Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 12:17 - Hindu Sindhi Bible

17 جيڪو اوهان سان بڇڙائي ڪري تنهن سان بڇڙائي نہ ڪريو. اهڙي ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو جنهن کي سڀ چڱو چون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 بديءَ جي عيوض ڪنهن سان بدي نہ ڪريو. جي ڳالهيون سڀني ماڻهن جي نظر ۾ چڱيون آهن، تن جو خيال رکو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 جيڪو اوهان سان بڇڙائي ڪري تنهن سان بڇڙائي نہ ڪريو. اهڙي ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو جنهن کي سڀ چڱو چون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

17 جيڪو اوھان سان بڇڙائي ڪري تنھن سان بڇڙائي نہ ڪريو. اھڙي ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو جنھن کي سڀ چڱو چون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 12:17
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تہ پنهنجو دان اتي ٻليدان واري جاءِ جي اڳيان ڇڏي پهريائين وڃي انهيءَ کي پرچائي، پوءِ اچي پنهنجو دان چاڙهي.


پر آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ جيڪو اوهان سان بڇڙائي ڪري ان کان بدلو نہ وٺو. پر جيڪڏهن ڪو اوهان کي هڪ ڳل تي چماٽ هڻي تہ ان کي ٻيو ڳل بہ ڦيرائي ڏيو.


اي منهنجا پريميؤ! پاڻ ڪڏهن بہ بدلو نہ وٺو، پر اهو ايشور جي ڏمر تي ڇڏي ڏيو، ڇاڪاڻ تہ پوِتر شاستر ۾ پرميشور فرمائي ٿو تہ ”بدلو وٺڻ منهنجو ڪم آهي، آءٌ ئي سزا ڏيندس.“


تنهنڪري اهو احتياط ڪر تہ جنهن شيءِ کي تون چڱو ٿو سمجھين تنهن کي ٻيا خراب نہ سمجھندا هجن.


جن اڃا وشواس نہ آندو آهي، تن سان هر هڪ موقعي جو فائدو وٺندي ڏاهپ سان هلت ڪندا رهو.


انهيءَ طرح اوهين ڪنهن بہ شيءِ جا محتاج نہ رهندا ۽ اوهان جي روزاني هلت چلت جي ڪري منڊليءَ کان ٻاهر وارن سان اوهان جو رويو بهتر رهندو.


خبردار، ڪوبہ ماڻهو ڪنهن سان بڇڙائيءَ جي عيوض بڇڙائي نہ ڪري، بلڪ هڪٻئي سان ۽ سڀني ماڻهن سان هميشہ نيڪي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهو.


۽ هر قسم جي برائيءَ کان پاسو ڪريو.


تنهنڪري آءٌ چاهيان ٿو تہ جوان وڌوائون شادي ڪن، ٻار ڄڻين ۽ پنهنجا گھر سنڀالين. اهڙيءَ طرح اهي ڪنهن مخالف کي اسان تي ڦٽ لعنت ڪرڻ جو وجھہ نہ ڏين.


غير وشواسين ۾ پنهنجي هلت چلت چڱي رکو، تہ جيئن جيڪي اوهان تي بڇڙو هئڻ جي تهمت ٿا هڻن سي اوهان جا چڱا ڪم ڏسي انهيءَ ڏينهن تي ايشور جي مهما ڪن جڏهن هو اچي عدالت ڪندو.


۽ پنهنجي نيت کي صاف رکڻ سان. پوءِ جيڪي ماڻهو اوهان کي مسيح جي پوئلڳ هئڻ ڪري اوهان جي چڱي هلت چلت بابت گھٽ وڌ ٿا ڳالهائين، سي پنهنجي انهيءَ بدزبانيءَ تي شرمندا ٿيندا.


بديءَ جي عيوض بدي نہ ڪريو ۽ گار جي بدلي گار نہ ڏيو، اٽلندو آسيس ڪريو، ڇاڪاڻ تہ ايشور اوهان کي آسيس جا وارث ٿيڻ لاءِ سڏيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ