Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 12:5 - Hindu Sindhi Bible

5 تهڙيءَ طرح اسين بہ جيتوڻيڪ گھڻا آهيون، تہ بہ مسيح ۾ هڪ شرير ٿيا آهيون ۽ پاڻ ۾ هڪٻئي جا عضوا آهيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 تيئن اسين بہ، جي گهڻا آهيون، سي مسيح ۾ هڪڙو ئي بدن آهيون، ۽ پاڻ ۾ هڪ ٻئي جا عضوا آهيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 تهڙيءَ طرح اسين بہ جيتوڻيڪ گھڻا آهيون، تہ بہ مسيح ۾ هڪ جسم ٿيا آهيون ۽ پاڻ ۾ هڪٻئي جا عضوا آهيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

5 تھڙيءَ طرح اسين بہ جيتوڻيڪ گھڻا ئي آھيون، پر مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري ھڪ جسم ٿيا آھيون ۽ پاڻ ۾ ھڪ ٻئي جا عضوا آھيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 12:5
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻي آءٌ تو ڏانهن اچي رهيو آهيان ۽ سنسار ۾ وڌيڪ نہ رهندس، پر اهي اڃا سنسار ۾ رهندا. اي پوِتر پتا! تون پنهنجي پوِتر ذات جيڪا تو منهنجي وسيلي ظاهر ڪئي آهي، تنهن ۾ انهن کي قائم رک، انهيءَ لاءِ تہ اهي گڏجي هڪ ٿي رهن، جيئن تون ۽ آءٌ هڪ آهيون.


جهڙيءَ طرح شرير ۾ گھڻا ئي عضوا آهن ۽ هر هڪ عضوي جو پنهنجو پنهنجو ڪم آهي،


جيئن تہ روٽي هڪڙي آهي، تيئن جيتوڻيڪ اسين گھڻا آهيون تہ بہ هڪڙو شرير آهيون، ڇاڪاڻ تہ اسين سڀيئي انهيءَ هڪڙيءَ روٽيءَ ۾ شامل ٿا ٿيون.


انهيءَ طرح آءٌ بہ هر ڪنهن ڳالهہ ۾ سڀ ڪنهن کي راضي ٿو رکان. آءٌ پنهنجو فائدو نہ، پر ٻين جو فائدو چاهيان ٿو، انهيءَ لاءِ تہ جيئن گھڻن کي مڪتي ملي.


مطلب تہ عضوا تہ گھڻا آهن پر شرير هڪڙو ئي آهي.


ڇا اوهين نہ ٿا ڄاڻو تہ اسان جا شرير مسيح جا عضوا آهن؟ تڏهن ڇا ڀلا آءٌ مسيح جي عضون کي ڪنهن وئشيا جي شرير جا عضوا بڻجڻ ڏيان؟ نہ، هرگز نہ.


جيڪا مسيح جو شرير آهي. مسيح سان ئي منڊليءَ جي ڀرپوري ٿئي ٿي ۽ هو ئي هر شيءِ کي هر طرح سان ڀرپور ڪري ٿو.


مسيح انهيءَ لاءِ اهو ڪيو تہ جيئن هن ۾ چونڊي پوِتر ڪيل ماڻهو سيوا جي ڪم جي مڪمل تربيت حاصل ڪن ۽ سندس شرير يعني منڊليءَ جي ترقيءَ جو سبب بڻجن.


تنهنڪري ڪوڙ کي ڇڏي اوهان مان هر ڪو هڪٻئي سان سچ ڳالهائي، ڇاڪاڻ تہ اسين سڀ وشواسي هڪ ئي شرير جا عضوا آهيون.


ڇاڪاڻ تہ پتي پتنيءَ جو مٿو آهي، جيئن مسيح پنهنجي شرير يعني منڊليءَ جو مٿو ۽ ان جو بچائيندڙ آهي.


ڇاڪاڻ تہ اها سندس شرير آهي ۽ اسين انهيءَ شرير جا عضوا آهيون.


هاڻي آءٌ انهن ڏکن سورن جي ڪري خوش آهيان، جيڪي اوهان جي خاطر پيو سهان. اهڙيءَ طرح مسيح جي تڪليفن سهڻ جي جيڪا ڪمي سندس شرير، يعني منڊليءَ جي مضبوطيءَ لاءِ آهي، تنهن کي آءٌ پنهنجي شرير ۾ پورو پيو ڪريان.


اهو ماڻهو شرير جي مٿي يعني مسيح سان پنهنجو لاڳاپو وڃائي ويهي ٿو، جنهن جي ڪري ئي سڄو شرير سنڌن ۽ نسن جي وسيلي پرورش پائي پاڻ ۾ ڳنڍيل رهي ٿو ۽ ايشور جي وڌائڻ سان وڌندو ٿو وڃي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ