رومين 14:6 - Hindu Sindhi Bible6 جيڪڏهن ڪو ڪنهن ڏينهن کي سڀاڳو ٿو سمجھي تہ هو پرڀو يسوع جي لاءِ ائين ٿو سمجھي ۽ جيڪو گوشت ٿو کائي سو بہ پرڀوءَ جي واسطي کائي ٿو، ڇاڪاڻ تہ هو انهيءَ لاءِ ايشور جو شڪر ادا ٿو ڪري. پر جيڪو نہ ٿو کائي سو بہ پرڀوءَ جي واسطي نہ ٿو کائي ۽ هو بہ انهيءَ لاءِ ايشور جو شڪر ادا ٿو ڪري. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible6 جيڪو ڪنهن ڏينهن کي سڳورو ٿو سمجهي سو خداوند جي ڪري ائين سمجهي ٿو: ۽ جيڪو کائي ٿو سو خداوند جي خاطر ٿو کائي، ڇالاءِ جو خدا جو شڪر ٿو ڪري؛ ۽ جيڪو نٿو کائي سو بہ خدا جي خاطر نٿو کائي، ۽ خدا جو شڪر ٿو ڪري. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible6 جيڪڏهن ڪو ڪنهن ڏينهن کي سڀاڳو ٿو سمجھي تہ هو خداوند عيسيٰ جي لاءِ ائين ٿو سمجھي ۽ جيڪو گوشت ٿو کائي سو بہ خداوند عيسيٰ جي واسطي کائي ٿو، ڇاڪاڻ تہ هو انهيءَ لاءِ خدا جو شڪر ادا ٿو ڪري. پر جيڪو نہ ٿو کائي سو بہ خداوند عيسيٰ جي واسطي نہ ٿو کائي ۽ هو بہ انهيءَ لاءِ خدا جو شڪر ادا ٿو ڪري. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Common Language New Testament6 جيڪڏھن ڪو ڪنھن ڏينھن کي سڀاڳو ٿو سمجھي تہ ھو خداوند جي ڪري ئي ائين ٿو سمجھي ۽ جيڪو گوشت ٿو کائي سو بہ خداوند جي ڪري ئي کائي ٿو، ڇالاءِجو ھو انھيءَ لاءِ خدا جو شڪر ادا ٿو ڪري. پر جيڪو نہ ٿو کائي سو بہ خداوند جي ڪري ئي نہ ٿو کائي ۽ ھو بہ انھيءَ لاءِ خدا جو شڪر ادا ٿو ڪري. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |