Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 14:2 - Hindu Sindhi Bible

2 هڪڙو ماڻهو مڃي ٿو تہ هر ڪا شيءِ کائڻ جائز آهي، پر ٻئي جو وشواس ڪمزور آهي سو رڳو ڀاڄي ٿو کائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 هڪڙي ماڻهوءَ جو اهو اعتقاد آهي تہ هرڪا شيءِ کائڻ روا آهي، پر جنهن جو ايمان ڪمزور آهي سو ڀاڄي ٿو کائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 هڪڙو ماڻهو مڃي ٿو تہ هر ڪا شيءِ کائڻ جائز آهي، پر ٻئي جو ايمان ڪمزور آهي سو رڳو ڀاڄي ٿو کائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

2 ھڪڙي ماڻھوءَ جو اعتقاد آھي تہ ھر ڪا شيءِ کائڻ جائز آھي، پر ٻئي جو ايمان ڪمزور آھي سو رڳو ڀاڄي ٿو کائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 14:2
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جنهن جو وشواس ڪمزور آهي تنهن کي قبول ڪريو ۽ شڪ شبهي بابت ساڻس بحث نہ ڪريو.


آءٌ ڄاڻان ٿو ۽ پرڀو يسوع جي وسيلي مون کي يقين آهي تہ اهڙي ڪابہ شيءِ نہ آهي جيڪا خود اپوِتر هجي. پر جيڪڏهن ڪنهن شيءِ کي ڪو اپوِتر سمجھي ٿو تہ پوءِ اها انهيءَ جي لاءِ اپوِتر آهي.


اوهين کاڌي جي ڪري ايشور جي ڪم کي برباد نہ ڪريو. بيشڪ سڀ شيون پوِتر آهن، پر جنهن شيءِ جي کائڻ ڪري ڪو ٻيو ماڻهو ڀَٽڪي وڃي ٿو تہ کائڻ واري ماڻهوءَ لاءِ اها شيءِ خراب آهي.


انهيءَ کان علاوہ اسان مان جن جو وشواس مضبوط آهي سي ڪمزور وشواس وارن جي ڪمزورين کي برداشت ڪن ۽ پنهنجي مرضيءَ تي نہ هلن.


جيڪو بہ گوشت بازار ۾ وڪامجي ٿو سو ڀلي کائو، پر انهيءَ جي جائز يا ناجائز هجڻ بابت دل ۾ سوچ ويچار نہ ڪريو،


پر خبردار رهجو، ائين نہ ٿئي جو اوهان جي هيءَ آزادي ڪمزور سمجھہ وارن لاءِ ڀَٽڪي وڃڻ جو سبب بڻجي.


ڪمزور ضمير وارن لاءِ آءٌ انهن جهڙو ڪمزور بڻيس تہ جيئن کين هٿ ڪريان. مطلب تہ جيڪو جهڙو هو تنهن لاءِ آءٌ تهڙو بڻيس، تہ جيئن ڪنهن نہ ڪنهن نموني آءٌ ڪن کي بچايان.


ڳالهہ اها هئي جو هو غير يهودين سان کائيندو پيئندو هو، پر جڏهن يعقوب وٽان ڪي ماڻهو آيا تڏهن هو غير يهودين سان کائڻ پيئڻ ڇڏڻ لڳو، بلڪ انهن کان ڌار ٿيڻ لڳو، ڇاڪاڻ تہ هو انهن ماڻهن کان ڊنو ٿي جيڪي ختنو ڪرائڻ لاءِ زور ڀريندا هئا.


ايشور جيڪي ڪجھہ جوڙيو آهي، سو چڱو آهي ۽ انهيءَ کي رد ڪرڻ نہ گھرجي. پر ضروري اهو آهي تہ انهيءَ کي ايشور جي شڪرگذاريءَ سان قبول ڪيو وڃي،


پوِتر ماڻهن لاءِ سڀ شيون پوِتر آهن، پر جيڪي اپوِتر ۽ وشواس نہ آڻيندڙ آهن، تن جي لاءِ ڪابہ شيءِ پوِتر ناهي. حقيقت ۾ انهن جو ذهن توڙي ضمير ٻئي اپوِتر آهن.


جدا جدا قسمن جي عجيب سکيا تي لڳي ڀَٽڪي نہ وڃو. اوهان جي لاءِ چڱو اهو آهي تہ دلين کي ايشور جي ڪرپا جي وسيلي پختو رکو، نڪي رسمي کاڌن کائڻ جي وسيلي، جن مان ڪوبہ فائدو حاصل ڪونہ ٿو ٿئي.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ اهي رڳو کائڻ پيئڻ ۽ مختلف طريقن سان ظاهري پوِتر ٿيڻ جون رسمون آهن، يعني اهي اهڙا ظاهري قاعدا آهن جيڪي انهيءَ وقت تائين مقرر ڪيا ويا هئا جيستائين نئون سڌارو اچي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ