Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 11:33 - Hindu Sindhi Bible

33 واہ! ايشور جي ديا ڪيڏي نہ وڏي آهي! سندس ڏاهپ ۽ ڄاڻ ڪيڏي نہ اونهي آهي! سندس فيصلا سمجھہ کان بلڪل ٻاهر آهن ۽ سندس منصوبن جو پتو ئي پئجي نہ ٿو سگھي!

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

33 واهہ واهہ، خدا جي دولت ۽ حڪمت ۽ علم ڪهڙو نہ بي بيان آهي! سندس فيصلا ڪهڙا نہ سمجهہ کان ٻاهر آهن، ۽ سندس رستن جو پتو پئجي نٿو سگهي!

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

33 واہ! خدا جو رحم ڪيڏو نہ وڏو آهي! سندس ڏاهپ ۽ ڄاڻ ڪيڏي نہ اونهي آهي! سندس فيصلا سمجھہ کان بلڪل ٻاهر آهن ۽ سندس منصوبن جو پتو ئي پئجي نہ ٿو سگھي!

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

33 خدا جي نعمت ڪيڏي نہ وڏي آھي! سندس ڏاھپ ۽ علم ڪيڏو نہ اونھو آھي! سندس فيصلا ڪيڏا نہ سمجھہ کان ٻاھر آھن ۽ سندس رستن جو پتو ئي پئجي نہ ٿو سگھي!

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 11:33
38 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ائين ٿو لڳي جو تون ايشور جي ڀلائيءَ، برداشت ۽ ڌيرج واري دولت کي خسيس ٿو سمجھين. ڇا تون ايترو نہ ٿو سمجھين تہ ايشور جي ڀلائي تو کي توبهہ ڏانهن ٿي ڇڪي؟


ايشور چاهيو ٿي تہ هاڻي وشواسي منڊليءَ جي وسيلي سندس طرح طرح جي ڏاهپ جي انهن حڪمرانن ۽ اختياريءَ وارن کي ڄاڻ پئجي وڃي، جيڪي آڪاشي جاين ۾ آهن.


انهيءَ پٽ ۾ ئي سندس رت جي وسيلي اسين ڇڏايا وڃون ٿا، يعني اسان جا پاپ معاف ڪيا وڃن ٿا. اهو ايشور جي انهيءَ ڪرپا جي دولت موجب آهي،


انهن تي ايشور اهو ظاهر ڪرڻ ٿي چاهيو تہ انهيءَ ڀيد جي دولت سڀني قومن لاءِ ڪيڏي نہ مهانتا ڀري آهي. اهو ڀيد هي آهي تہ مسيح جيڪو اوهان ۾ آهي، سو ايشور جي جوت ۾ شريڪ ٿيڻ جي اميد آهي.


يا انهيءَ ۾ عجب جي ڪهڙي ڳالهہ آهي جو ايشور پنهنجي جوت جي دولت انهن ديا وارن ٿانوَن تي ظاهر ڪئي، جيڪي هن پنهنجي جوت جي لاءِ اڳي ئي تيار ڪري ڇڏيا هئا،


اهو انهيءَ لاءِ ڪيائين تہ هو پنهنجي انهيءَ ديا جي وسيلي جيڪا يسوع مسيح ۾ اسان تي آهي، پنهنجي ڪرپا جي بي‌انداز دولت کي ايندڙ زمانن ۾ ظاهر ڪري.


پرارٿنا ٿو ڪريان تہ هو پنهنجي مهانتا واري دولت موجب اوهان کي پنهنجي پوِتر آتما جي وسيلي شڪتي بخشي تہ اوهين پنهنجي اندر ۾ ٻلوان ٿيو


جيتوڻيڪ آءٌ مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن منجھہ سڀني کان گھٽ آهيان، تنهن هوندي بہ ايشور اها ڪرپا مون کي بخشي تہ آءٌ غير قومن کي مسيح جي بي‌انداز دولت جي خوشخبري ٻڌايان


هائو، منهنجي پرارٿنا آهي تہ مسيح ۾ سڀني چونڊي پوِتر ڪيلن سان گڏ اوهين پوريءَ طرح سمجھي سگھو تہ مسيح جو پريم ايڏو تہ جھجھو آهي جو ان جي ويڪرائي، ڊگھائي، اوچائي ۽ اونهائي ماپي نہ ٿي سگھجي.


پر اسان تي ايشور اهو پنهنجي پوِتر آتما جي وسيلي ظاهر ڪيو آهي، ڇاڪاڻ تہ پوِتر آتما سڀني ڳالهين کي، بلڪ ايشور جي ڳجھين ڳالهين جي بہ سڌ حاصل ڪري ٿي وٺي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ