Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 22:8 - Hindu Sindhi Bible

8 آءٌ يوحنا اهو آهيان جنهن اهي ڳالهيون ٻڌيون ۽ ڏٺيون. سو جڏهن مون ٻڌو ۽ ڏٺو تڏهن انهيءَ دوت جي پيرن تي ڪري سندس آڏو سيس نوائڻ لڳس، جنهن مون کي اهي ڳالهيون ڏيکاريون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 ۽ آئون يوحنا اُهو آهيان، جنهن اهي ڳالهيون ٻُڌيون ۽ ڏٺيون. ۽ جڏهن مون ڏٺو ۽ ٻُڌو، تڏهن جنهن ملائڪ مون کي اهي ڳالهيون ڏيکاريون، تنهن کي آئون پيرين پئي سجدو ڪرڻ لڳس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 آءٌ يوحنا اهو آهيان جنهن اهي ڳالهيون ٻڌيون ۽ ڏٺيون. سو جڏهن مون ٻڌو ۽ ڏٺو تڏهن انهيءَ ملائڪ جي پيرن تي ڪري سجدو ڪرڻ لڳس، جنهن مون کي اهي ڳالهيون ڏيکاريون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

8 آءٌ يوحنا، اھو آھيان جنھن اھي ڳالھيون ٻڌيون ۽ ڏٺيون. سو جڏھن مون ٻڌو ۽ ڏٺو تڏھن انھيءَ ملائڪ جي پيرن تي ڪري سجدو ڪرڻ لڳس، جنھن مون کي اھي ڳالھيون ڏيکاريون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 22:8
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر پطرس کيس مٿي اٿاريندي چيو تہ ”اُٿو، آءٌ پاڻ بہ هڪ انسان آهيان.“


هن شاستر ۾ انهن ڳالهين جو بيان آهي، جيڪي يسوع مسيح ظاهر ڪيون. اها آڪاش‌واڻي ايشور هن کي انهيءَ لاءِ ڏني تہ هو پنهنجي داسن کي اهي ڳالهيون ڏيکاري جيڪي جلد ٿيڻ واريون آهن. مسيح پنهنجي دوت جي وسيلي پنهنجي داس يوحنا تي اهي ڳالهيون ظاهر ڪيون.


هي سنديش يوحنا جي طرفان وشواسين جي انهن ستن منڊلين ڏانهن آهي جيڪي آسيا صوبي ۾ آهن. شل اوهان تي ايشور جي ڪرپا ۽ شانتي هجي، جيڪو آهي، جيڪو هو ۽ جيڪو اچي عدالت ڪندو. انهيءَ کان علاوہ جيڪي ست آتمائون ايشور جي تخت جي اڳيان آهن، تن وٽان بہ اوهان تي ڪرپا ۽ شانتي هجي


تڏهن آءٌ هن جي اڳيان سيس نوائڻ لاءِ سندس پيرن تي ڪري پيس. پر هُن مون کي چيو تہ ”خبردار، متان ائين ڪرين! رڳو ايشور آڏو ئي سيس نواءِ! آءٌ تہ تو وانگر ۽ تنهنجي ڀائرن ڀينرن وانگر سيوا ڪرڻ وارو آهيان جيڪي سڀ يسوع بابت شاهدي ڏيڻ تي قائم آهيون، ڇاڪاڻ تہ يسوع بابت شاهدي ئي ايشور جي سنديش جو نچوڙ آهي.“


پوءِ مون انهيءَ حيوان، ڌرتيءَ جي راجائن ۽ سندن لشڪرن کي ڏٺو، جيڪي انهيءَ اڇي گھوڙي جي سوار ۽ سندس لشڪر سان جنگ ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ