Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 11:30 - Hindu Sindhi Bible

30 ڏسو، گذريل وقت ۾ اوهين غير قوم وارا بہ ايشور جا نافرمان هئا، پر هاڻي ايشور بني اسرائيل جي نافرمانيءَ جي ڪري اوهان تي ديا ڪئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

30 هن ڪري جو جهڙيءَ طرح اوهين گذريل وقت ۾ خدا جي نافرماني ڪندا هئا، پر هاڻي سندن نافرمانيءَ جي سبب اوهان تي رحم ٿيو آهي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

30 ڏسو، گذريل وقت ۾ اوهين غير قوم وارا بہ خدا جا نافرمان هئا، پر هاڻي خدا بني اسرائيل جي نافرمانيءَ جي ڪري اوهان تي رحم ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

30 اھو انھيءَ ڪري جو جھڙيءَ طرح اوھين گذريل وقت ۾ خدا جي نافرماني ڪندا ھئا، پر ھاڻي يھودين جي نافرمانيءَ سبب اوھان تي خدا جي رحمت ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 11:30
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇاڪاڻ تہ ايشور پنهنجي ڪيل چونڊ ۽ پنهنجي ڏنل وردانن کان ڦري نہ ٿو.


اهڙيءَ طرح هاڻي بني اسرائيل نافرمان ٿيا آهن، تہ جيئن اوهان تي جيڪا ديا ٿي آهي سا انهن تي بہ ٿئي.


۽ هن ڪري بہ تہ غير قومون پڻ ايشور جي ديا جي ڪري ايشور جي مهما ڪن. زبور جي ليکڪ جو اهو ئي مطلب هو جڏهن هن لکيو هو تہ ”آءٌ غير قومن ۾ تنهنجي مهما ڪندس. هائو، آءٌ تنهنجي نالي جا ڀڄن ڳائيندس.“


ڪنوارو رهڻ يا نہ رهڻ بابت مون کي پرميشور جو ڪوبہ حڪم مليل ڪونهي، پر آءٌ، جنهن تي پرميشور پنهنجي ديا پرگھٽ ڪئي آهي سو ڀروسي جوڳو هئڻ جي حيثيت سان پنهنجي راءِ ٿو ڏيان.


سو اسان خوشخبري ٻڌائيندڙ سنتن کي ايشور جي ديا سان هيءَ سيوا ملي آهي، جنهن ۾ اسين همت نہ ٿا هاريون.


اڳي اوهان ۾ بہ اهڙيون خواهشون هيون، جڏهن اوهين انهن موجب جيون گذاريندا هئا.


اي منهنجا پٽ تيمٿيس! تو بابت ايشور جي اڳي ڏنل فرمانن موجب آءٌ تو کي اهو حڪم ٿو ڏيان تہ تون انهن تي عمل ڪندي چڱي ويڙهہ وڙهندو رهہ ۽ پنهنجي وشواس ۽ صاف ضمير کي قائم رک.


۽ اهي ڪير هئا جن لاءِ ايشور قسم کڻي فرمايو تہ ”هو انهيءَ ملڪ ۾ داخل نہ ٿيندا، جتي آءٌ کين آرام ڏيان ها“؟ ڇا هو اهي نہ هئا جن نافرماني ڪئي؟


اڳي اوهين ڇڙوڇڙ هئا، پر هاڻي اوهين ايشور جي قوم آهيو. اڳي اوهان تي ديا ڪونہ ٿي هئي، پر هاڻي ايشور جي ديا ٿي اٿوَ.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ