Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 15:25 - Hindu Sindhi Bible

25 پر هينئر تہ آءٌ يروشلم وارن مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن منجھہ سيوا ڪرڻ لاءِ اوڏانهن وڃي رهيو آهيان،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

25 پر في الحال آئون پاڪ ٿيلن جي خدمت ڪرڻ لاءِ يروشلم ڏانهن ٿو وڃان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

25 پر هينئر تہ آءٌ يروشلم وارن مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن منجھہ خدمت ڪرڻ لاءِ اوڏانهن وڃي رهيو آهيان،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

25 پر في⁠الحال آءٌ ايمان وارن جي خدمت ڪرڻ لاءِ يروشلم ڏانھن وڃي رھيو آھيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 15:25
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ موڪلائڻ وقت هن کين چيو تہ ”ايشور گھريو تہ آءٌ ضرور موٽي ايندس.“ ائين چئي هو سامونڊي جهاز تي چڙهي اِفسس مان روانو ٿيو.


هنن ڳالهين جي ٿيڻ کان پوءِ پولس ارادو ڪيو تہ هو يونان جي صوبن مڪدُنيا ۽ اخيا مان ٿيندو يروشلم وڃي. هن وڌيڪ هي بہ فيصلو ڪيو تہ ”اتي وڃڻ کان پوءِ مون کي روم بہ ضرور وڃڻ گھرجي.“


پولس فيصلو ڪيو هو تہ هو اِفسس شهر جي ٻاهران ٻاهران هليو وڃي، تہ جيئن آسيا صوبي ۾ گھڻو وقت نہ لڳيس. ايتري تڪڙ رڳو انهيءَ لاءِ ٿي ڪيائين تہ جيڪڏهن ٿي سگھي تہ پنتيڪُست جو تهوار يروشلم ۾ وڃي ملهائي.


هاڻي پوِتر آتما جي حڪم موجب آءٌ يروشلم ڏانهن وڃي رهيو آهيان. آءٌ نہ ٿو ڄاڻان تہ اتي مون سان ڇا ٿيندو.


آءٌ گھڻن سالن کان پوءِ يروشلم ۾ آيس، تہ جيئن پنهنجي قوم ۾ ڪجھہ دان اچي ڪريان ۽ ايشور آڏو ٻليدان پيش ڪريان.


پر حننياہ چيس تہ ”اي پرڀو! ڪيترن ئي ماڻهن مون کي انهيءَ شخص بابت ٻڌايو آهي تہ هن تو تي وشواس رکندڙن سان يروشلم ۾ ڪيڏيون نہ جٺيون ڪيون آهن.


مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن جي اوکيءَ ويل مدد ڪريو ۽ مهمان‌نوازيءَ جي پاڻ ۾ عادت وجھو.


پر جيڪڏهن مناسب هوندو تہ آءٌ بہ ويندس ۽ اهي مون سان گڏجي هلندا.


هنن اسان کي ڏاڍي منٿ ڪندي وينتي ڪئي تہ ”مهرباني ڪري اسان کي اهو موقعو ڏنو وڃي تہ جيئن اسين يروشلم وارن مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن لاءِ سيوا واري ڪم ۾ شريڪ ٿيون.“


تنهنڪري اسان طيطس کي هدايت ڪئي آهي تہ امداد ڏيارڻ وارو جيڪو ڪم هن اوهان کان شروع ڪيو هو سو پورو بہ ڪري.


هنن رڳو ايترو چيو تہ ”غريبن کي ياد رکجو.“ پر انهيءَ ڪم لاءِ تہ آءٌ اڳي ئي سرگرم هئس.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ ايشور بي‌انصاف ناهي جو هو اوهان جي محنت ۽ انهيءَ پيار کي وساري ڇڏي، جيڪو اوهان سندس نالي واسطي اهڙيءَ طرح ظاهر ڪيو جو مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن جي سيوا ڪئي، بلڪ اڃا تائين ڪندا ٿا رهو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ