Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 12:1 - Hindu Sindhi Bible

1 تنهنڪري اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! جيئن تہ ايشور جي اسان تي وڏي ديا آهي، سو آءٌ اوهان کي منٿ ٿو ڪريان تہ اوهين پنهنجي سڄي شرير کي اهڙي ٻليدان لاءِ ڀيٽا ڪريو، جيڪو جيوت، پوِتر ۽ ايشور کي پسند هجي. اها ئي حقيقي ڀڳتي آهي جيڪا اوهان کي احتياط سان ڪرڻ گھرجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 تنهنڪري، اي ڀائرو، آئون اوهان کي خدا جي رحمتن جو واسطو وجهي عرض ٿو ڪريان تہ اوهين پنهنجا بدن اهڙيءَ قربانيءَ ٿيڻ جي لاءِ نذر ڪريو جا زندہ، ۽ پاڪ، ۽ خدا کي پسند هجي، ۽ اُها ئي اوهان جي مناسب عبادت آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 تنهنڪري اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! جيئن تہ خدا جي اسان تي وڏي رحمت آهي، سو آءٌ اوهان کي منٿ ٿو ڪريان تہ اوهين پنهنجي سڄي بدن کي اهڙي قربانيءَ لاءِ نذر ڪريو، جيڪا زندہ، پاڪ ۽ خدا کي پسند هجي. اها ئي حقيقي عبادت آهي جيڪا اوهان کي احتياط سان ڪرڻ گھرجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

1 تنھنڪري اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! جيئن تہ خدا جي اسان تي وڏي رحمت آھي، سو آءٌ اوھان کي منٿ ٿو ڪريان تہ اوھين پنھنجي سڄي بدن کي اھڙي قرباني ٿيڻ لاءِ نذر ڪريو، جيڪا زندہ، پاڪ ۽ خدا کي پسند ھجي. اھو ئي عبادت جو صحيح طريقو آھي جيڪو اوھان کي ڪرڻ گھرجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 12:1
49 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ ڪري آءٌ تو کي چوان ٿو تہ هن جا پاپ، جيڪي گھڻا هئا معاف ڪيا ويا آهن، تنهنڪري هن گھڻو پيار ڪيو آهي. پر جنهن جا پاپ ٿورا هئا جيڪي معاف ڪيا ويا، سو ٿورو پيار ٿو ڪري.“


پاڻ کي هن انتم زماني جو نمونو اختيار ڪرڻ نہ ڏيو، بلڪ ايشور جي ڏنل نئين سوچ سمجھہ جي وسيلي پاڻ ۾ ايشور کي تبديلي ڪرڻ ڏيو. پوءِ اوهين سمجھي سگھندا تہ ايشور جي چڱي، وڻندڙ ۽ ڪامل مرضي ڪهڙي آهي.


آءٌ يسوع مسيح جو سيوڪ ٿي غير قومن لاءِ ڪم ڪريان. سو آءٌ ڪاهن جي حيثيت وانگر مسيح بابت ايشور جي خوشخبريءَ جو پرچار ڪريان ٿو، انهيءَ لاءِ تہ غير قومون پوِتر آتما جي مخصوص ۽ پوِتر ڪرڻ سان ايشور جي آڏو دان جي روپ ۾ قبول پون.


اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! يسوع مسيح جيڪو اسان جو پرڀو آهي، تنهن جو واسطو ڏيئي ۽ پوِتر آتما جو پريم ياد ڏياري آءٌ اوهان کي منٿ ٿو ڪريان تہ مون سان گڏجي تن ۽ من سان ايشور کي منهنجي لاءِ پرارٿنا ڪريو


ائين ٿو لڳي جو تون ايشور جي ڀلائيءَ، برداشت ۽ ڌيرج واري دولت کي خسيس ٿو سمجھين. ڇا تون ايترو نہ ٿو سمجھين تہ ايشور جي ڀلائي تو کي توبهہ ڏانهن ٿي ڇڪي؟


پنهنجي شرير جي عضون کي پاپ جي حوالي نہ ڪريو، متان اهي بڇڙائيءَ جا هٿيار ٿين. پر پاڻ کي مئلن مان جيوت سمجھي ايشور جي حوالي ڪريو تہ جيئن اوهان جي شرير جا عضوا سچائيءَ جا هٿيار ٿين.


ڇا اوهين نہ ٿا ڄاڻو تہ جيڪڏهن اوهين ڪنهن جي وس هيٺ رهو ٿا تہ انهيءَ طرح اوهين پنهنجو پاڻ کي انهيءَ جا غلام ٿا بڻايو؟ هاڻي جيڪڏهن اوهين پاپ جي وس هيٺ رهندا تہ ان جو نتيجو موت آهي. پر جيڪڏهن ايشور جي وس هيٺ رهندا تہ ان جو نتيجو سچائي آهي.


اوهان جي انساني فطرت واري ڪمزوريءَ جي ڪري آءٌ اوهان کي غلاميءَ جو هي عام رواجي مثال ڏيئي سمجھائي رهيو آهيان. جيئن اڳي اوهان بڇڙائي ڪرڻ لاءِ پاڻ کي حرامڪاريءَ ۽ بدڪاريءَ جي غلاميءَ ۾ ڏيئي ڇڏيو هو، تيئن هاڻي پوِتر ٿيڻ لاءِ پاڻ کي سچائيءَ جي غلاميءَ ۾ ڏيئي ڇڏيو.


يا انهيءَ ۾ عجب جي ڪهڙي ڳالهہ آهي جو ايشور پنهنجي جوت جي دولت انهن ديا وارن ٿانوَن تي ظاهر ڪئي، جيڪي هن پنهنجي جوت جي لاءِ اڳي ئي تيار ڪري ڇڏيا هئا،


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوهان کي اسان جي پرڀو يسوع مسيح جي نالي منٿ ٿو ڪريان تہ اوهين پاڻ ۾ هڪ راءِ ٿيو تہ جيئن اوهان ۾ ڪابہ ڌڙابندي پيدا نہ ٿئي. اهڙيءَ طرح اوهين سڀ هڪ دل ۽ هڪ راءِ ٿي مڪمل طور ٻڌيءَ سان رهو.


هاڻي آءٌ پولس، جنهن جي باري ۾ چيو وڃي ٿو تہ آءٌ اوهان جي روبرو بزدل آهيان پر اوهان جي پرپٺ اوهان جي واسطي وڏو دلير آهيان، سو مسيح جي نماڻائيءَ ۽ نرميءَ جو واسطو وجھي اوهان کي منٿ ٿو ڪريان تہ


سو اسان خوشخبري ٻڌائيندڙ سنتن کي ايشور جي ديا سان هيءَ سيوا ملي آهي، جنهن ۾ اسين همت نہ ٿا هاريون.


تنهنڪري اسين همت نہ ٿا هاريون. جيتوڻيڪ شرير جي لحاظ کان اسين ناس ٿيندا ٿا وڃون، تڏهن بہ آتمڪ طور ڏينهون ڏينهن نوان ٿيندا پيا وڃون،


تنهنڪري اسين مسيح جي پاران ايلچي آهيون ۽ ايشور اسان جي وسيلي ماڻهن کي نصيحت ٿو ڪري. سو اسين مسيح جي پاران اوهان کي منٿ ٿا ڪريون تہ ايشور کي پاڻ سان ميل ميلاپ ڪرڻ ڏيو.


اسين جيڪي ايشور جي وس هيٺ ڪم ڪندڙ سيواداري آهيون، سي وري بہ منٿ ڪريون ٿا تہ ايشور جي ڪرپا جيڪا اوهان تي ٿي آهي سا اجائي نہ وڃايو،


تنهنڪري آءٌ، جيڪو پرڀو يسوع جو هئڻ ڪري قيدي آهيان، اوهان کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ جهڙي جيون گذارڻ لاءِ ايشور اوهان کي سڏيو آهي، اهڙو ئي لائق جيون گذاريو.


اهڙو جيون گذاريندي اوهين پرکيندا رهو تہ پرڀو يسوع کي ڪهڙي ڳالهہ پسند آهي.


حقيقت ۾ مون کي اميد، بلڪ پورو ڀروسو آهي تہ آءٌ ڪنهن بہ ڳالهہ ۾ شرمندو نہ ٿيندس. پر وڏي دليريءَ سان هميشہ وانگر هاڻي بہ آءٌ پنهنجي شرير جي وسيلي مسيح جي وڏائي ظاهر ڪندو رهندس، پوءِ توڙي جيوت رهان يا مري وڃان.


پوءِ ڀلي اوهان جي وشواس واري سيوا جيڪا هڪ ٻليدان مثل آهي، تنهن تي جيڪڏهن مون کي پنهنجو رت بہ وهائڻو پوي تہ بہ آءٌ خوش آهيان ۽ اوهان سڀني سان گڏ خوشي ٿو ڪريان.


هي خط ڄڻ تہ منهنجي رسيد آهي تہ اوهان جون موڪليل شيون اِپفروديتس جي هٿان مون کي مليون آهن. هاڻي مون وٽ سڀ ڪجھہ آهي، بلڪ جھجھائي سان آهي. اها امداد خوشبودار ۽ اهڙو قبول پوندڙ ٻليدان آهي، جنهن کي ايشور پسند ٿو ڪري.


انهيءَ ڪري اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين اوهان کي منٿ ٿا ڪريون ۽ پرڀو يسوع ۾ تاڪيد ٿا ڪريون تہ جيئن اسان اوهان کي سيکاريو هو تہ ايشور کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪيئن جيون گذارجي، جيڪو اوهين سچ پچ گذاري بہ رهيا آهيو، تيئن هاڻي اوهين انهيءَ ۾ اڃا بہ وڌندا وڃو.


اهو پيار اوهين سچ پچ پوري مڪدُنيا صوبي جي سڀني وشواسين سان بہ ڪريو ٿا. تڏهن بہ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين اوهان کي تاڪيد ٿا ڪريون تہ انهيءَ ۾ اڃا بہ وڌندا وڃو.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين اوهان کي وينتي ٿا ڪريون تہ اوهين انهن جو قدر ڪريو جيڪي اوهان منجھہ محنت ڪن ٿا ۽ پرڀو يسوع ۾ اوهان جي رهنمائي ڪندي اوهان کي نصيحت ٿا ڪن.


اها ڳالهہ چڱي ۽ اسان جي مڪتي ڏيندڙ ايشور جي نظر ۾ وڻندڙ آهي.


پر جيڪڏهن ڪنهن وڌوا کي ڌيئر، پٽ يا انهن جا ٻار هجن تہ اهي سڀ کان پهريائين پنهنجي گھراڻي سان ڌرمچاريءَ واري هلت ڪرڻ ۽ پنهنجي ماتا پتا ۽ وڏن جو حق ادا ڪرڻ سکن، ڇاڪاڻ تہ ايشور کي اهو پسند آهي.


منهنجي وينتي اُنيسمس جي باري ۾ آهي، جنهن کي مون قيد ۾ هوندي پنهنجو پٽ بڻايو آهي.


پر تنهن هوندي بہ آءٌ پولس جيڪو پيرسن ۽ هن وقت يسوع مسيح جي خاطر قيد ٿيل آهيان، سو تو کي پيار وچان وينتي ٿو ڪريان.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوهان کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ نصيحت جي هنن ڳالهين تي صبر سان پوريءَ طرح غور ڪريو. حقيقت ۾ مون اوهان ڏانهن اهي مختصر طور لکيون آهن.


ڏسو، جيڪڏهن اوهان غلط ڪم ڪري مار کاڌي ۽ صبر ڪيو تہ انهيءَ ۾ فخر جي ڪا ڳالهہ نہ آهي. پر جيڪڏهن اوهين چڱا ڪم ڪري تڪليف سهو ۽ صبر ڪريو ٿا تہ اها ڳالهہ ايشور وٽ قبول پوندڙ آهي.


اوهين بہ جيوت پٿرن وانگر اڏجي ايشور جو آتمڪ گھر بڻبا ٿا وڃو. نہ رڳو اهو، پر اوهين پوِتر ڪاهنن جي مخصوص منڊليءَ جا رڪن بڻجي اهڙا آتمڪ ٻليدان پيش ٿا ڪريو، جيڪي يسوع مسيح جي وسيلي ايشور وٽ قبول پون ٿا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ