Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 8:13 - Hindu Sindhi Bible

13 پوءِ مون هڪڙي عقاب کي مٿي اڏامندي ڏٺو، جنهن کي وڏي آواز سان اهو چوندي ٻڌم تہ ”ٽن دوتن جا توتارا وڄائڻ اڃا باقي آهن ۽ جڏهن اهي وڄايا ويندا تہ ڌرتيءَ تي رهڻ وارن تي ڪيڏي نہ مصيبت ايندي! هائو، مصيبت مٿان مصيبت.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 ۽ مون آسمان جي وچ ۾ هڪڙي عقاب کي اُڏامندو ڏٺو ۽ وڏي آواز سان هيئن چوندو ٻُڌم، تہ باقي ٽن ملائڪن جون تريون، جي اڃا انهن کي وڄائڻيون آهن، تن جي ڪري زمين جي رهڻ وارن تي افسوس، افسوس، افسوس!

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 پوءِ مون هڪڙي عقاب کي مٿي اڏامندي ڏٺو، جنهن کي وڏي آواز سان اهو چوندي ٻڌم تہ ”ٽن ملائڪن جا توتارا وڄائڻ اڃا باقي آهن ۽ جڏهن اهي وڄايا ويندا تہ زمين تي رهڻ وارن تي ڪيڏي نہ مصيبت ايندي! هائو، مصيبت مٿان مصيبت.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

13 پوءِ مون آسمان جي وچ ۾ ھڪڙي عقاب کي اڏامندي ڏٺو ۽ کيس وڏي آواز سان چوندي ٻڌم تہ ”ٽن ملائڪن جا توتارا وڄائڻ اڃا باقي آھن ۽ جڏھن اُھي وڄايا ويندا تہ زمين تي رھڻ وارن تي ڪيڏو نہ افسوس ٿيندو، ھا افسوس صد افسوس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 8:13
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇا اهي سڀ دوت ڀڳتي ڪندڙ آتمائون نہ آهن، جيڪي ميراث طور مڪتي حاصل ڪندڙن جي سيوا لاءِ موڪليا وڃن ٿا؟


ائين ٻي مصيبت بہ لنگھي ويئي. هاڻ ٽين مصيبت جلد اچڻ واري آهي.


تنهنڪري اي آڪاشؤ ۽ آڪاشن جا رهاڪؤ! اوهين خوشيون ڪريو. پر اي ڌرتي ۽ سمنڊ! اوهان لاءِ مصيبت آهي، ڇاڪاڻ تہ شيطان اوهان تي اچي پيو آهي. هو ڏاڍيءَ ڪاوڙ ۾ آهي ڇو جو هو ڄاڻي ٿو تہ سندس وقت باقي ٿورو وڃي بچيو آهي.“


اهو آواز انهن هڪ لک چوئيتاليهہ هزار ماڻهن جو هو، جيڪي تخت توڙي چئني ساهوارن ۽ مهاتمائن جي اڳيان بيهي هڪ نئون ڀڄن ڳائي رهيا هئا. گھيٽڙي مُلهہ ڏيئي انهن ماڻهن کي سنسار مان خريد ڪيو هو ۽ رڳو اهي ئي اهو ڀڄن سکي ٿي سگھيا.


تنهن کان پوءِ مون هڪڙو دوت مٿي اڏامندي ڏٺو، جنهن وٽ ڌرتيءَ جي رهاڪن يعني سڀني قومن، قبيلن، ٻولين وارن ۽ ذاتين کي ٻڌائڻ لاءِ هميشہ واري خوشخبري هئي.


ان وقت مون سج ۾ هڪڙو دوت بيٺل ڏٺو، جنهن مٿي اڏامندڙ سڀني پکين کي وڏي آواز سان سڏ ڪري چيو تہ ”اچو ۽ ايشور جي رسوئيءَ واري وڏي دعوت ۾ شريڪ ٿي ڪري


جيئن تہ اوهين منهنجي حڪم مطابق ثابت قدم رهيا آهيو، تنهنڪري آءٌ آزمائش جي انهيءَ گھڙيءَ ۾ اوهان جي سنڀال ڪندس، جيڪا ڌرتيءَ تي رهڻ وارن جي آزمائش لاءِ سڄي سنسار تي اچڻي آهي.


پوءِ مون اهي ست دوت ڏٺا، جيڪي ايشور جي اڳيان بيٺا هوندا آهن. انهن کي ست توتارا ڏنا ويا.


جڏهن پنجين دوت توتارو وڄايو تہ مون آڪاش مان ڌرتيءَ تي ڪريل هڪ تارو ڏٺو. اُن تاري کي اوڙاهہ واري کڏ جي چاٻي ڏني ويئي.


ائين پهرين مصيبت گذري ويئي، پر ياد رکو، اڃا ٻہ ٻيون مصيبتون باقي اچڻيون آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ