Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 13:8 - Hindu Sindhi Bible

8 هڪٻئي جي پيار کان سواءِ ٻي ڪنهن بہ شيءِ ۾ ڪنهن جا قرضدار نہ ٿيو، ڇاڪاڻ تہ جيڪو ٻين سان پيار ڪري ٿو، تنهن پوري نيم تي عمل ڪري ڇڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 پاڻ ۾ محبت کانسواءِ ڪنهن شيءِ جا بہ قرضدار نہ ٿيو: ڇالاءِ جو جيڪو پنهنجي پاڙيسريءَ سان محبت ٿو ڪري تنهن شريعت پوري ڪئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 هڪٻئي جي پيار کان سواءِ ٻي ڪنهن بہ شيءِ ۾ ڪنهن جا قرضدار نہ ٿيو، ڇاڪاڻ تہ جيڪو ٻين سان پيار ڪري ٿو، تنهن پوري شريعت تي عمل ڪري ڇڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

8 سواءِ ھڪ ٻئي جي پيار جي ڪنھن جا بہ قرضدار نہ ٿيو، ڇالاءِ⁠جو جيڪو ٻين سان پيار ڪري ٿو، سو شريعت جا حڪم پورا ٿو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 13:8
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو هاڻ جهڙو سلوڪ اوهين چاهيو ٿا تہ ماڻهو اوهان سان ڪن، تهڙو سلوڪ اوهين بہ ٻين سان ڪريو. اهو ئي موسيٰ جي نيم توڙي سنديش ڏيندڙ ٻين سنتن جي سکيا جو نچوڙ آهي.“


آءٌ اوهان کي هڪ نئون حڪم ٿو ڏيان تہ هڪٻئي سان پيار ڪريو. هائو، جهڙو مون اوهان سان پيار ڪيو آهي، تهڙو ئي اوهين بہ هڪٻئي سان پيار ڪريو.


جيڪو ڪنهن سان پيار ڪري ٿو سو ان سان بڇڙائي نہ ٿو ڪري. تنهنڪري پيار ڪرڻ ئي پوري نيم تي عمل ڪرڻ آهي.


سو سڀني جو حق ادا ڪريو. جنهن کي ڍل ڏيڻي هجي تنهن کي ڍل ڏيو، جنهن کي ٽيڪس ڏيڻو هجي تنهن کي ٽيڪس ڏيو، جنهن کان ڊڄڻ گھرجي تنهن کان ڊڄو ۽ جنهن کي مان‌سمان ڏيڻ گھرجي تنهن کي مان‌سمان ڏيو.


اهڙيءَ سيوا جي وسيلي سڄو نيم هن هڪڙي ئي حڪم ۾ پورو ٿئي ٿو تہ ”تون پنهنجي پاڙيسريءَ سان پاڻ جهڙو پيار ڪر.“


انهن سڀني خوبين جي مٿان پريم کي ڪمربند وانگر ٻڌي ڇڏيو، جيڪو انهن کي مڪمل طور ٻڌيءَ ۾ رکي ٿو.


منهنجي انهيءَ حڪم جو مقصد اهو پريم پيدا ڪرڻ آهي، جيڪو نيڪ نيتيءَ، صاف‌دليءَ ۽ سچي وشواس مان پيدا ٿئي ٿو.


پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”تون پنهنجي پاڙيسريءَ سان پاڻ جهڙو پيار ڪر.“ سو جيڪڏهن اوهين ايشور جي انهيءَ راجائي حڪم تي عمل ڪندي پنهنجي هم‌وشواسي ڀاءُ ڀيڻ سان پيار ڪريو ٿا، تہ پوءِ چڱو ٿا ڪريو.


سو ڪير ايشور جو ٻار آهي ۽ ڪير شيطان جو؟ اهو هن مان معلوم ٿئي ٿو تہ جيڪو سچائيءَ جا ڪم نہ ٿو ڪري ۽ جيڪو پنهنجي وشواسي ڀاءُ ڀيڻ سان پيار نہ ٿو ڪري سو ايشور جو ٻار نہ آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ