خداوند عيسيٰ جي خدمت ۾ محنت ڪن ٿيون، تن کي منهنجا سلام ڏجو. پياري ڀيڻ پرسس کي بہ منهنجا سلام ڏجو، جنهن خداوند عيسيٰ لاءِ ڏاڍو ڪم ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

12 تروفينا ۽ تروفوسا، جيڪي خداوند جي خدمت ۾ محنت ڪن ٿيون تن کي منھنجا سلام ڏجو. پياري پرسس کي بہ منھنجا سلام ڏجو، جنھن خداوند لاءِ ڏاڍو ڪم ڪيو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 16:12
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

وري جيڪڏهن اوهين رڳو پنهنجن وشواسي ڀائرن ڀينرن جو ڀليڪار ڪريو ٿا تہ اوهان ڪا خاص ڳالهہ تہ ڪانہ ڪئي، ڇو تہ غير وشواسي بہ ائين ئي ڪن ٿا.


تنهنڪري فصل جي مالڪ کي وينتي ڪريو تہ پنهنجي فصل جي لاباري لاءِ ماڻهو موڪلي.“


هيروديون نالي منهنجي قوم واري کي منهنجا نمسڪار چئجو. نرڪسس جي گھر ۾ جيڪي مسيح جا آهن، تن کي منهنجا نمسڪار چئجو.


روفس، جيڪو مسيح ۾ اسان جو ڀاءُ آهي تنهن کي نمسڪار چئجو ۽ سندس ماتا کي بہ منهنجا نمسڪار چئجو، جنهن مون کي پنهنجو پٽ ڪري ٿي ڀانئيو.


هاڻي آءٌ جيڪي ڪجھہ آهيان، سو ايشور جي ڪرپا سان آهيان ۽ ايشور جي اها ڪرپا مون تي اجائي نہ هئي، ڇو تہ مون ٻين سڀني سنتن کان وڌيڪ سيوا جو ڪم ڪيو آهي. تنهن هوندي بہ منهنجي محنت نہ، پر اها ايشور جي ڪرپا هئي جيڪا مون تي آهي.


تہ پوءِ اي منهنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! مضبوط ۽ ثابت قدم رهو. پرڀو يسوع جي ڪم ۾ هميشہ وڌندا هلو، اهو ڄاڻيندي تہ سندس سيوا ۾ اوهان جو پورهيو اجايو نہ آهي.


اهڙن ماڻهن ۽ جيڪي بہ انهن سان گڏجي سيوا وارو ڪم ڪن ٿا، تن سڀني جي اوهين فرمانبرداري ڪريو.


انهيءَ مقصد لاءِ ئي آءٌ ايشور جي انهيءَ شڪتيءَ موجب سخت جدوجهد ٿو ڪريان، جيڪا مون ۾ زور سان اثر ڪري ٿي.


اِپفراس جيڪو اوهان مان هڪڙو آهي ۽ يسوع مسيح جو سيواداري آهي، سو اوهان کي نمسڪار ٿو چوي. هو اوهان جي لاءِ هميشہ ڏاڍي جوش ۽ جذبي سان پرارٿنا ٿو ڪري، تہ جيئن اوهين ڪامل ٿي پوري وشواس سان هر هڪ ڳالهہ ۾ ايشور جي مرضيءَ تي قائم رهو.


هائو، اوهان جي وشواس واري عمل، پريم ڀري محنت ۽ انهيءَ ثابت قدميءَ کي اسين پنهنجي ايشور پتا جي آڏو سدائين ياد پيا ڪريون، جيڪا اوهان کي اسان جي پرڀو يسوع مسيح ۾ اميد رکڻ جي ڪري آهي.


انهيءَ سبب ئي اسين محنت ۽ سخت ڪوشش ٿا ڪريون، ڇاڪاڻ تہ اسان جي اميد انهيءَ جيوت ايشور تي رکيل آهي جيڪو سڀني ماڻهن، خاص ڪري وشواسين کي مڪتي ڏيندڙ آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ