Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 1:23 - Hindu Sindhi Bible

23 هنن ابناسي ايشور کي مهانتا ڏيڻ جي بدران اهڙن بتن جي پوجا ڪئي جيڪي ناس ٿيندڙ انسانن، پکين، ريڙهيون پائيندڙن توڙي چوپاين جانورن جي صورت تي بڻايا ويا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

23 ۽ غير فاني خدا جي جلال کي فاني انسان، ۽ پکين، ۽ چوپاين، ۽ سُرندڙ جانورن جي شڪل جهڙيءَ صورت ۾ آندائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

23 هنن غير فاني خدا کي عظمت ڏيڻ جي بدران اهڙن بتن جي پوڄا ڪئي جيڪي فاني انسانن، پکين، ريڙهيون پائيندڙن توڙي چوپاين جانورن جي صورت تي بڻايا ويا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

23 انھن غير فاني خدا جي جلوي جي بجاءِ فاني انسانن، پکين، چوپاين ۽ جيت⁠جڻن کي خدا سمجھيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 1:23
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ان ۾ سڀني قسمن جا جانور، جيت‌جڻا ۽ پکي هئا.


هاڻ جيئن تہ اسين ايشور جو اولاد آهيون، تنهنڪري اهو مناسب نہ آهي جو اسين سمجھون تہ هن جي ذات سون، چانديءَ يا پٿر جي ڪنهن بت وانگر آهي، جيڪو انساني هنر ۽ ڪاريگريءَ سان ٺاهيو وڃي ٿو.


انهن ايشور جي سچائيءَ کي ڇڏي ڪوڙ کي قبول ڪيو ۽ ايشور جي رچيل شين کي مان ڏيئي انهن جي پوجا ڪئي. هائو، رچنا ڪندڙ ايشور کي ڇڏي ڏنائون، جنهن جي مهما شل هميشہ ٿيندي رهي. آمين.


اوهين ڄاڻو ٿا تہ پرڀو يسوع تي وشواس آڻڻ کان اڳ ۾ اوهان کي ڪنهن نہ ڪنهن نموني ڀَٽڪائي گونگن بتن ڏانهن نيو ويندو هو.


گذريل وقت ۾ اوهان بہ غير وشواسين جي مرضيءَ موجب جيڪا هلت ڪئي، يعني شهوت‌پرستيءَ، برين خواهشن، شراب‌خوريءَ، عياشيءَ، بداخلاقيءَ واري نچڻ ڳائڻ ۽ ڪراهت جهڙي بتن جي پوجا ڪرڻ ۾ گذاريو، سو ئي ڪافي آهي.


جيڪي ماڻهو انهن آفتن مان باقي بچيا، تن بڇڙائيءَ کان توبهہ نہ ڪئي. هائو، اهي برين آتمائن ۽ سون، چانديءَ، پتل، پٿر ۽ ڪاٺ جي ٺهيل بتن جي پوجا ڪرڻ کان نہ مڙيا، جيڪي نہ ڏسي سگھن ٿا، نہ ٻڌي سگھن ٿا ۽ نہ وري گھمي ڦري ٿا سگھن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ