Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 14:23 - Hindu Sindhi Bible

23 پر جيڪو ڪنهن شيءِ ۾ شڪ رکندي بہ اها کائيندو تہ اهو ڏوهاري ٿيندو، ڇاڪاڻ تہ هو اها شيءِ جائز هجڻ جي وشواس سان نہ ٿو کائي ۽ جيڪي ڪجھہ وشواس سان نہ ڪيو وڃي سو پاپ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

23 پر جيڪو ڪنهن شيءِ ۾ شڪ شبهو رکي کائيندو، اُهو ڏوهاري ٺهربو، ڇالاءِ جو هو اُها اعتقاد سان نٿو کائي؛ ۽ جيڪي اعتقاد کان ناهي سو گناهہ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

23 پر جيڪو ڪنهن شيءِ ۾ شڪ رکندي بہ اها کائيندو تہ اهو ڏوهاري ٿيندو، ڇاڪاڻ تہ هو اها شيءِ جائز هجڻ جي اعتقاد سان نہ ٿو کائي ۽ جيڪي ڪجھہ اعتقاد سان نہ ڪيو وڃي سو گناهہ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

23 پر جيڪو ڪنھن شيءِ ۾ شڪ رکندي بہ اھا کائيندو تہ اھو ڏوھاري ٿيندو، ڇالاءِ⁠جو ھو اھا شيءِ اعتقاد سان نہ ٿو کائي ۽ جيڪو ڪم اعتقاد سان نہ ڪيو وڃي سو گناھہ آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 14:23
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنڪري جيڪو بہ حڪومت جي مخالفت ڪري ٿو سو ايشور جي انتظام جي مخالفت ٿو ڪري ۽ جيڪي مخالفت ڪن ٿا سي پاپي قرار ڏنو وڃڻ جو پاڻ سبب ٿا بڻجن.


ڪو ماڻهو سمجھي ٿو تہ فلاڻو ڏينهن ٻين ڏينهن کان وڌيڪ خاص آهي، جڏهن تہ ٻئي ماڻهوءَ لاءِ سڀ ڏينهن هڪجهڙا آهن. هر ڪنهن کي پنهنجي پنهنجي خيال تي پختو رهڻ گھرجي.


پر سڀني ماڻهن کي اها ڄاڻ نہ آهي، ايتري قدر جو اسان وشواسين مان بہ اڃا تائين ڪن جي اها سوچ آهي تہ بتن جو وجود آهي. سو بتن تي ٻليدان ڪيل کاڌو کائڻ سان هو پاڻ کي انهن جي پوجا ۾ شامل سمجھن ٿا. اهڙيءَ طرح ضمير جي ڪمزوريءَ جي ڪري سندن سوچ اپوِتر ٿي پوي ٿي.


پوِتر ماڻهن لاءِ سڀ شيون پوِتر آهن، پر جيڪي اپوِتر ۽ وشواس نہ آڻيندڙ آهن، تن جي لاءِ ڪابہ شيءِ پوِتر ناهي. حقيقت ۾ انهن جو ذهن توڙي ضمير ٻئي اپوِتر آهن.


وشواس کان سواءِ ايشور کي پسند اچڻ ناممڪن آهي، ڇاڪاڻ تہ جيڪو ايشور ڏانهن اچي ٿو، تنهن لاءِ اهو وشواس رکڻ لازمي آهي تہ ايشور موجود آهي ۽ جيڪي چاهہ سان سندس ڳولائو ٿين ٿا تن کي لاڀ ڏئي ٿو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ