Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 11:29 - Hindu Sindhi Bible

29 ڇاڪاڻ تہ ايشور پنهنجي ڪيل چونڊ ۽ پنهنجي ڏنل وردانن کان ڦري نہ ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

29 ڇالاءِ جو خدا جون نعمتون ۽ سندس ڪوٺ بي تبديل آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

29 ڇاڪاڻ تہ خدا پنهنجي ڪيل چونڊ ۽ پنهنجي ڏنل نعمتن کان ڦري نہ ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

29 ڇالاءِ⁠جو خدا جون بخششون ۽ سندس ڪيل چونڊ تبديل ٿيندڙ نہ آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 11:29
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڏسو، گذريل وقت ۾ اوهين غير قوم وارا بہ ايشور جا نافرمان هئا، پر هاڻي ايشور بني اسرائيل جي نافرمانيءَ جي ڪري اوهان تي ديا ڪئي آهي.


اسين ڄاڻون ٿا تہ ايشور سڀني ڳالهين ۾ انهن ماڻهن لاءِ ڀلائي رکي ٿو، جيڪي ساڻس پيار ڪن ٿا ۽ سندس مقصد لاءِ چونڊيا ويا آهن.


سو ايشور جن کي مخصوص ڪيو هو تن کي سڏيائين بہ، جن کي سڏيائين تن کي پاڻ ڏانهن سچار بہ بڻايائين ۽ جن کي سچار بڻايائين تن کي پنهنجي جوت ۾ بہ شريڪ ڪيائين.


هاڻي اي ڀائرو ۽ ڀينرون! ياد ڪريو تہ انهيءَ وقت اوهين ڇا هئا، جڏهن ايشور اوهان کي سڏيو. ماڻهن جي نظر ۾ تہ اوهان مان ڪي ٿورا ڏاها، ٿورا طاقتور ۽ ٿورا اميرزادا هئا.


آءٌ هيءَ بہ پرارٿنا ڪندو آهيان تہ اوهان جون دليون روشن ٿين، تہ جيئن اوهين سمجھي وٺو تہ ايشور جنهن اميد لاءِ اوهان کي سڏيو آهي سا ڪيڏي نہ وڏي آهي، مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن لاءِ سندس ميراث ڪيڏي نہ مهان آهي


تنهنڪري آءٌ، جيڪو پرڀو يسوع جو هئڻ ڪري قيدي آهيان، اوهان کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ جهڙي جيون گذارڻ لاءِ ايشور اوهان کي سڏيو آهي، اهڙو ئي لائق جيون گذاريو.


ڏسو، هڪڙو ئي شرير آهي ۽ هڪڙي ئي پوِتر آتما، جيئن اوهين بہ هڪڙي ئي اميد لاءِ سڏيا ويا آهيو.


تنهن منزل ڏانهن زور لڳائيندو ڊوڙندو وڃان، تہ جيئن سربلنديءَ وارو اهو انعام کٽان جنهن جو سڏ يسوع مسيح ۾ شامل هئڻ ڪري ايشور وٽان آيو آهي.


انهيءَ ڪري اسين هميشہ اوهان لاءِ پرارٿنا ڪندا رهندا آهيون، تہ شل اسان جو ايشور اوهان کي اهڙي جيون جي لائق قرار ڏئي جنهن لاءِ اوهان کي سڏيو ويو آهي. شل هو اوهان جي هر نيڪ خواهش ۽ جيڪو ڪم وشواس سان ڪريو ٿا تنهن کي پنهنجي شڪتيءَ سان پورو ڪري.


انهيءَ ايشور اسان کي مڪتي ڏني ۽ پوِتر جيون گذارڻ لاءِ پاڻ ڏانهن سڏيو. اهو اسان جي عملن جي ڪري نہ، پر سندس خاص ارادي ۽ انهيءَ ڪرپا موجب ٿيو، جيڪا اسان تي يسوع مسيح ۾ سنسار جي شروعات کان اڳ ڪئي ويئي هئي.


تنهنڪري اي پوِتر ۽ مخصوص ٿيل ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪي آڪاشي سڏ ۾ شامل آهيو، اوهين ايشور جي موڪليل انهيءَ ايلچيءَ ۽ سردار ڪاهن يسوع تي غور ڪريو، جنهن جو اسين اقرار ڪريون ٿا.


تنهنڪري، اي ڀائرو ۽ ڀينرون! پنهنجي سڏ ۽ چونڊ کي يقيني بڻائڻ لاءِ تن ۽ من سان ڪوشش ڪريو، ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن اوهين ائين ڪندا تہ ڪڏهن بہ ٿاٻو نہ کائيندا،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ