Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 10:14 - Hindu Sindhi Bible

14 پر جنهن تي هنن وشواس ئي نہ آندو آهي، تنهن کي هو ڪيئن ٻاڏائيندا؟ جنهن جي باري ۾ هنن ٻڌو ئي نہ آهي، تنهن تي ڪيئن وشواس آڻيندا؟ جيڪڏهن ڪو سنديش ٻڌائڻ وارو ئي ڪونہ آهي، تہ پوءِ هو ڪيئن ٻڌي سگھندا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 مگر جنهن تي هنن ايمان ڪونہ آندو آهي، تنهن کي ڪيئن پڪاريندا؟ ۽ جنهن جو ذڪر اُنهن ڪونہ ٻُڌو آهي، اُنهي تي ڪيئن ايمان آڻيندا؟ ۽ منادي ڪرڻ واري کانسواءِ هو ڪيئن ٻُڌندا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 پر جنهن تي هنن ايمان ئي نہ آندو آهي، تنهن کي هو ڪيئن ٻاڏائيندا؟ جنهن جي باري ۾ هنن ٻڌو ئي نہ آهي، تنهن تي ڪيئن ايمان آڻيندا؟ جيڪڏهن ڪو پيغام ٻڌائڻ وارو ئي ڪونہ آهي، تہ پوءِ هو ڪيئن ٻڌي سگھندا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

14 پر اھي کيس ڪيئن پڪاريندا جنھن تي انھن ايمان ئي نہ آندو آھي؟ اھي مٿس ڪيئن ايمان آڻيندا جنھن جي باري ۾ ھنن ٻڌو ئي نہ آھي؟ اھي ڪيئن ٻڌي سگھندا جيڪڏھن ڪو پيغام ٻڌائڻ وارو ئي ڪونہ آھي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 10:14
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهن وراڻيو تہ ’انهيءَ ڪري جو اسان کي پورهئي تي ڪنهن بہ ڪين بيهاريو آهي.‘ تنهن تي هن چين تہ ’چڱو، اوهين بہ وڃي منهنجي انگورن جي باغ ۾ ڪم ڪريو.‘


پر جيڪي لکيا ويا آهن تن جو مقصد هي آهي تہ جيئن اوهين وشواس آڻيو تہ يسوع ئي مسيح ۽ ايشور جو پٽ آهي ۽ مٿس وشواس آڻڻ سان اوهان کي هن ۾ جيون ملي.


تنهن تي هن پڇيس تہ ”سوامي! اهو ڪير آهي جو آءٌ مٿس وشواس آڻيان؟“


هن کانئن پڇيو تہ ”جڏهن اوهان مسيح تي وشواس آندو هو تہ اوهان کي پوِتر آتما ملي هئي يا نہ؟“ انهن جواب ڏنو تہ ”اسان تہ پوِتر آتما جو نالو ئي نہ ٻڌو آهي.“


تنهن تي هن وراڻيس تہ ”جيستائين ڪو مون کي نہ سمجھائيندو تيستائين آءٌ ڪيئن سمجھندس؟“ پوءِ هن فلپس کي وينتي ڪئي تہ ”اچي مون سان گڏ ويهو.“


انهيءَ جي ئي معرفت ايشور مون تي اها ڪرپا ڪئي جو آءٌ خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت مقرر ٿيس، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ مسيح جي نالي خاطر سڀني قومن جي ماڻهن کي هي سنديش ڏيان تہ هو وشواس آڻي فرمانبردار ٿين.


سو اوهين جيڪي ٻڌل وچنن کان پري هئا ۽ اهي جيڪي ويجھا هئا، تن ٻنهي کي مسيح اچي ميل ميلاپ جي خوشخبري ٻڌائي.


اوهان تہ مسيح بابت سنديش ٻڌو آهي ۽ جيڪا سچائي هن ۾ آهي، تنهن جي سکيا هن جا هئڻ ڪري اوهان کي ڏني ويئي آهي.


پر پرڀو يسوع مون سان گڏ هو، جنهن مون کي شڪتي ڏني، انهيءَ لاءِ تہ منهنجي وسيلي خوشخبريءَ جو پرچار پورو ٿئي ۽ سڀ غير قومون ان کي ٻڌن. ائين ڄڻ تہ آءٌ شينهن جي وات مان ڇڏايو ويس.


هاڻ مناسب وقت تي هن پنهنجي انهيءَ سنديش کي پرچار جي وسيلي ظاهر ڪيو. اهو پرچار اسان جي مڪتي ڏيندڙ ايشور جي حڪم سان مون پولس جي حوالي پڻ ڪيو ويو.


وشواس کان سواءِ ايشور کي پسند اچڻ ناممڪن آهي، ڇاڪاڻ تہ جيڪو ايشور ڏانهن اچي ٿو، تنهن لاءِ اهو وشواس رکڻ لازمي آهي تہ ايشور موجود آهي ۽ جيڪي چاهہ سان سندس ڳولائو ٿين ٿا تن کي لاڀ ڏئي ٿو.


اهڙي پرارٿنا جيڪا وشواس سان ڪئي ويندي، سا بيمار کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪندي ۽ پرميشور انهيءَ کي اٿاري کڙو ڪندو. جيڪڏهن هن پاپ ڪيا هوندا تہ کيس انهن جي بہ معافي ملندي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ