Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 11:11 - Hindu Sindhi Bible

11 پوءِ آءٌ پڇان ٿو تہ ڇا بني اسرائيل قوم ٿاٻو کائي ائين ڪِري پيئي جو وري ڪڏهن بحال نہ ٿيندي؟ نہ، هرگز نہ. ڏسو، بني اسرائيل جي انهيءَ ڪِري پوڻ جي ڪري غير قوم وارن کي مڪتي ملي ويئي، تہ جيئن اهو ڏسي بني اسرائيل کي غيرت اچي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 تڏهن آئون چوان ٿو تہ هنن انهي لاءِ ٿاٻو کاڌو ڇا تہ ڪِري پون؟ اصل ئي نہ! پر هنن جي ٿاٻڙجڻ ڪري غير قومن کي نجات ملي، انهي لاءِ تہ غيرت اچينِ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 پوءِ آءٌ پڇان ٿو تہ ڇا بني اسرائيل قوم ٿاٻو کائي ائين ڪِري پيئي جو وري ڪڏهن بحال نہ ٿيندي؟ نہ، هرگز نہ. ڏسو، بني اسرائيل جي انهيءَ ڪِري پوڻ جي ڪري غير قوم وارن کي ڇوٽڪارو ملي ويو، تہ جيئن اهو ڏسي بني اسرائيل کي غيرت اچي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

11 پوءِ آءٌ پڇان ٿو تہ جڏھن يھودين ٿاٻو کاڌو تہ ڇا اھي برباد ٿي ويا؟ نہ، بلڪل نہ. پر انھن جي ڏوھہ ڪرڻ ڪري غير قومن کي ڇوٽڪارو ملي ويو، تہ جيئن يھودي انھن تي ساڙ کائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 11:11
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هو پاڻ اچي انهن باغائين کي تباهہ ڪندو ۽ باغ ٻين جي حوالي ڪندو.“ جڏهن ماڻهن اهو ٻڌو تڏهن چوڻ لڳا تہ ”ايشور خير ڪري.“


جڏهن برنباس ۽ پولس يهودين جي ڀڳتيءَ واري جاءِ مان ٻاهر نڪتا تہ ماڻهن کين منٿون پئي ڪيون تہ اهي وري ٻئي سبت جي ڏينهن تي اچي کين انهن ڳالهين بابت وڌيڪ ٻڌائين.


جڏهن هو سندس خلاف ٿي پيا ۽ کيس گھٽ وڌ ڳالهائڻ لڳا تہ هن پنهنجا ڪپڙا ڇنڊيندي کين چيو تہ ”اوهين پنهنجي تباهيءَ جا ذميوار پاڻ آهيو، منهنجو ڪوبہ واسطو نہ آهي. اڄ کان پوءِ آءٌ غير قومن ڏانهن ويندس.“


آءٌ وري پڇان ٿو تہ ڇا بني اسرائيل جي ماڻهن کي اهو سنديش سمجھہ ۾ نہ آيو؟ ضرور آيو، پر مڃيائون ڪين. انهيءَ ڪري موسيٰ جي معرفت ايشور اڳي ئي فرمايو آهي تہ ”آءٌ اوهان کي انهن ماڻهن جي وسيلي غيرت ڏياريندس، جيڪي ڪا قوم ئي نہ آهن. آءٌ اوهان کي ان قوم جي وسيلي ڪاوڙائيندس، جيڪا بي‌سمجھہ آهي.“


تنهنڪري آءٌ پڇان ٿو تہ ڇا ايشور پنهنجي قوم کي رد ڪري ڇڏيو آهي؟ نہ، هرگز نہ. ڏسو، آءٌ پاڻ بہ تہ بني اسرائيل مان آهيان. هائو، آءٌ بہ ابرهام جي پيڙهيءَ ۽ بنيامين جي قبيلي مان آهيان.


هاڻ جڏهن بني اسرائيل جو ڪِري پوڻ يعني انهن جو مڪتيءَ کي قبول نہ ڪرڻ سنسار جي سڀني غير قوم وارن لاءِ گھڻو فائديمند ثابت ٿيو، تہ پوءِ جڏهن بني اسرائيل ۾ وشواسين جو تعداد وڌي ڀرپور ٿيندو، تڏهن سڀني لاءِ ايشور جي ڪيڏي نہ وڌيڪ ديا ٿيندي.


انهيءَ لاءِ تہ آءٌ ڪنهن طرح پنهنجي قوم وارن کي غيرت ڏياريان ۽ انهن مان ڪن کي بچائي وٺان.


اهڙيءَ طرح هاڻي بني اسرائيل نافرمان ٿيا آهن، تہ جيئن اوهان تي جيڪا ديا ٿي آهي سا انهن تي بہ ٿئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ