Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 12:11 - Hindu Sindhi Bible

11 محنت ۾ سستي نہ ڪريو ۽ تن ۽ من سان پرڀو يسوع جي سيوا ڪندا رهو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 محنت ۾ سستي نہ ڪريو؛ روحاني جوش ۾ ڀرپور رهو؛ خداوند جي خدمت ڪندا رهو؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 محنت ۾ سستي نہ ڪريو ۽ دل وَ جان سان خداوند عيسيٰ جي خدمت ڪندا رهو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

11 محنت ۾ سستي نہ ڪريو ۽ روحاني جذبي سان خداوند جي خدمت ڪندا رھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 12:11
33 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بڇڙائي وڌي وڃڻ ڪري گھڻن ئي جو پيار ٿڌو ٿي ويندو.


تنهن تي سندس مالڪ چيو تہ ’اي بڇڙا ۽ سست نوڪر! جڏهن تو کي اها بہ سڌ هئي تہ آءٌ اهو لڻندو آهيان جيڪو پوکيندو ئي نہ آهيان ۽ اهو گڏ ڪندو آهيان جيڪو ڇٽيندو ئي نہ آهيان،


جيئن تہ هن پرڀو يسوع واري رستي تي هلڻ جي سکيا حاصل ڪئي هئي، سو هو دلي جذبي سان يسوع جون ڳالهيون ٻڌائيندو هو ۽ يسوع بابت صحيح سکيا ڏيندو هو، جيتوڻيڪ کيس رڳو يوحنا واري بپتسما جي ڄاڻ هئي.


مون ڏاڍي نماڻائيءَ سان ڳوڙها ڳاڙيندي ۽ يهودين جي سازشن جون مصيبتون سهندي بہ پرڀو يسوع جي سيوا پئي ڪئي آهي.


جڏهن تہ جيڪو بہ غلام پرڀو يسوع جو ٿيڻ لاءِ سڏيو ويو آهي سو پرڀو يسوع جو آزاد ڪيل آهي. ساڳيءَ طرح جيڪو بہ آزاد ماڻهو سڏيو ويو آهي سو مسيح جو غلام آهي.


چوري ڪرڻ وارو اڳتي چوري نہ ڪري، پر اٽلندو ڪو چڱو ڪم اختيار ڪندي پنهنجي هٿن سان محنت ڪري، تہ جيئن ڪنهن ضرورتمند کي ڏيڻ لاءِ بہ وٽس ڪجھہ هجي.


اي مالڪؤ! پنهنجن غلامن سان اهو ڄاڻيندي حق ۽ انصاف وارو سلوڪ ڪريو تہ اوهان جو بہ هڪڙو مالڪ آهي جيڪو آڪاش تي آهي.


انهيءَ کان علاوہ اهي گھر گھر وڃي اجايو وقت وڃائڻ جون عادي بڻجن ٿيون. نہ رڳو اجايو وقت وڃائڻ بلڪ اجائي بڪ بڪ ڪن ٿيون ۽ ٻين جي ڪمن ۾ دخل ڏيندي اهڙيون ڳالهيون ڪن ٿيون، جيڪي ڪرڻ نہ گھرجن.


سو جيئن تہ اسان کي اهڙي راڄ ۾ شامل ڪيو ٿو وڃي، جيڪو لڏي وڃڻ وارو ناهي، تنهنڪري اچو تہ اسين شڪرگذار ٿيون ۽ اهڙي مان‌سمان ۽ خوف سان ڀڳتي ڪريون جو اها ايشور کي پسند اچي،


تنهنڪري پنهنجا پاپ هڪٻئي اڳيان باسيو ۽ هڪٻئي لاءِ پرارٿنا ڪريو تہ جيئن ڇٽي چڱا ڀلا ٿيو، ڇاڪاڻ تہ سچار ماڻهوءَ جي پرارٿنا نهايت اثر واري ٿئي ٿي.


هاڻي جيئن تہ اوهان حق جي وس هيٺ رهڻ سان پاڻ کي پوِتر ڪيو آهي، جنهن سان اوهان ۾ ڀائراڻي ۽ حقيقي پريم جو جذبو پيدا ٿيو آهي، تنهنڪري تن ۽ من سان پاڻ ۾ گَهرو پريم رکو.


سڀ کان وڌيڪ اهم ڳالهہ هيءَ آهي تہ هڪٻئي سان حقيقي پيار ڪريو، ڇاڪاڻ تہ پيار گھڻين ئي خطائن کي ڍڪي ٿو ڇڏي.


پر مون کي اوهان کان اها شڪايت آهي تہ اوهان مون سان پهريون وارو پريم ڇڏي ڏنو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ