رومين 11:12 - Hindu Sindhi Bible12 هاڻ جڏهن بني اسرائيل جو ڪِري پوڻ يعني انهن جو مڪتيءَ کي قبول نہ ڪرڻ سنسار جي سڀني غير قوم وارن لاءِ گھڻو فائديمند ثابت ٿيو، تہ پوءِ جڏهن بني اسرائيل ۾ وشواسين جو تعداد وڌي ڀرپور ٿيندو، تڏهن سڀني لاءِ ايشور جي ڪيڏي نہ وڌيڪ ديا ٿيندي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible12 هاڻي جي هنن جو ٿاٻڙجڻ جهان جي لاءِ دولت جو سبب ٿيو، ۽ هنن جي گهٽتائي غير قومن جي لاءِ دولت ٿي، تہ سندن ڀرپورائي ڪيڏي نہ وڏي دولت جو سبب ٿيندي؟ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible12 هاڻ جڏهن بني اسرائيل جو ڪِري پوڻ يعني انهن جو ڇوٽڪاري کي قبول نہ ڪرڻ دنيا جي سڀني غير قوم وارن لاءِ گھڻو فائديمند ثابت ٿيو، تہ پوءِ جڏهن بني اسرائيل ۾ ايمان وارن جو تعداد وڌي ڀرپور ٿيندو، تڏهن سڀني لاءِ خدا جي ڪيڏي نہ وڌيڪ رحمت ٿيندي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Common Language New Testament12 يھودين جو ڏوھہ دنيا جي لاءِ فائدي وارو ٿئي ٿو ۽ سندن نقصان غيرقومن لاءِ فائديمند ٿئي ٿو. پر جڏھن سڀ يھودي فرمانبردار ٿيندا تہ خدا جي ڪيڏي نہ وڏي رحمت ٿيندي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! هڪ ڳجھو ڀيد آهي، جيڪو آءٌ سمجھان ٿو تہ اوهان کي ڄاڻڻ گھرجي. شايد اهو اوهان کي انهيءَ ڳالهہ کان روڪي جو اوهين پنهنجو پاڻ کي داناءُ سمجھو. اهو ڀيد هي آهي تہ بني اسرائيل جي ڪن ماڻهن ۾ جيڪا دل جي سختي پيدا ٿي آهي، سا رڳو ايستائين رهندي جيستائين ايشور ڏانهن ڦري ايندڙ غير قومن جو تعداد پورو نہ ٿئي.