Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 11:22 - Hindu Sindhi Bible

22 سو ايشور جي ڪرپا ۽ سختيءَ کي ڌيان ۾ رکو. هو سختي انهن تي ٿو ڪري جيڪي ڀَٽڪي ويا آهن، جڏهن تہ اوهان تي ڪرپا ٿو ڪري. پر شرط هي آهي تہ اوهين سندس ڪرپا جو قدر ڪندا رهو، نہ تہ اوهين بہ ڀڃي اڇلايا ويندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

22 تڏهن تون خدا جي مهرباني ۽ سختي ڏس: سختي اُنهن تي جي ڪِري پيا، پر خدا جي مهرباني تو تي، بشرطيڪ تون سندس مهربانيءَ تي قائم رهندين: نہ تہ تون بہ وڍجي ويندين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

22 سو خدا جي مهربانيءَ ۽ سختيءَ کي ڌيان ۾ رکو. هو سختي انهن تي ٿو ڪري جيڪي گمراهہ ٿي ويا آهن، جڏهن تہ اوهان تي مهرباني ٿو ڪري. پر شرط هي آهي تہ اوهين سندس مهربانيءَ جو قدر ڪندا رهو، نہ تہ اوهين بہ ڀڃي اڇلايا ويندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

22 ڏسو، خدا ڪيڏو نہ مھربان ۽ سخت آھي. ھو انھن تي سخت آھي جيڪي گمراھہ ٿيا. پر اوھان تي ايستائين مھربان آھي جيستائين اوھين سندس مھربانيءَ تي قائم رھندا. پر جيڪڏھن اوھين قائم نہ رھندا تہ اوھين بہ ڀڳل ٽارين وانگر ٿيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 11:22
33 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر جيڪي ڀليءَ زمين تي ڪريا، سا ڀلي زمين اهي ماڻهو آهن جيڪي سنديش ٻڌن ٿا ۽ سچيءَ دل ۽ پوري توجھہ سان ان کي سانڍين ٿا ۽ ثابت قدميءَ سان ڦر جھلين ٿا.“


مون ۾ جيڪا ٽاري ميوو نہ ٿي جھلي تنهن کي هو وڍي اڇلائي ٿو. پر جيڪا ٽاري ميوو جھلي ٿي تنهن کي هو ڇانگي ٿو تہ جيئن اها وڌيڪ ميوو ڏئي.


پوءِ جن يهودين مٿس وشواس آندو هو، يسوع تن کي چيو تہ ”جيڪڏهن اوهين منهنجي ڳالهين تي قائم رهندا تہ اوهين سچ پچ منهنجا چيلا آهيو.


برنباس هڪ نيڪ شخص هو، جيڪو پوِتر آتما ۽ وشواس سان ڀرپور هو. جڏهن هو اتي پهتو ۽ ڏٺائين تہ ايشور ڪيئن نہ مٿن ڪرپا ڪئي آهي تڏهن هو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ حوصلہ‌افزائي ڪندي کين چيائين تہ ”پرڀو يسوع سان تن ۽ من سان وفادار رهجو.“ پوءِ اتي گھڻا ئي ماڻهو پرڀو يسوع تي وشواس آڻي منڊليءَ ۾ شامل ٿي ويا.


هنن هر هنڌ پرڀوءَ جي پوئلڳن جي وشواس کي مضبوط ڪيو ۽ کين نصيحت ڪئي تہ هو وشواس تي قائم رهن. هنن کين ٻڌايو تہ ”اسان سڀني کي ايشور جي راڄ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ڪيترين ئي مشڪلاتن مان لنگھڻو پوندو.“


هاڻ جڏهن ايشور بني اسرائيل وارن، يعني اصلي ٽارين کي بہ وڻ ۾ رهڻ نہ ڏنو، تہ پوءِ اوهين ڪيئن بچي سگھندا؟


جيڪي نيڪ ڪم ڪرڻ ۾ ثابت قدم رهندي مان، مهانتا ۽ ابناسي جيون جي تمنا رکندڙ آهن، تن کي ايشور امر جيون ڏيندو.


انهيءَ جي ئي وسيلي اوهان کي مڪتي ملي ٿي، بشرطيڪ جيڪا خوشخبري اوهان کي ٻڌائي هئم، تنهن تي جيئن جو تيئن پابند رهندا اچو، نہ تہ اوهان جو وشواس آڻڻ بنا ڪنهن سوچ سمجھہ جي آهي.


اسان کي نيڪي ڪرڻ ۾ ٿڪجڻ نہ گھرجي، ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن همت نہ هارينداسين تہ پوري وقت تي لابارو لاهينداسين.


اها حالت ڏسي آءٌ وڌيڪ برداشت ڪري نہ سگھيس، سو اوهان جي وشواس بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ تيمٿيس کي موڪليو هئم. مون کي ڊپ هو تہ متان ڪنهن طرح آزمائڻ واري، يعني شيطان اوهان کي آزمايو هجي ۽ اسان جي اوهان تي ڪيل محنت بيڪار ويئي هجي.


ڇاڪاڻ تہ پرڀو يسوع تي اوهان جي وشواس قائم رهڻ سان ئي اسان جي شرير ۾ ساهہ آهي.


اچو تہ جنهن اميد جو اسين اقرار ٿا ڪريون تنهن تي بنا ڪنهن شڪ شبهي جي قائم رهون، ڇاڪاڻ تہ جنهن اسان کي اها اميد ڏني آهي سو سچو آهي.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ اسين مسيح جا ساٿي ٿي ويا آهيون، بشرطيڪ اسين پنهنجي شروع واري اعتماد تي پڇاڙيءَ تائين مضبوطيءَ سان قائم رهون.


پر مسيح پٽ جي حيثيت ۾ ايشور جي گھراڻي جو مختيار هوندي وفادار رهيو. هاڻي ايشور جو گھراڻو اسين آهيون، بشرطيڪ اسين پنهنجي همت ۽ انهيءَ اميد تي قائم رهون، جنهن تي اسان کي اعتماد آهي.


مسيح جا اهي مخالف نڪتا تہ اسان منجھان ئي آهن، پر حقيقت ۾ اهي اسان منجھان نہ هئا، ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن هو اسان منجھان هجن ها تہ اسان سان گڏ رهن ها. هنن جو اسان کي ڇڏي وڃڻ اهو ثابت ڪري ٿو تہ انهن مان ڪنهن جو بہ اسان سان ڪو واسطو ڪونہ هو.


سو ياد ڪريو تہ اوهين ڪٿان ڪريا آهيو ۽ پوءِ توبهہ‌تائب ٿي اڳي وانگر عمل ڪريو. جيڪڏهن اوهان ائين نہ ڪيو تہ آءٌ اوهان وٽ ايندس ۽ اوهان جو شمعدان مقرر جاءِ تان کڻي ڇڏيندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ