Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 11:6 - Hindu Sindhi Bible

6 جيئن تہ اها چونڊ ايشور جي ڪرپا موجب آهي، تنهنڪري ان ۾ ماڻهن جي عملن جو ڪو دخل نہ آهي، نہ تہ ايشور جي ڪرپا ڪرپا نہ ليکجي ها.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 پر جيڪڏهن اهو فضل جي ڪري آهي تہ اهو عملن جي ڪري نہ ٿيو، نہ تہ فضل، فضل نہ رهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 جيئن تہ اها چونڊ خدا جي فضل موجب آهي، تنهنڪري ان ۾ ماڻهن جي عملن جو ڪو دخل نہ آهي، نہ تہ خدا جو فضل فضل نہ ليکجي ها.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

6 خدا جي چونڊ سندس فضل موجب ڪيل آھي، نہ ڪنھن ماڻھوءَ جي عملن موجب. ڇالاءِ⁠جو جيڪڏھن خدا جي چونڊ ڪنھن ماڻھوءَ جي عملن موجب ھجي ھا تہ پوءِ خدا جو فضل سچو فضل نہ ليکجي ھا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 11:6
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن ڏينهن ٿيو تہ پنهنجي چيلن کي پاڻ وٽ سڏيائين. انهن مان هي ٻارهن ڄڻا چونڊي کين خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت مقرر ڪيائين:


هاڻي آءٌ جيڪي ڪجھہ آهيان، سو ايشور جي ڪرپا سان آهيان ۽ ايشور جي اها ڪرپا مون تي اجائي نہ هئي، ڇو تہ مون ٻين سڀني سنتن کان وڌيڪ سيوا جو ڪم ڪيو آهي. تنهن هوندي بہ منهنجي محنت نہ، پر اها ايشور جي ڪرپا هئي جيڪا مون تي آهي.


مطلب تہ آءٌ ايشور جي ڪرپا کي هٿان نہ ٿو وڃايان، ڇاڪاڻ تہ سچائي جيڪڏهن نيم جي وسيلي ملي ها تہ پوءِ مسيح جو مرڻ اجايو ٿئي ها.


اوهين جيڪي نيم جي وسيلي ايشور وٽ سچار طور قبول پوڻ جي ڪوشش ٿا ڪريو، سي مسيح کان جدا ۽ ايشور جي ڪرپا کان محروم ٿي ويا آهيو.


انهيءَ ايشور اسان کي مڪتي ڏني ۽ پوِتر جيون گذارڻ لاءِ پاڻ ڏانهن سڏيو. اهو اسان جي عملن جي ڪري نہ، پر سندس خاص ارادي ۽ انهيءَ ڪرپا موجب ٿيو، جيڪا اسان تي يسوع مسيح ۾ سنسار جي شروعات کان اڳ ڪئي ويئي هئي.


تڏهن هن اسان کي مڪتي ڏني. اها سچائيءَ وارن انهن ڪمن ڪرڻ ڪري نہ جيڪي اسان پاڻ ڪيا، پر سندس ديا جي ڪري ملي. هائو، هن اسان کي انهيءَ پوِتر آتما جي وسيلي مڪتي ڏني، جنهن اسان کي آتما جي لحاظ کان ڌوئي نئين سر پيدا ڪيو ۽ نئون جيون بخشيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ