Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 1:17 - Hindu Sindhi Bible

17 انهيءَ خوشخبريءَ مان اهو ظاهر آهي تہ ايشور ماڻهن کي پاڻ ڏانهن ڪيئن سچار ٿو ڪري. اهو رڳو وشواس رکڻ جي وسيلي شروعات کان وٺي پڇاڙيءَ تائين ٿئي ٿو، جيئن پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”جنهن کي وشواس جي وسيلي ايشور ڏانهن سچار ڪيو ويو آهي، سو ئي جيوت آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 ڇالاءِ جو انهيءَ ۾ خدا جي راستبازي ايمان جي وسيلي ايمان لاءِ ظاهر ٿي ٿئي، جيئن ڪ لکيل آهي، تہ ”راستباز ايمان جي ڪري جيئرو رهندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 انهيءَ خوشخبريءَ مان اهو ظاهر آهي تہ خدا ماڻهن کي پاڻ ڏانهن ڪيئن سچار ٿو ڪري. اهو رڳو ايمان رکڻ جي وسيلي شروعات کان وٺي پڇاڙيءَ تائين ٿئي ٿو، جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”جنهن کي ايمان جي وسيلي خدا ڏانهن سچار ڪيو ويو آهي، سو ئي جيئرو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

17 ڇاڪاڻ⁠تہ انھيءَ خوشخبريءَ مان اھو ظاھر آھي تہ خدا ماڻھن کي پاڻ ڏانھن ڪيئن سچار ٿو ڪري. اھو رڳو ايمان جي ئي وسيلي شروعات کان وٺي پڇاڙيءَ تائين ٿئي ٿو. جيئن لکيل آھي تہ ”جنھن کي ايمان جي وسيلي خدا ڏانھن سچار ڪيو ويو آھي، تنھن کي ئي زندگي ملندي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 1:17
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪو بہ پٽ تي وشواس آڻي ٿو، تنهن کي امر جيون مليل آهي. پر جيڪو پٽ کي قبول نہ ٿو ڪري، تنهن کي اهو جيون ڪڏهن بہ نہ ملندو، اٽلندو ايشور جو ڏمر مٿس رهي ٿو.


تہ ماڻهو ڪهڙيءَ طرح ايشور ڏانهن سچار بڻجي ٿو. سو هو نيم وسيلي ايشور وٽ سچار طور قبول پوڻ جي ڪوشش ڪندا رهن ٿا. ائين هو ايشور ڏانهن سچار بڻجڻ جو صحيح رستو اختيار نہ ٿا ڪن.


پر هاڻي ايشور پنهنجي سچائي ظاهر ڪري ڏيکاري آهي ۽ ان سان نيم جو ڪوبہ واسطو نہ آهي. انهيءَ ڳالهہ جي شاهدي موسيٰ جو شاستر ۽ ٻين سنتن جون پوِتر لکتون ڏين ٿيون.


جيڪا سچائي هاڻي ظاهر ٿي آهي سا هيءَ آهي تہ ايشور انهن سڀني ماڻهن کي پاڻ ڏانهن سچار ڪري ٿو جيڪي يسوع مسيح تي وشواس آڻين ٿا، پوءِ اهي يهودي هجن توڙي غير يهودي. اهي سڀ هڪ جهڙا آهن،


پوءِ جيڪڏهن انهن مان ڪن بيوفائي ڪئي تہ ڇا ٿيو؟ ڇا انهن جي بيوفائي ايشور جي وفا کي بيڪار بڻائي سگھي ٿي؟


ان مان اسان جي چوڻ جو مطلب هي آهي تہ جيتوڻيڪ غير قوم وارن ايشور وٽ سچار طور قبول پوڻ جي ڪا ڪوشش نہ ڪئي، تہ بہ انهن مان ڪن کي ايشور پاڻ ڏانهن سچار بڻايو ۽ اهو سندن وشواس رکڻ جي ڪري ئي ٿيو.


هائو، جيڪڏهن اها ڏوهاري بڻائڻ واري سيوا ايڏي جوت واري هئي، تہ پوءِ جنهن سيوا جي ڪري ماڻهو سچار ٿا بڻايا وڃن سا ضرور انهيءَ کان بہ وڌيڪ جوت واري هوندي.


مسيح جيڪو پاپ کان پوِتر هو، تنهن کي ايشور اسان جي واسطي پاپ جو ٻليدان مقرر ڪيو، تہ جيئن مسيح ۾ هئڻ ڪري اسان مان ايشور جي سچائي ظاهر ٿئي.


هاڻي اها ڳالهہ صاف ظاهر آهي تہ ڪوبہ ماڻهو نيم جي وسيلي ايشور آڏو سچار نہ ٿو بڻجي، جيئن پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”جنهن کي وشواس جي وسيلي ايشور ڏانهن سچار بڻايو ويو آهي، سو ئي جيوت آهي.“


۽ هن سان پوريءَ طرح گڏيل ثابت ٿيان. اهو منهنجي انهيءَ سچائيءَ رکڻ سان ناهي جيڪا نيم تي عمل ڪرڻ وسيلي آهي، پر انهيءَ سچائيءَ سبب آهي جيڪا مسيح تي وشواس آڻڻ جي وسيلي حاصل ٿئي ٿي. هائو، وشواس جي ڪري ئي ايشور ماڻهن کي پاڻ ڏانهن سچار ٿو بڻائي.


ان وقت جيڪو منهنجو سچار ماڻهو هوندو، سو وشواس جي وسيلي جيوت رهندو، پر جيڪڏهن ڪو پوئتي هٽندو، تہ آءٌ هن کان خوش نہ ٿيندس.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ