Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 14:3 - Hindu Sindhi Bible

3 جيڪو سڀ ڪجھہ کائي ٿو سو نہ کائڻ واري کي گھٽ نہ سمجھي ۽ جيڪو نہ ٿو کائي سو کائڻ واري تي ڪابہ تهمت نہ هڻي، ڇاڪاڻ تہ ايشور ٻنهي کي قبول ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 جيڪو کائي ٿو سو نہ کائڻ واري کي حقير نہ سمجهي، ۽ جيڪو نٿو کائي سو کائڻ واري تي الزام نہ لڳائي: ڇالاءِ جو خدا هن کي قبول ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 جيڪو سڀ ڪجھہ کائي ٿو سو نہ کائڻ واري کي گھٽ نہ سمجھي ۽ جيڪو نہ ٿو کائي سو کائڻ واري تي ڪابہ تهمت نہ هڻي، ڇاڪاڻ تہ خدا ٻنهي کي قبول ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

3 جيڪو سڀ ڪجھہ کائي ٿو سو نہ کائڻ واري کي گھٽ نہ سمجھي ۽ جيڪو نہ ٿو کائي سو کائڻ واري تي ڪابہ تھمت نہ ھڻي، ڇالاءِ⁠جو خدا ھن کي قبول ڪيو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 14:3
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”ڏسو، متان هنن سادن سٻاجھن پوئلڳن مان ڪنهن هڪ کي بہ خسيس ڪري سمجھو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ آڪاش ۾ هنن جا دوت هر وقت منهنجي آڪاش واري پتا جي شرڻ ۾ حاضر رهن ٿا.


پوءِ يسوع وٽ يوحنا بپتسما ڏيڻ واري جا چيلا آيا ۽ چيائونس تہ ”اسين ۽ فريسي تہ اڪثر وِرت رکون ٿا، پر اوهان جا چيلا وِرت ڇو نہ ٿا رکن؟“


جن ماڻهن کي پنهنجي سچائيءَ تي ناز هو ۽ ٻين کي گھٽ سمجھندا هئا، تن کي يسوع هڪڙو مثال ٻڌايو تہ


پوءِ پطرس هيئن چوڻ لڳو تہ ”هاڻي مون کي پڪ آهي تہ ايشور ڪنهن جي بہ طرفداري نہ ٿو ڪري،


پطرس اڃا ڳالهايو ئي پئي تہ انهن سڀني تي پوِتر آتما پرگھٽ ٿي، جيڪي اُپديش ٻڌي رهيا هئا.


اتان جي رهاڪن اسان تي ڏاڍي ڪرپا ڪئي. انهن باهہ ٻاري اسان جو آڌرڀاءُ ڪيو، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ مهل مينهُن پئي پيو ۽ گھڻي ٿڌ هئي.


جڏهن انهن کي ڪڍي ڇڏڻ ڪري غير قومن سان ايشور جي ميل ميلاپ جو موقعو پيدا ٿيو، تہ پوءِ ايشور جو انهن کي وري قبول ڪرڻ مئلن مان جيوت ڪرڻ جي برابر نہ ٿيندو ڇا؟


جنهن جو وشواس ڪمزور آهي تنهن کي قبول ڪريو ۽ شڪ شبهي بابت ساڻس بحث نہ ڪريو.


تہ پوءِ تون پنهنجي ڪنهن هم‌وشواسيءَ تي تهمت ڇو ٿو هڻين؟ يا وري انهيءَ کي گھٽ ڇو ٿو سمجھين؟ اسين تہ سڀ جو سڀ ايشور جي اڳيان پيش ڪيا وينداسين ۽ اهو ئي فيصلو ڪندو،


تنهنڪري اسان کي گھرجي تہ اڳتي هڪٻئي کي ڏوهاري قرار نہ ڏيون، بلڪ اهو فيصلو ڪري ڇڏيون تہ اسان مان ڪوبہ ماڻهو ڪنهن ٻئي لاءِ ڪا اهڙي ڳالهہ نہ ڪندو، جيڪا سندس ٿاٻو کائڻ يا ڀَٽڪي وڃڻ جو سبب بڻجي.


سو جيڪڏهن تنهنجي ڪجھہ کائڻ ڪري تنهنجي ڪنهن ڀاءُ ڀيڻ کي رنج پهچي ٿو تہ پوءِ تون پيار جي اصولن تي نہ ٿو هلين. تون پنهنجي کاڌي جي ڪري انهيءَ شخص کي برباد نہ ڪر، جنهن جي خاطر مسيح پنهنجي جان ڏني آهي.


چڱو تہ ائين ٿيندو جو اوهين نہ گوشت کائو، نڪي مئي پيئو ۽ نہ وري ڪو اهڙو ڪم ڪريو، جنهن جي ڪري اوهان جو ڪو ڀاءُ ڀيڻ ڀَٽڪي وڃي.


تنهنڪري جيئن مسيح اوهان کي قبول ڪيو آهي تيئن اوهين بہ هڪٻئي کي قبول ڪريو، تہ جيئن ايشور جي مهما ٿئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ