Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 5:11 - Hindu Sindhi Bible

11 ڏسندي ڏسندي مون تخت، چئني ساهوارن ۽ مهاتمائن جي چوڌاري تمام گھڻن دوتن جا آواز ٻڌا، جن جو تعداد لکن ۽ ڪروڙن ۾ هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 ۽ مون ڏٺو ۽ اُنهي تخت، ۽ اُنهن جاندارن، ۽ بزرگن جي چوگرد گهڻن ئي ملائڪن جو آواز ٻُڌم؛ ۽ اُهي شمار ۾ لکن جا لک ۽ هزارن جا هزار هئا؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 ڏسندي ڏسندي مون تخت، چئني ساهوارن ۽ بزرگن جي چوڌاري تمام گھڻن ملائڪن جا آواز ٻڌا، جن جو تعداد لکن ۽ ڪروڙن ۾ هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

11 ڏسندي ڏسندي مون تخت، ساھوارن ۽ بزرگن جي چوڌاري تمام گھڻن ملائڪن جا آواز ٻڌا، انھن جو تعداد لکن ۽ ڪروڙن ۾ ھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 5:11
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڏسو، اوهين سينا جبل وٽ اچڻ وارن جيان نہ، پر صيئون جبل تي جيوت ايشور جي شهر وارن جيان ايشور جي شرڻ ۾ آيا آهيو. اتي آڪاشي يروشلم وٽ جشن ملهائيندڙ بي‌شمار دوتن جي محفل آهي.


حنُوڪ، جيڪو آدم جي ستين پيڙهيءَ مان هو، تنهن بہ انهن ماڻهن جي باري ۾ اڳڪٿي ڪندي چيو هو تہ ”ياد رکو، پرميشور پنهنجي لکين دوتن سان ايندو.


پوءِ مون ڄڻ تہ هڪڙي وڏي ميڙ جو آواز وري ٻڌو، جيڪو زور سان وهندڙ پاڻيءَ ۽ گجندڙ ڪڪرن جي آواز جهڙو هو، جنهن چيو تہ ”پرڀو پرميشور جي مهما هجي! ڇاڪاڻ تہ پرڀو اسان جو ايشور جيڪو سروِشڪتيوان آهي، تنهن جو راڄ ڌرتيءَ تي قائم ٿي ويو آهي.


انهيءَ تخت جي چوڌاري چوويهہ تخت ٻيا بہ هئا ۽ انهن تختن تي مون چوويهہ مهاتما ويٺل ڏٺا، جن کي اڇا ڪپڙا پهريل هئا ۽ انهن جي مٿن تي سونا تاج هئا.


تخت جي اڳيان بلور جهڙو ڄڻ تہ شيشي جو هڪ سمنڊ هو. تخت جي چوڌاري چئني پاسن تي چار ساهوارا هئا، جن کي اڳيان توڙي پٺيان اکيون ئي اکيون هيون.


اهي چارئي ساهوارا ”آمين، آمين“ چوندا رهيا ۽ اهي مهاتما منهن ڀر ڪري سيس نوائڻ لڳا.


پوءِ مون چئن ساهوارن ۽ انهن مهاتمائن جي وچ ۾ رکيل انهيءَ تخت وٽ هڪڙو گھيٽڙو بيٺل ڏٺو. ائين ٿي لڳو تہ هن کي ڪُٺو ويو هجي. انهيءَ کي ست سڱ ۽ ست اکيون هيون. اهي اکيون ايشور جون ست آتمائون آهن جيڪي سڄي ڌرتيءَ تي موڪليون ويون آهن.


جڏهن هن اهو ويڙهوٽو ورتو تہ اهي چارئي ساهوارا ۽ چوويهہ مهاتما انهيءَ گھيٽڙي جي پيرن تي ڪري پيا. انهن مهاتمائن مان هر هڪ جي هٿن ۾ هڪڙي ستارَ ۽ لوبان سان ڀريل سونو پيالو هو. اهو لوبان مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن جون پرارٿنائون هيون.


سڀيئي دوت ان تخت، انهن مهاتمائن ۽ چئني ساهوارن جي چوڌاري بيهي رهيا ۽ تخت جي اڳيان منهن ڀر ڪري ايشور آڏو سيس نوائي


ان وقت مون اهو ٻڌو تہ انهن دوتن جي لشڪر ۾ گھوڙي سوارن جو تعداد ويهہ ڪروڙ آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ