رومين 12:3 - Hindu Sindhi Bible3 آءٌ انهيءَ ڪرپا جي ڪري جيڪا مون کي بخشي ويئي آهي، اوهان مان هر هڪ کي چوان ٿو تہ پنهنجو پاڻ کي وِت کان وڌيڪ وڏو نہ سمجھو، بلڪ مناسب طور پاڻ کي اوترو سمجھو جيترو ايشور اوهان کي وشواس بخشيو آهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible3 ڇالاءِ جو آئون انهي فضل جي وسيلي جو مون کي مليو آهي، اوهان مان هرهڪ کي چوان ٿو، تہ جهڙو سمجهڻ گهرجي، تنهن کان وڌيڪ ڪير بہ پاڻ کي نہ سمجهي؛ پر جيئن خدا هر ڪنهن کي اندازي جي موافق ايمان تقسيم ڪيو آهي، انهي موجب پاڻ کي اوترو ئي سمجهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible3 آءٌ انهيءَ فضل جي ڪري جيڪو مون کي عطا ڪيو ويو آهي، اوهان مان هر هڪ کي چوان ٿو تہ پنهنجو پاڻ کي وِت کان وڌيڪ وڏو نہ سمجھو، بلڪ مناسب طور پاڻ کي اوترو سمجھو جيترو خدا اوهان کي ايمان بخشيو آهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Common Language New Testament3 آءٌ انھيءَ فضل جي ڪري جو مون کي مليو آھي، اوھان مان ھر ھڪ کي چوان ٿو تہ پنھنجو پاڻ کي وت کان وڌيڪ وڏو نہ سمجھو، بلڪ حليمائيءَ سان پاڻ کي اوترو وڌيڪ سمجھو جيترو خدا اوھان کي ايمان بخشيو آھي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! هڪ ڳجھو ڀيد آهي، جيڪو آءٌ سمجھان ٿو تہ اوهان کي ڄاڻڻ گھرجي. شايد اهو اوهان کي انهيءَ ڳالهہ کان روڪي جو اوهين پنهنجو پاڻ کي داناءُ سمجھو. اهو ڀيد هي آهي تہ بني اسرائيل جي ڪن ماڻهن ۾ جيڪا دل جي سختي پيدا ٿي آهي، سا رڳو ايستائين رهندي جيستائين ايشور ڏانهن ڦري ايندڙ غير قومن جو تعداد پورو نہ ٿئي.